16/09/2017

ڪتاب ”محبت جن جي من“ - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
رياضت ٻرڙي جو سهيڙيل ڪتاب
”محبت جن جي من“ جو تعارف


هن ڪتاب جا 5 ڀاڱا / باب آهن ، ڪتاب جو پيش لفظ لکيو آهي رياضت ٻرڙي، جڏهن ته سڀ کان پهرين ٻه پروفائيل ڏنل آهن، ٻيون مقالا / مضمون جن جو انگ 10 آهي. 3 ڪتابن جا اڀياس، تعارف ۽ تبصرا -13 ڏنل آهن، 4 تاثر ۽ يادگيريون 31، جڏهن  ته 5 ڀاڱي / باب ۾ ڊاڪٽر محبت بابت شاعري ڏني وئي آهي.
اپريل 1997ع تي وڇڙي ويل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 20 هين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيل هي ڪتاب جنهن کي”اڪيڊمي ادبيات“ جي مالي سهڪار سان شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بابت لکيل، مختلف ليکڪن جون لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو هي 54-هون ڪتاب آهي جيڪو قنبر ۽ ڄامشوري کي ارپيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي حياتيءَ جا ڪيترائي املهه ورهيه گذاريندي علم ۽ ادب لاءِ جاکوڙ ڪئي. ڊاڪٽر محبت جا 19 ڪتاب سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپرايا ويا آهن. جڏهن ته هيءُ 20-هون ڪتاب  ڊاڪٽر محبت بابت مختلف ليکڪن جون لکيل لکڻيون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر محبت جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، صحافتي، تخليقي، تنقيدي، تحقيقي ۽ تحريڪي وهنوار جا احوال ڏنل آهن، ته ڪهڙيءَ ريت هڪ نوجوان پنهنجين صلاحيتن آڌار سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي. ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي زندگي ننڍايل خاڪو“ رياضت ٻرڙو، سندس ڄم ۽  تعليم، نوڪري ۽ خانگي ڪلينڪ، شادي ۽ اولاد، مطالعو، ادبي، صحافتي، سرگرميون، پبلشنگ ادارو، سنڌالاجيءَ لاءِ ڪيل ڪم، سماجي خدمتون، قلمي نالا، سنڌي ادبي سنگت قنبر سان وابستگي، سياسي سرگرميون، تخليقي، سياسي ڪتاب، عوامي  تحريڪ سان وابستگي، علمي ۽ عملي ڪم جي شروعات، وفات، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڊاڪٽر محبت جي شايع ٿيل ڪتابن جو وچور ڏنو ويو آهي. پروفائيل-2 ۾ ڇپيل / اڻ ڇپيل لکڻين جو وچور ڏنو ويو آهي.

