05/10/2018

سليم چنا ۽ ان جا ٻه ڪتاب - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
سليم چنا ۽ ان جا ٻه ڪتاب!

لکڻ سولو هجي، ته هر ڪو ليکڪ هجي! لکڻ سولو نه هجي، ته ڪو به ليکڪ نه هجي! لکڻ سولو به آهي، ته ڏکيو به آهي! اهڙي ئي صورت ۽ حالت آهي، ان ۾ ئي لکڻ وارا لکن ٿا، ته لکڻ واري کي ليکڪ طور سڃاتو ويندو آهي.
جيڪي ليکڪ آهن، اُهي هونئن ته، عام ماڻهو ئي آهن، انهن ۾ ئي رهن ٿا، انهن جهڙا ئي هوندا آهن، پر جيئن ته هر عام ماڻهو لکندو نه آهي، ان ڪري هر عام ماڻهو ليکڪ نه آهي. جيڪي لکن ٿا، اهي نه صرف ليکڪ آهن، پر ليکڪن ۾ به عام ماڻهن وانگر هڪڙا عام ليکڪ آهن، ٻيا خاص ليکڪ آهن ۽ ڪي وري انهن ٻن يعني عام ۽ خاص جي وچ وارا ليکڪ آهن. جيڪي جيڪي به ليکڪ آهن، انهن پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائي آهي. اُها سڃاڻپ به عام ماڻهن جي ورهاست يا درجي بندي جي نسبت وانگر، اوڻيهه ويهه جي فرق سان ڄڻ ته ساڳئين آهي!

