18/09/2017

ڪتاب سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب ۾ ناشر پاران نوٽ، پيش لفظ سنڌ ۾ ٻولي ۽ سياست. سنڌي ٻوليءَ جو مقدمو، سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ۽ ترقي، سنڌي ٻولي ۽ سماج، سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ، سنڌي ٻولي: ماضي حال ۽ مستقبل، سنڌي مادري ٻوليءَ جي تعليم: تاريخ ۽ پس منظر، سنڌي ٻولي بحيثيت ڪاروباري ٻولي، ون يونٽ دور ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم، سنڌي ٻولي ۽ حيدر بخش جتوئي، ثقافت جو ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، اهميت ۽ ضرورت، سماجي ڪارج، انتظامي ۽ ڪاروباري وهنوار کان ويندي تعليم جو ذريعو، سنڌي ٻولي هجڻ ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، ترقي بابت ليکڪ جي ٻولي جي مسئلي تي حقيقي نگاهه رهي آهي. ٻوليءَ جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪندي ٻوليءَ بابت انتهائي اهميت جوڳا ويچا ونڊيندي پروفيسر اعجاز قريشيءَ اسان جي ملڪ ۾ ٻولين سان ٿيندڙ ٻه اکيائي/ناانصافيءَ بابت انتهائي سنجيدگيءَ سان لکندي فطري ٻولين کي نظر انداز ڪرڻ ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي مٿانهون مقام ڏيڻ يا فطري قومي ٻولين کي مقامي ٻوليون چئي نظر انداز ڪرڻ واري روش جو کلي دل سان اظهار ڪيو آهي.

ٻوليون قومن جي سڃاڻپ هونديون آهن، ڪنهن به قوم جي جياپي لاءِ ان قوم جي ترقي وسيلن، جاگرافي حدن، ڪلچر، وسيلن سميت ٻوليءَ کي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي ڇاڪاڻ جو ٻولي ئي ڪنهن قوم جي تاريخ، روايتن، ڪلچر، علم، ادب، لوڪ ادب جو نه رڳو بنياد هوندي آهي پر قومن جي مزاج، نفسيات ۽ اجتمائي رويي/روش جو اظهار به هوندي آهي.
ٿلهي ليکي ڳالهه وري به اها چٽي ٿي سامهون اچي ٿي ته ٻولي ئي ڪنهن قوم جي بهتر سڃاڻپ ڪرائي ٿي. سنڌي ٻولي جي سفر جي ڪٿا انتهائي تاريخ جي هڪ وڏي عرصي تي ڦهليل آهي. منهنجي آڏو سنڌو تهذيب جي بنياد کان به اڳ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ انهن پهرين انسانن اندر جي احساسن کي ٻولي جو روپ ڏنو جنهن کي لوڪ ڏاهپ به چيو وڃي ٿو، جنهن جي آڌار تي ٻوليءَ پنهنجو ارتقائي سفر طئي ڪيو آهي، جنهن تي پروفيسر اعجاز قريشي پنهنجي قلم ذريعي پنهنجي لکڻي جو موضوع بڻايو آهي.
ٻوليءَ جو معاملو/مسئلو- قومن لاءِ بنيادي مسئلو/معاملو ڄاتو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به قوم جي تعليم جو بنيادي ذريعو سندس ٻولي هوندي آهي. ان کان پوءِ دنيا سان ڪاروبار ۽ اٿڻي ويهڻي ۾ پڻ ٻوليءَ جو ڪردار اهم هوندو آهي. انتظامي دفتري عدالتي، مارڪيٽ توڙي ٻين مختلف موضوعن جي حوالي سان ٻوليءَ جو وهنوار ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جي لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي. پروفيسر اعجاز قريشي سنڌي ٻوليءَ جي مختلف دورن ۾کيس پيش ايندڙ رنڊڪن، انتظامي بي حسين ۽ بي رخين يا نظر انداز ڪرڻ بابت ڪافي جاکوڙ ڪري ٻوليءَ جي آڏو ايندڙ رنڊڪن جو ذڪر ڪيو آهي، پروفيسر اعجاز قريشي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ ڪرڻ بابت پيرائتو بيان ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ خلاف ايوبي آمريت واري دور ۾ ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي پڙهائيندڙ 13000 سئو اسڪول بند ڪرائي، سنڌي ٻولي خلاف پهريون وار ڪيو ويو، ون يونٽ مڙهي سنڌي ٻولي يا سنڌ چوڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، جنهن خلاف سنڌ جي ڏاهن، دانشورن، عالمن، اديبن، سياستدانن ۽ شاگردن ڀرپور مزاحمت ڪئي. تاريخ جي هر آريي/ڌاري سنڌي ٻوليءَ خلاف پنهنجي آمريت/مرضي مڙهي آهي، جنهن جي خلاف به مزاحمتي تاريخ موجود آهي. فارسي جي بالادستي خلاف به اسان جي شاهه سائين جي مزاحمت جو مثال موجود آهي.
جي تون فارسي، پڙهيو، تان گولو تون غلام،
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،
ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.
ٻوليءَ بابت انگريز سرڪار جون ڪوششون 1857ع جو پڌرنامو  قانوني ٺهراءُ/ايڪٽ 1972ع، 1948 جي حڪم نامي جو ذڪر جنهن ۾ اردو  ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بڻايو ويو.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ۽ فطري حيثيت کي برقرار رکڻ واري جذبي هيٺ لکيل هي ڪتاب پروفيسر اعجاز قريشيءَ جي محنت جو ثمر آهي جيڪو ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“ تحريڪ بابت پيرائتي ڄاڻ ڏئي ٿو ۽ پنهنجي نئين نسل کي پنهنجي ٻوليءَ سان لاڳاپجڻ جي حوالي سان هڪ دڳ/رستي جو ڪردار ادا ڪري ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڇپرايل هن ڪتاب جا صفحا آهن 109، جڏهن ته ڪتاب جو ملهه آهي 200 رپيا.