لسانيات، لغات، اصطلاح سازي، جدليات، فلسفي، انسائيڪليوپيڊيا سنڌيڪا، ڪهاڻيون، شاعري مضمون، مقالا، تقريرون، ليڪچر، اڀياس، تخليق، تحقيق، تنقيد ۽ خطن بابت اهم لکڻيون، ڪتاب جي فڪري سونهن ۾ واڌارو ڪن ٿيون.
مقالا / مضمون:
”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جو وڃايل لفظ “ قاسم ٻگهيو * ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ  سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق هدايت پريم  * ”سنڌي زبان  ۾ فني اصطلاح سازي  ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لساني مهارتون“ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي * ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: سنڌ جو سقراط“ جامي چانڊيو * ”کهي جا کنيائين وک تنهن ويجهي ڪئي“ ڊاڪٽر بخت جمال * ”سنڌ جو محبوب ماڻهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو“ اعجاز قريشي * ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سچو ۽ جاکوڙي سپوت“ امداد سيلرو * ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ماهر لسانيات“ رضوان گل * ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو“ آزاد انور ڪانڌڙو * ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو تاريخ جو تسلسل“  ڊاڪٽر پرهه سڪينا گاد  *
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ڪتاب:
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 19 ڪتابن جو سرسري جائزو ورتو آهي، ڊاڪٽر احسان دانش * ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ترجمن جو تنقيدي جائزو ورتو آهي، ڊاڪٽر فياض لطيف * انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جي  ٻئي ڀاڱي جو جائزو ورتو آهي ستار هڪڙي * ماڻهپي جو سفر، رياضت ٻرڙي جو اڀياس * ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جو اڀياس ڪيو آهي، ڊاڪٽر احسان دانش * ڊاڪٽر محبت جا ڪتاب ”شعور“ ۽ ”فلسفو:  هڪ مطالعو“، ستار هڪڙو * ڊاڪٽر محبت جون ڪهاڻيون، سعيد سومرو * ڪتاب ”يادون ۽ سڪون“ قمرالدين قمر * ڊاڪٽر محبت جون ڪهاڻيون ۽  انهن جي ڪردارن جو جائزو، رياضت ٻرڙو *
تاثر ۽ يادگيريون:
ڊاڪٽر سڪندر مغل، ڊاڪٽر ايوب جروار، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، منير ڀرڳڙي، ولي عباسي، پروفيسر منظور  ڇڇڙو، شاهنواز راڄپر، منظور ڪوهيار، علي آڪاش، ڀائو درمحمد ٻرڙو، پروفيسر عطاءُ الله ابڙو، سرمد چانڊيو، خادم رند، دين محمد ڪلهوڙو، معصوم، علي زاهد، ساگر حنيف بڙدي، ملهار سنڌي، منير چانڊيو، عيسيٰ ميمڻ، احمد علي ”صابر“ چانڊيو، عبدالخالق ميڻو، رياضت ٻرڙو ۽ ٻين عالمن، اديبن، قومي، سياسي، اڳواڻن، شاعرن ۽  سماج سڌارڪن جا ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بابت تاثر ڏنل آهن. چار سئو صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب جو ملهه آهي چار سئو رپيا.  جڏهن ته ڪتاب جو ٽائيٽل  ٺاهيو آهي ڊاڪٽر احسان دانش. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي زندگيءَ جي سموري علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي ڪم کي هن ڪتاب ۾ گهڻيءَ حد تائين سهيڙيو ويو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت بابت انتهائي اهم ڄاڻ ڏيندڙ آهي، جيڪو نئين نسل جي رهبري ڪندڙ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. تخليق، تنقيد، تحقيق ۽ تحريڪ جي حوالي سان هن ڪتاب ۾تمام گهڻو مواد ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب مان ڄاڻ پوي ٿي ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي حياتيءَ جو  هڪ هڪ پل سنڌي ادب، ٻولي، لغت، سياست، صحافت، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ ڪتب آندو ۽ جيڪي علم جي شعور جون ڏياٽيون / مشعلون ٻاريون اهي اڄ  به روشن ۽ سلامت آهن ۽ جيئن جو تيئن پنهنجي علم جي سوجهري سان سماج ۾ موجود ۽ نروار آهن.

جس آهي  دوست رياضت ٻرڙي کي جنهن مستقل مزاجيءَ سان انهن مشعلن کي روشن رکڻ لاءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ، علم، عقل، پنهنجو  وقت ۽ وسيلا ڪتب آڻيندي، پنهنجي مٿان پيل اخلاقي ذميواريءَ کي نڀايو آهي ۽ سماج ۾ هڪ ذميوار فرد هجڻ جو مثال قائم ڪري ايندڙ نسلن لاءِ اهڙين ذميوارين نڀائڻ  جو ورثو ۽ اعليٰ روايت کي منتقل ڪيو آهي. عظيم آهن اهي ماڻهو جن جي روايتن تي هلندي سنڌ جو نئون نسل فخر محسوس ڪري ٿو. اهڙو فخر جنهن ۾ حب الوطني به آهي ته فرض شناسي به آهي. تاريخ  ڪنهن جو به پورهيو ناهي وڃائيندي، اڄ  ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنهنجي سموري ڏات ۽ ڏاهپ سان اسان سڀني جي وچ ۾ پنهنجي لکڻين جي روپ ۾ موجود آهي، جيڪا سندس عملي، علمي ۽ ادبي، محنت جي مهانتا ۽ امرتا آهي.

No comments:

Post a Comment