سليم چنا به ليکڪ آهي! اُن جي به خاص سڃاڻپ آهي! مون جڏهن به سليم چنا کي، جتي به ڏٺو، صاف سٿرو، عام رواجي شخص، پر ان افراديت سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ته سليم چنا کي ڪير به، ڀلي ته ڪهڙي به نگاهه سان ڏسي، محسوس ڪري، پر سليم چنا جي نظر ۾ ڪير به ننڍو ڪونهي، ڪير به وڏو ڪونهي، ڪير به عام ڪونهي، ڪير به خاص ڪونهي! مون کيس ڪيترائي دفعا ماڻهن سان ملندي، ڳالهائيندي ڏٺو آهي. سڀني سان ساڳئي نموني ملندو آهي. ساڳئي لهجي ۾ ڳالهائي ٿو. ڪمال جي شخصيت آهي، پنهنجي ذات ۾ انتهائي منفرد شخصيت آهي. هي انهن ماڻهن مان نه آهي، جيڪي هوندا ڪجهه به نه آهن، پر ڏِک وڏي ڏيندا آهن! هي ته پنهنجي رمز ۾ هلندڙ انهن ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي هوندا گهڻو ڪجهه آهن، پر ڏِک نه ڏيندا آهن.
حيدرآباد ۾ ٿيندڙ مختلف ادبي گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن ۾ سليم چنا سان منهنجون به ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن. 25 ڊسمبر 2016ع جي شام مليو، ته هن مون کي چيو تون گهڻو ٿو لکين، گهڻو نه لک، ماڻهو تنهنجون لکڻيون پڙهڻ ڇڏي ڏيندا! هن پهرئين دفعي مون کي چيو ته آئون توکي منهنجا ٻه ڪتاب آڻي ٿو ڏيان، اهي پڙهي، انهن تي تبصرو لکي ڇپراءِ. جڏهن تبصرو ڇپجي، ته فون ڪري ٻڌائجان، ته جيئن آئون خريد ڪري پڙهان ۽ رڪارڊ تي رکان! ان کان پوءِ ٿوري ئي دير ۾ هن سندس لکيل، سليم چنا اشاعت گهر جا ڇپيل ٻه ڪتاب، هڪ ڪتاب نمبر 24 ”سونهان منهنجي سنڌ جا“ ۽ ٻيو ڪتاب نمبر 27 ”انمول هيرا“ مون کي آڻي ڏنا! هڪ ڪتاب تي قيمت جي جاءِ تي ”نه اگهه، نه مُلهه، نه مُزران، نه قيمت، پر دعا“ ڇپيل آهي ۽ ٻئي ڪتاب تي هٿ سان لکيل اکرن ۾ ”ڪجهه به نه-“ لکيل آهي!
مون کي اها خبر نه آهي ته سندس ٽوٽل ڪيترا ڪتاب لکيل ۽ ڇپيل آهن، ڪهڙن ڪهڙن ادارن ڇپرايا آهن، پر اها خبر اٿم ته سليم چنا جا پنهنجا لکيل ڪتاب ڪي ٽيهارو کن آهن. هي حيدرآباد شهر جو رهواسي آهي. ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ وڪري کان بخوبي واقف آهي. ان ڪري پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپرائيندو آهي ۽ گهڻو ڪري اهي سندس ئي مرضي سان، ماڻهن ۾، ليکڪن ۾، مفت ۾ ورهائيندو آهي. مون پاڻ پنهنجي اکين سان، کيس مختلف مشهور ماڻهن (مردن توڙي عورتن) کي سندس ڪتاب ڏيندي ڏٺو آهي. ان عمل دوران هن جي رويي مان ته مون ڪجهه خاص محسوس نه ڪيو آهي، پر ڪنهن ڪنهن ڪتاب وٺڻ واري جا، مون کي تاثر اهڙا به محسوس ٿيا، جنهن مان مون کي لڳو ته هُو سليم پاران کيس ڪتاب ملڻ تي شرمندو پيو محسوس ٿئي، پنهنجي بي عزتي پيو محسوس ڪري، ڇو ته هو پاڻ کي سليم کان گهڻا دفعا ڀلو ليکڪ پيو سمجهي، هو خود کي سليم چنا جا ڪتاب پڙهڻ کان وڌيڪ سُڌ ٻُڌ وارو ۽ علم ۽ ڄاڻ وارو پيو سمجهي!
ڪير ڇا ٿو سمجهي؟ سليم چنا پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپرائي، مفت ۾ ڇو ڏيندو آهي؟ مون کي ان جي ڪا خبر نه آهي، پر منهنجو اندازو اهو آهي، ته سليم چنا اهو سڀ احتجاج طور ڪري ٿو. کيس احتجاج ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. مون کي ان تي ڪو اعتراض ڪونهي.
سليم چنا جا ڪتاب ۽ ڪجهه اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مواد پڙهي، منهنجو اندازو آهي، ته هي انهن ليکڪن مان آهي، جيڪي، جيئن ڏسن ٿا، جيئن محسوس ڪن ٿا، جيئن سمجهن ٿا، چٽسالي بنا لکي ڇڏين ٿا. اهو به نه سوچيندا آهن، ته سندن لکڻي پڙهندڙ تي ڪهڙو تاثر ڇڏيندي! مون وٽ موجود سندس ٻئي ڪتاب ”سونهان منهنجي سنڌ جا“ ۽ ”انمول هيرا“ جيون ڪٿائون، خاڪا، مقالا ۽ ڊائري نما تاثر تي مشتمل آهن.
سونهان منهنجي سنڌ جا“ ڪتاب ۾ موجود خاڪن، مقالن ۽ ڊائري نما تاثرن جي ترتيب ۽ عنوان آهن: ڪارو گلاب ”محمد صديق مسافر“؛ مولوي محمد صديق ندوي نوحاڻي بلوچ؛ حضرت صوفي فقير جانڻ چن سائين؛ حافظ محمد احسن چنا؛ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل؛ بزرگ، شاعر، صحافي ۽ اديب عبدالڪريم گدائي؛ خان صاحب عبدالله چنا_ روينيو ماهر، تاريخدان ۽ اديب؛ ماهر تعليم ۽ اديب ڪريم بخش چنا؛ خان صاحب رئيس عبدالحميد خان جتوئي؛ ڊائري نما تاثر_ شيخ اياز؛ سڀ رنگ سانول_ نياز همايوني؛ ناميارو استاد ۽ شاعر بلاول پرديسي؛ ظفر ڪاظمي جي جيون ۾ جهاتي؛ ڌرتي ۽ دلين جو شاعر ابراهيم منشي؛ محبوب سروري بزرگ شاعر؛ پروانو ڀٽي؛ اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي؛ نالي ڌڻي جي ٻيڙو تار منهنجو جيجي زرينه بلوچ؛ ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر سهڻي طارق اشرف جو مختصر احوال؛ راڻي جي راڄ ۾ طارق اشرف؛ قابل فخر استاد سائين عنايت الله ٽالپر؛ شاعر، مفڪر، مدبر عالم_ مشتاق علي انصاري؛ ڪهاڻيڪار ۽ انڪم ٽيڪس ڪمشنر رفيق سومرو؛ اديب، صحافي ۽ محقق منصور قادر جوڻيجو؛ اڌورا خواب، اڪبر جسڪاڻي؛ ادب جو گل_ گل ڪونڌر ۽ آخر ۾ سليم چنا جي فن ۽ شخصيت تي تبصرا ۽ رايا به آهن، ته سليم چنا جا ڇپيل ڪتاب عنوان سان سندس ڇپيل 27 ڪتابن جي لسٽ به شامل آهي.
انمول هيرا“ ۾ سليم چنا جي عزيزن جي حوالي سان جيون ڪٿائون ۽ خاڪا هن ترتيب ۾ ڇپيل آهن: جيجي عاشيت خاتون چنا (ديني ۽ دنياوي تعليم دان)؛ خان صاحب علي بخش چنا (ڪليڪٽر ۽ صوفي منش)؛ خان صاحب عبدالله چنا (ڪليڪٽر، اديب ۽ تاريخدان)؛ بيگم زينت عبدالله چنا (تعليم دان، اديبه ۽ ايڊيٽر مارئي)؛ مختيارڪار عبدالقيوم چنا (تعليم خدمت گذار)؛ پروفيسر ڪريم بخش چنا (ماهر تعليم ۽ اديب)؛ جسٽس زيڊ اي چنا (ماهر قانون ۽ قانوني ليکڪ)؛ پروفيسر آمينه خميساڻي (ماهر تعليم ۽ اديبه)؛ پروفيسر محبوب علي چنا (ماهر تعليم ۽ اديب)؛ نانا گُل محمد چنا (وسيع مطالعو ڪندڙ)؛ نانا سليمان چنا (سچو، کرو ۽ بهادر)، پڇاڙي خاڪو نما ڪهاڻي؛ ڪامريڊ نظير احمد چنا (دانشور ۽ صوفي) ۽ ادا منظور علي چنا (مثالي نوجوان).
مون مختلف ليکