12/02/2018

تاريخ شڪارپور - ابو رافع (Abu Rafiu)

ابو رافع
سنڌ جي پيرس طور سڃاپجندڙ شهر جي ڪٿا
تاريخ شڪارپور

جيڪڏهن مان ڀلجان نه ٿو ته پوءِ ايئن پڪ سان سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ کان پوءِ جنهن شهر جي تاريخ بابت گهڻو لکيو ويو آهي، ۽ جنهن شهر بابت گهڻا ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. اهو شهر شڪارپور آهي. اهو ٺيڪ چوڻ آهي ته شڪارپور سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم شهر رهيو آهي، هن شهر سنڌ کي ڪيترن ئي حوالن ۾ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، ساڳئي وقت هن شهر سنڌ جي اڪثر شهرن کان وڌيڪ ڀوڳيو به آهي. اڄ جي تاريخ تائين ايندي شڪارپور شهر مان بدلجي هڪ احساس جي صورت اختيار ڪري ويل آهي. تاريخ ۾ ايئن ڪيئي شهر آهن جيڪي هڪ ڪيفيت جي صورت اختيار ڪري ويل آهن. ايئن شڪارپور به آهي جنهن جي خوشحاليءَ ۽ سونهن جو ذڪر تاريخ ۾ محفوظ آهي ۽ اڄ ان جي تباهيءَ جو ذڪر ڪيترين ئي زبانن تي آهي، جنهن جا پڻ ڪيترائي سبب آهن پر اڄ لکڻ جو سبب اهو ڪتاب آهي، جيڪو شڪارپور جي چئن سئو سالن جي تاريخ پاڻ ۾ سانڍي ٿو. هن ڪتاب جو نالو آهي تاريخ شڪارپور ۽ هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، اسان جو بزرگ تاريخدان ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو ۽ هن ڪتاب کي بيحد اهميت واري ترتيب ڏني آهي پروفيسر محمد شريف شاد سومري صاحب!

”تاريخ شڪارپور“ ڪتاب ۾ جيڪا هن شهر جي تاريخ ڄاڻائي وئي آهي ان موجب هي شهر ٻه هزار سترهن تائين پنهنجي چار سئو سالن جي تاريخ سانڍي ٿو. هيءَ شهر سورهن سئو سترهن عيسويءَ ۾ جڙيو ۽ ان جا جوڙيندڙ دائود پوٽا ڄاڻايا ويا آهن. ڪيئن به هن شهر جون ڪيتريون حاصلاتون آهن، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ تفصيل سان ڏنو ويو آهي. ڪتاب کي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي هن ترتيب سان آهن.
۱-شڪارپور شهر جو تاريخي پسمنظر
۲-آزاديءَ کان پوءِ جو دور
۳-شڪارپور جا باني ( شجرو ۽ خاندان)
۴-شڪارپور جا عالم ۽ ديني مدرسا
۵-شڪارپور جو بنياد ( ترديدي مقالو)
۶-خلافت تحريڪ ۾ شڪارپور جو حصو
نهايت محنت ۽ محبت سان لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو صاحب جيئن ته ڏهه جون ٻه هزار يارهن عيسويءَ تي وفات ڪري ويو آهي، ان ڪري هن رهجي ويل ڪتاب کي نئين سِرِ ترتيب اسان جي دوست عالم پروفيسر محمد شريف شاد سومري ڏني آهي ۽ سندس ئي نظرداري هيٺ هيءَ ڪتاب ڇپيو آهي. ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ جيڪا محنت ڪئي آهي، اها اڄ جي نسل جي ليکڪ جي وس کان ٻاهر آهي جڏهن ته اڄ تحقيق لاءِ اڻ ڳڻيا وسيلا موجود آهن پر اهو جذبو نه آهي، جڏهن ته سائين راز سومري صاحب واري نسل وٽ ڀل وسيلا گهٽ هئا پر جذبو سلامت هئو ۽ هيءَ ڪتاب ان جذبي جي اُپت ئي آهي.
جيتوڻيڪ شڪارپور جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن شهر ئي دنيا کي پهريون بينڪاري نظام ڏنو، ڪنهن دور ۾ سنڌ جو پئرس سڏجندڙ هيءُ شهر ڪيترن سکن ۽ ڏکن جو ساکي آهي ۽ انهن ڏکن سکن هن شهر جي ماڻهن جو هڪ خاص مزاج تخليق ڪيو آهي جنهن مزاج جا اولڙا زندگيءَ جي الڳ الڳ حوالن ۾ ملن ٿا.
سنڌ جي ڪاٺ جي اڪر جو عظيم فن سانڍيندڙ هيءَ شهر اڄ به ڏسڻ جهڙو آهي. علمي ۽ ادبي حوالي سان هن شهر سنڌ کي جيڪو ڏنو آهي اهو اڄ به اسان جي اکين اڳيان آهي، ظاهر آهي ته اڄ، ڪالهه جو تسلسل آهي ۽ سڀاڻ اڄ جو تسلسل هوندي اڄ شڪارپور جيڪو ڪجهه ڏئي رهي آهي سڀاڻ جو لکندڙ انهن پيرن تي هلندو.
”تاريخ شڪارپور“ ۾ جيڪي ڪجهه اسان جي بزرگ ليکڪ ڏنو آهي اهو اسان کي اڄ ڪم اچي رهيو آهي گهڻن حوالن ۾ ايندڙ هيءَ اهم ڪتاب مجموعي شڪارپور جي تاريخ جو اهم حوالو بڻبو اها پڪ آهي. هن اهم ڪتاب کي شڪارپور شهر جي ڪن اهم ريخي تصويرن جي گهڻي گهرج هئي، اُهي هن شهر جي تاريخ کي وڌيڪ مستند بڻائين ها، اهڙو احساس شايد گهڻن ئي پڙهندڙن جي دل ۾ ڪَرَ کڻي بيهي
ٻيءَ طرح هيءُ ڪتاب شايد انهن سڀني ڪتابن ۾ اهم ليکيو وڃي، جيڪي ڪتاب شڪارپور بابت لکجي رهيا آهن، ڪيئن به هيءُ ڪتاب هڪ تاريخي اهميت وارو ڪتاب آهي ليکڪ ۽ مرتب هن ڪتاب تي نور نچويو آهي کين لاءِ نيڪ خواهشون.

شڪارپور شهر جي چئن تاريخي تصويرن واري ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هن وڻندڙ ۽ پڙهڻ جهڙي ڪتاب ۾ ٽي سئو اوڻويهه صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه پنج سئو رپيا آهي ۽ ڪتاب اسان جي ناليواري اداري پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment