12/02/2018

الطاف شيخ جو نئون ڪتاب تاريخ جو سفر - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
سنڌي سفر نامي جي امام الطاف شيخ جو نئون ڪتاب
تاريخ جو سفر

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا شخص رهيا آهن، جن جي سموري ڄمار سفر ڪندي گذري آهي، انهن سفرن جا سبب الڳ الڳ ٿي سگهن ٿا، پر انهن سفرن مان جيڪو علم حاصل ٿئي ٿو، ان جو اندازو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اڄ سڄي دنيا جي تاريخ جو وڏو حصو انهن سفرن ۾ موجود آهي يا انهن سفرن جي لکيل وارتائن مان مليو آهي، جيڪي سفر قديم زماني کان جديد دنيا جي ماڻهن تائين لڳاتار جاري آهن ۽ انهن تاريخ جي هر دور ۾ سفر ڪندڙ شخصن مان هڪ شخص اهو آهي جنهن جي سفرن بابت مون کي مهاڪوي اياز جي سٽ ذهن تي تري اچي ٿي.

تنهنجي کِههَ منهنجون اکيون
هن جي پيرن جي دز به سچ پچ اسان لاءِ احترام لائق بڻجي وئي آهي. سبب اهو نه آهي ته هن دنيا جو سفر ڪيو آهي ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي سفر ڪن ٿا پر اهي اهم نه آهن. هن شخص جا سفر اهم ان ڪري آهن جو انهن سنڌ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي ان جو عيوضو سنڌ ڪڏهن به کيس ڏئي نه سگهندي. اها ٻي ڳالهه آهي سنڌي ماڻهن جيڪو کيس مان ڏنو آهي، اهو ٿورن ماڻهن کي ملندو آهي، سنڌي هن شخص کي الطاف شيخ جي نالي سان سڃاڻن ٿا.
ڪجهه شاهه ڏني ڪجهه شيخ ڏني
هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪ
۽ سچ پچ جيئن شاهه سائينءَ کان پوءِ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ کي هڪ نئين صورت ڏني آهي، ائين الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفري ادب وسيلي سنڌ کي جيڪو علم ڏنو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ايئن الطاف شيخ صاحب اسان جو اهڙو ليکڪ آهي، جنهن لاءِ سنڌ وٽ ٻيو ڪو به مثال نه آهي، هو پنهنجي ڳوٺائي، قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ جي لفظن ۾ ايئن آهي.
تنهنجو دنيا ۾، محبوب نه مَٽُ
۽ سنڌي ادب ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جيتوڻيڪ ٻين سنڌين به سفر ناما لکيا آهن ۽ ڪي اهم سفر ناما به سنڌي ادب ۾ موجود آهن، پر اڄ جي تاريخ ۾ فقط شيخ صاحب جي ڪتابن جي الطاف فهرست پڙهڻ ۽ اها ياد رکڻ به هڪ مطالعو آهي. اڳ سندس ڪتاب پڙهبا هئا ۽ اڄ سندس ڪتابن جي فهرست به ڪنهن يا ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي جيتري اهم آهي ۽ ان فهرست ۾ سندس آخري آيل / ڇپيل ڪتاب ڪهڙو آهي، ان جي ڳولا ڪرڻ جيتري وقت ۾ سندس هڪ وڌيڪ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ٿو، اهڙو ڀاڳ سندس نصيب ۾ آهي، ممڪن آهي ته هن جيڪو سنڌ کي ڏنو آهي سنڌ کيس ان محبت جي موٽ ڏيندي هجي.
ڪيئن به هجي، اڄ جيڪو سندس ڪتاب منهنجي آڏو آهي، مون کي پڪ نه آهي ته اهو سندس اڄ تائين آخري ڪتاب آهي، جيئن ته ان ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سن سيپٽمبر ٻه هزار سترهن آهي، ان ڪري مان پاڻ کي آٿت ڏيان ٿو ته هيءُ سندس تازو ڇپيل ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي ”تاريخ جو سفر“.
۽ سچ به اهو آهي ته هن ڪتاب ۾ آيل مواد تاريخ بابت اهڙو مواد آهي جيڪو وري وري پڙهيو ويندو. ٻيءَ طرح الطاف شيخ صاحب جو شخصي سفر، پنهنجي ڊگهي عمل مان گذري تاريخ جي سفر ۾ تبديل ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ فرد جو ڪردار اهم ڄاڻايو ويو آهي ۽ ايئن الطاف شيخ صاحب جو سنڌي ادب ۾ ڪردار به سنڌي ادب جي تاريخ جو اهڙو حصو آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ محفوظ آهي.
ڪتاب ”تاريخ جو سفر“ سندس مطالعي جي آڌار تي آهي، هڪ اهڙو مطالعو جنهن ۾ مشاهدي جو عمل به شامل آهي ته مسافت جو عمل به!
يارهن الڳ الڳ موضوعن بابت لکيل ليکن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب تاريخ جي الڳ الڳ دورن ۾ ڪن اهم موضوعن تي نهايت اهم معلومات ڏيندڙ آهي، خاص طور ننڍي کنڊ جي مغل حاڪمن جي حرم سراءِ بابت مضمون بيحد وڻندڙ مضمون آهي، جيڪو پنهنجي دائري ۾ تاريخ جا لڪل پهلو اظهاري ٿو ۽ پڪ سان هي مضمون ڪتاب سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندو. ڪتاب جا مضمون ڪي نيو وارتائون بيان ڪن ٿا ۽ گهڻي نئين ڄاڻ ڏين ٿا، جيڪا ڄاڻ سندس ڪتاب ڏيندا ئي آهن، ۽ جنهن ڄاڻ سنڌين کي گهڻو شعور پڻ ڏنو آهي، سندس لکڻيءَ جو ته جواب نه آهي. ورجاءُ آهي ته ”هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“
تاريخ ۾ جهاتي پارائيندڙ هيءُ ڪتاب ظاهر آهي ته سندس سفر جي تاريخ به آهي، جنهنڪري ان ۾ سفر جون ۽ تاريخ جون گهڻيون دلچسپيون موجود آهن، جيڪي پڙهندڙ لاءِ پاڻ ۾ هڪ ڄاڻ به سانڍين ٿيون ته تفريح به! ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي حادثا ۽ تڪليفون به سفر جو حصو هونديون آهن ايئن زندگيءَ جو سفر هلي رهيو آهي، جنهن سان گڏ سائين الطاف شيخ جو سفر به هلي رهيو آهي.
”تاريخ جو سفر“ ڪتاب جيئن سفر جا ڪتاب هجڻ گهرجن ايئن آهي، انهن سفرن ۽ سفرن جي موضوعن کي سونهن اهي تصويرون به ڏين ٿيون جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.

ٻه سئو اٺن صفحن جو هي پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل سان ڪتاب ڪاڇو پبليڪشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جو ملهه ٽي سئو روپيا آهي، هو نئن الطاف شيخ صاحب جي ڪتابن جو ملهه ڪيئن ڪٿي سگهبو؟

No comments:

Post a Comment