16/09/2017

ڌرتي: منهنجو گهر - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
ڌرتي: منهنجو گهر


هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ پڌرو ڪيو ويو هئو. ڪتاب جي علمي اهميت کي ڏسندي هاڻي ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو پڌرو ڪيو ويو آهي.
* هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لکڻيون شامل آهن جن ۾ سائنسي انداز فڪر سمايل آهي، غير سائنسي ۽ وهمي سوچ جي نندا ڪيل آهي، هن تحقيقي طور جيڪي به لکڻيون لکيون آهن، اهي اڻ ڄاڻائي، ڄٽائپ، سونسي، وهم، عقيدي، زوربار، جهل کان آجيون آهن ۽ ڄاڻ، سوچ، سمجهه، عقليت پسنديءَ، دليل، مشاهدي ۽ تجربي تي آڌاريل آهن. هن جي ادبي ۽ تحقيقي  مقالن / مضمونن  ۾ پڻ روايت پرستيءَ بدران استدلال کي پرکي سگهجي ٿو.

ڌرتي: منهنجو گهر“ سٽاءُ:  ٻه اکر- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو * ٿوري ڄاڻ سڄاڻ * اسين ڪٿي رهون ٿا؟ * ڌرتي ڪئين آهي؟ * ڌرتيءَ جي ڄمار  *  ڌرتيءَ جو گولو / ڇا ڌرتي گول آهي؟ *  هڪ وڏو چقمق * اچو ته ڌرتي ٺاهيون ۽ ان  کي وڍيون * ڌرتي جو اندر ڪيئن ڏٺو  ويو؟ * ڌرتيءَ  جو قد ڪاٺ * ننڍڙي ڌرتي / وڏڙي ڌرتي * ڌرتي جي ماپ ۽ تور * ڌرتيءَ جي چرپر * ڌرتيءَ  جو وايومنڊل * ڪجهه وصفون / سمجهاڻيون. هي ڌرتي بابت  ابتدائي ڄاڻ تي ٻڌل هڪ ڪتاب آهي  جيڪو سنڌي شاگردن جي سائنسي مطالعي جو  پورائو ڪندڙ آهي. ڪتاب ۾ شامل مضمون / مقالا ۽ انهن جا موضوع  ۽ موضوعن جي پس منظر ۾ لکيل تحقيقي لکڻيون، ڌرتيءَ بابت گهڻ پاسائين علمي ڄاڻ مهيا ڪن ٿيون.
هن ڪتاب  ۾ ڪيترائي اهم سوال  ڪيل ۽ انهن جا جواب ڏنل آهن.
* ڌرتي ڇا جي ٺهيل آهي؟
* ڌرتي ڪيئن ٺهي؟
* ڌرتي ڪيئن وجود ۾ آئي؟
اهي سوال ۽ ڪجهه ٻيا سوال انسان جي  ذهن کي ڌونڌاڙيندا رهيا آهن. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڌرتي سان لاڳاپيل سمورن ساهوارن، توڙي وڻن ٽڻن کان ويندي زراعت، جبلن، ڀٽن، وارياسن پٽن، رڻن، لوهه، سون، چاندي، سرمي، پاڻي، مٽي، ريت بابت پنهنجن اونهن ويچارن جي اپٽار ڪندي جديد علم جي گهرج جو پورائو ڪيو آهي، جيڪو نج پج، نرالو، نئون ۽ سڀاويڪ آهي، جنهن  جي آڌار تي نئون سماج ۽ نئون انسان جنم وٺي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪي نوجوان علم جي هن ڌارا سان سلهاڙيل هوندا ته انهن کي ئي هن علم جي اهميت جي ڄاڻ  هوندي. ڌرتيءَ جي جنم بابت سموري دنيا جي ڏاهن، آڳاٽن کان آڳاٽن علم جي ماهرن جا تجربا، مشاهدا، علمي رايا، لوڪ روايتون ۽ علم ڏاهپ وسيلي ڌرتيءَ جي جنم بابت ويچار ونڊيل آهن، جيڪي هن ڪتاب جي هر هڪ مقالي / مضمون ۾ آندا ويا آهن. ڌرتي بابت ڄاڻ / علم خاص ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب جي پاٺڪن يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي شاگردن خاص ڪري، جيالاجيءَ ۽ جاگرافيءَ  جي ماهرن جي علم، تجربن، مشاهدن کي عام ڪيو ويو آهي، جنهن جي آڌار تي سنڌ جا شاگرد ان مان لاڀ ڀرائي سگهندا، ڇاڪاڻ جو اسان جنهن ڌرتيءَ تي رهون ٿا، کائون پيون، گهمون، گهتون ٿا، ان جي جوڙجڪ ڪڏهن کان ۽ ڪيئن ٿي آهي، ان بابت به ڄاڻ ضروري هجڻ گهرجي ۽ ان ڄاڻ کي پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻ به گهرجي جنهن لاءِ هن ڪتاب يا هن ڪتاب جهڙا ٻيا سڀئي ڪتاب پنهنجي مطالعي هيٺ  آڻي ڌرتي جي جنم ۽ ان جي ڪارج ۽ ان جي امرتا بابت علم / ڄاڻ  حاصل ڪرڻ جي اهم گهرج آهي، جنهن کان  ڪن لاٽار نٿي ڪري سگهجي.

هي ڪتاب سائنسي علم جو ڀرپور اڀياس ڪرائي ٿو، جيڪو علميت ۽ عقليت پسندي ڏانهن وٺي هلڻ لاءِ پڙهندڙ جو سهڪاري بڻجي ٿو. هيءُ ڪتاب  گهڻ پاسائين سائنسي ڄاڻ ڏئي ٿو جنهن جو محور ۽ مرڪز ڌرتي آهي، ڌرتيءَ سان لاڳاپيل مڙني عنصرن بابت هن ڪتاب ۾تحقيقي مواد ڏنو ويو آهي. 96 صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب جو ملهه آهي 100 رپيا. هي ڪتاب  سهيڙيو آهي منهنجي دوست رياضت ٻرڙي. جڏهن ته ڊاڪٽر محبت  اڪيڊمي قمبر جو هيءُ پنجونجاهون ڪتاب آهي، جيڪو نئين نسل جي علم جي گهرج جو پورائو ڪندڙ نهايت ئي اهم ڪتاب آهي، جيڪو ضرور پڙهڻ گهرجي. هي ڪتاب اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي مالي سهڪار سان پيو ويو آهي، جنهن جو ٽائيٽل ۽ بئڪ ٽائيٽل رضوان گل ٺاهيو / لکيو آهي.

No comments:

Post a Comment