1 comment:

  1. قرض! قرض !! قرض !!!
    ڇا توهان هڪ قابل معزز ۽ قابل قبول نجي قرض ڪمپني جي ڳولها آهي جنهن کي زندگي گذارڻ جي موقعي لاء قرض مهيا ڪري ٿي. اسان سڀني قسمن جي قرضن کي تمام تيز ۽ آسان رستو ۾، ذاتي قرض، ڪار قرض، گروي قرض، طالب علم قرضن، ڪاروبار قرض، سيڙپڪاري قرض، قرض جي استحڪام ۽ گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهيو. ڇا توهان بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن طرفان رد ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي هڪ گهربل قرض يا گروي رکڻ جي ضرورت آهي؟ وڌيڪ نه ڏسڻ ۾ ايندي آهي جيئن اسان هتي آهيون توهان جي سڀني مالي مسئلن کي ماضي جي ڪا شيء ٺاهڻ لاء. اسان انهن ماڻهن ۽ ڪمپنين جي فنڊ کي قرض ڏيو جيڪي 2 سيڪڙو جي شرح تي مالي مدد گهرجي. ڪوبه سماجي سيڪيورٽي نمبر گهربل آهي ۽ ڪو ڪريڊٽ جي چيڪ گهري، 100٪ ضمانت. آئون توهان کي انهي وچ ۾ استعمال ڪرڻ لاء انهي کي استعمال ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان کي اعتماد ۽ حمايت واري مدد مهيا ڪنداسين ۽ اسان توهان کي قرض پيش ڪرڻ جي خوشي ٿي ويندي.
    پوء اسان کي هڪ اي ميل موڪليو: (amandaafredoloan42@gmail.com) قرض لاء درخواست ڏيڻ.

    ReplyDelete