15/02/2018

ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”گهاگهر منجهه ساگر“ جو پيش  لفظ
رياضت ٻرڙو


عام طرح هڪ سِڪي جا ٻه پاسا، هڪ آئيني جا ٻه رُخ، هڪ رَسي جا ٻه سِرا، پر وجود هڪ ئي. ساڳيءَ ريت، ڏِسجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ڏاهپ ۾ به ٻه رخ جُڙي پيا آهن، جن مان هڪ رُخ آهي پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون ۽ ٻيو رخ آهي انجنيئر عبدالوهاب سهتو. اهي ٻئي رخ به هڪَ ٻئي سان ايئن جَڙجي ويا آهن جو ٻنهي کي هڪُ ٻئي کان الڳ ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو آهي! سندن اها نينهن جِي ’ڳنڍَ ٽوپ‘ شالَ سدا جُڙي رهي، ڇاڪاڻ ته، پڌري پَٽ پيو آهي، ته موجوده وقت ۾، پهاڪن ۽ چوڻين جي سڃاڻَ ۽ واکاڻ عبدالوهاب سهتو بڻيو آهي، ته عبدالوهاب سهتي جِي سڃاڻ ۽ واکاڻ وري پهاڪا ۽ چوڻيون بڻيا آهن، جن کي هُو پنهنجي خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ سهيڙيندو ۽ آڇيندو پيو وڃي.
عبدالوهاب سهتي جا، سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي مشتمل ۱۱-ڪتاب ۽ پهاڪن ۽ چوڻين بابت مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ تي مشتمل ۲-ڪتاب ڇپجي، مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت تي سندس انتهائي اهم ڪم آخري مرحلن ۾ آهي. هاڻ هُن هڪ وِک ٻِي به کنئي آهي، جيڪا پڻ بيحد وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هن هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.

هندڪو؛ لهندا ٻولي جي ڪٽنب مان آهي جيڪا خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائي ۽ فارسي-عربي (Perso-Arabic) الف-ب جي شاهه مُکِي (Shahmukhi) رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي.
ڪنهن به ٻِي ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۽ عوام ۾ ڳالهائجندڙ پهاڪن ۽ چوڻين جو مطالعو ڪرڻ، ڄڻ ان ٻوليءَ جي سماج، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي مزاج (behaivour) ۽ ماڻهن جي روين (attitudes) جو مطالعو بڻجي پوي ٿو. انهن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ خاص ڪري غريب ۽ سادن سودن ماڻهن ۽ عورتن ڏانهن ٽوڪ ۽ چٿر وارن روين ۽ کين گَهٽِ سمجهڻ جي عام سوچ جي عڪاسيءَ به پڌري ٿي پوي ٿي. ان ريت جڏهن ٻيءَ ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين کي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ پيش ڪجي ٿو، ته مٿئين مقصد سميت ان سماج، ثقافت ۽ ٻوليءَ ۾ سمايل ڏاهپ جو ڄڻ ته پنهنجي سماج، ثقافت ۽ ٻوليءَ ۾ سمايل ڏاهپ سان تقابلي مطالعو به ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان ٻنهي سماجن، ثقافتن ۽ ٻولين ۾ سمايل مزاجن ۽ ماڻهن جي روين کي به سمجهڻ شروع ڪجي ٿو. ان ريت، ماڻهو هڪ ئي وقت تاريخ (History)، علم الانسان (Anthropology)، علم اللسان/ٻوليءَ جي علم (Linguistics)، ۽ سماجي اڀياس (Sociology) جي شعبن سان سلهاڙجي ٿو.
اِن مختصر پس منظر ۾، اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين جو پهريون ڪتاب پيش ٿي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“؛ معروف هندڪو شاعر، ليکڪ ۽ ٻوليءَ جي ماهر سلطان سُڪون جي جوڙيل ڪتاب کوزے بچ دريا تان ورتل/ماخوذ آهي.
سلطان محمد سڪون ۲۳-نومبر ۱۹۳۸ع تي، ايبٽ آباد ضلعي ۾ پيدا ٿيو. هن تعليم کاتي ۾ ٽن ڏهاڪن تائين نوڪري ڪندي، ۱۹۹۳ع ۾، اڪائونٽ آفيسر طور رٽائر ڪيو.
سلطان سڪون جا هي ڪتاب ڇپيل آهن: ”بجھ ميري بجھارت“ (۱۹۸۷ع، هندڪو ڳجهارتون، انعام يافته)، ”کاري دل گل“ (۱۹۹۶ع، لوڪ ڪهاڻيون)،چنّو چودھويں رات“ (هندڪو ڪهاڻيون)، ”هندکو ضرب الامثال“ (۱۹۹۹ع، هندڪو چوڻيون ۽ محاورا، انعام يافته)،کوئي خواب هے نه خيال هے“ (۲۰۰۱ع، اردو شعري مجموعو، گولڊ ميڊل ماڻيل)،تارا لوئي والا(۲۰۰۲ع، هندڪو ماهيا، گولڊ ميڊل ماڻيل)، ”هندکو اردو لغت“ (۲۰۰۲ع، گولڊ ميڊل ماڻيل)، ”سوچ رُت“ (۷۲ شاعرن جا چونڊ غزل)، ”دِلسوتھے“ (هندڪو شاعري) ۽ ”کوزے بچ دريا (۲۰۰۹ع، هندڪو چوڻيون ۽ محاورا، گولڊ ميڊل ماڻيل) شامل آهن. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور، حڪومت پاڪستان پاران، ۱۴-آگسٽ ۲۰۱۴ع تي، حُسن ڪارڪردگي جو صدارتي تمغو ڏنو ويو.
سلطان سڪون جي ڪتاب ” کوزے بچ دريا“ ۾، ۵۸۲-عدد پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا داخل آهن جن ۾ گهڻائي محاورن جي آهي، جڏهن ته ڪي ورجيسون ۽ گفتا پڻ شامل آهن. انهن سڀني جو مختصر ترجمو ۽ تشريح اردو ٻوليءَ ۾ ڏنل آهي. جهڙوڪ:
شیر، اپنی ماری دی کھاندے۔ (کہاوت)
ترجمه و تشريح: شير اپنا شکار کيا هوا کھاتا هے۔ يعني ايک بهادر آدمي خود کما کر کھاتا هے کسي دوسرے کے رحم و کرم پر نهيں رهتا۔ (کوزے بچ دريا، ص: ۷۳)
کوزے بچ دريا“ جي آخري ٻن ننڍن ”ڀاڱن“ مان، پهرئين ۾ ۲۶-دعائي جملا ۽ ٻئي ۾ ۹-بددعائون به شامل آهن.
ان ڪتاب جي ڀيٽ ۾، سهتي صاحبَ هي ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“ جوڙڻ ۾، ڄاڻايل ۵۸۲-عدد پهاڪن ۽ محاورن منجهان صِرف ۱۴۵-عدد پهاڪن ۽ چوڻين جون داخلائون کنيون آهن ۽ محاورن جي وڏي تعداد، گفتن، دعائي جملن ۽ بددعائن کي ڇڏي ڏنو آهي. هُن ڪجهه محاورن کي پڻ پهاڪن ۽ چوڻين طور داخل ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سندس نُڪتي نظر موجب پهاڪا/چوڻيون آهن. ٻيو ڪم سهتي صاحب اهو ڪيو آهي، ته سلطان سڪون پاران، چوڻين جو ڏنل مختصر ”ترجمو ۽ تشريح“ ڏيڻ بدران، پنهنجي جوڙيل ”سمجهاڻي“ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪي انوکا مثال، ڪهاڻيون ۽ وضاحتون پڻ ڏنل آهن. هن ڪتاب جي هڪ اضافي خوبي هيءَ پڻ آهي، ته هر پهاڪي/چوڻيءَ ۾ شامل ڏکين هندڪو لفظن جون معنائون سنڌيءَ ۾ ڏنيون آهن. ڪيترن هنڌن تي جاڙن لفظن جون گڏ معنائون ڏنل آهن، جيڪي هر لفظ جون ڌار ڏيڻ گهرجن ها. بهرحال، مون کي هڪ خيال هيءُ به آيو آهي، ته ”هندڪو-سنڌي لغت“ جوڙڻ لاءِ پيش رفت ڪري سگهجي ٿي. ان کان سواءِ، سهتي صاحب جي ڏنل سمجهاڻيءَ کان پوءِ، ’مطلب‘ جي سِري هيٺ، سڀ کان اڳ هندڪو چوڻيءَ جو ٺهڪندڙ ترجمو ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ گهرج آهر مختصر ۽ آسان جملن ۾ پهاڪي/چوڻيءَ جي ’سبق‘ ۽ ’ساڃاهه‘ کي ٻڌايو ويو آهي. ’مطلب‘ منجهه ئي، هندڪو چوڻيءَ سان ملندڙ جلندڙ سنڌي چوڻيءَ کي پڻ درج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪي ساڳين مفهومن واريون هندي، هندڪو، سرائڪي ۽ فارسي چوڻيون به ڏنيون ويون آهن. ان جي ڪٿَ سڄي ڪتاب منجهان آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي. ان کان سواءِ، سمورن ۱۴۵-پهاڪن/چوڻين جي ’ڏسڻي‘ پڻ، هِن ڪتاب جي پڄاڻيءَ تي ڏني وئي آهي، ته جيئن ڪنهن به گهربل پهاڪي/چوڻيءَ کي بنا دير ڳولي سگهجي. جيئن ته، مٿي کوزے بچ دريا منجهان هڪ مثال پيش ڪيو ويو آهي، ان ڪري ”گھاگهر منجهه ساگر“ منجهان به، تقابلي مطالعي خاطر، ساڳيءَ هندڪو داخلا جو مثال ڏجي ٿو:
شیر، اپنی ماری دی کھاندے۔ (کہاوت)
ماری دی؛ ڪيل شڪار، پنھنجي ھٿ سان ماريل.
گوشت خور کي گوشت کپي. انسانن وٽ، پرائي پنھنجي ۽ حرام حلال جو فرق آھي. ذبح شڪار ۾ به کين مقرر ٿيل اصولن تحت ھلڻو ٿو پوي. جڏھن ته گوشت خور جانورن وٽ اھڙا اصول وضع ٿيل ناھن. اھي ھر شيءِ کي حرام ڪري ته کائين، پر پرائي پنھنجي جي به تميز نه ڪن. اھو نه ڏسن ته پنھنجو آ يا پرائو، جيڪو آيو، سو ھڙپ.
گوشت خور جانور ۾، ھڪڙا پاڻ شڪار ڪري سگھن، ٻيا ٺپ نه ڪري سگھن، بلڪ کائين اھي به گوشت. شينھن، گوشت کان سواءِ ڪجھ نه کائي. جڏھن ته جانورن منجھ لومڙ ۽ گدڙ، ڪتو ۽ بگھڙ پڻ گوشت خور آھن. شينھن ڪڏھن به پرائي ڪيل شڪار مان نه کائي. پاڻ شڪار ڪري، ان کي ھڪ ھنڌ ٿمائي. ٻئي ڏينھن اتان اچي کائي. بگھڙ به وڏو شڪاري جانور آھي، پر وٽس پرائي پنھنجي جي ايتري تميز ناھي، جيتري شينھن وٽ آھي. ڪتو به شڪاري آھي پر ايترو نه. ٻين جي ڀيٽ ۾، ڪتو واٺو ڀلو آھي. گدڙ ۽ لومڙي، پرائي-ماريءَ تي ڀاڙيندا آھن.
پکين منجھ باز، شڪاري آھي. سيکارڻ تي شڪار جھليندو، نه ته چيري ڦاڙي ڇڏيندس. جڏھن ته ڳجھ ۽ ڪانءُ وغيرھ، پرائي-ماري يا الله-جي-ماريءَ تي ڀاڙيندا آھن.
مطلب؛
۱ . شينھن، پنھنجي ڪيل شڪار منجھان کائيندو آھي. (ترجمو)
۲ . شينھن، شڪار جي معاملي ۾، ٻين چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانورن جي ڀيٽ ۾ وڏو غيرتمند ۽ اصول وارو جانور آھي.
ان ريت، سواءِ هندڪو پهاڪن ۽ چوڻين جي، هيءُ هڪ نئون ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
هيءُ ڪتاب ڏِسڻ کان پوءِ، اميد رکي سگهجي ٿي، ته انجنيئر عبدالوهاب سهتو ضرور، ڪنهن ٻئي وقت، هندڪو محاورن جو ڪتاب به سنڌي ترجمي سان پيش ڪندو، ڇاڪاڻ ته محاورا پڻ پاڻ منجهه هڪ نرالي ۽ حسين دنيا سمايون ويٺا آهن، جيڪا پڻ اسان منجهان ئي ڪنهن نه ڪنهن کي کوجي پڌري ڪرڻي آهي.
مهرباني.
رياضت ٻرڙو
ڊائريڪٽر (اعزازي)
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
۱۱-ڊسمبر ۲۰۱۷ع

No comments:

Post a Comment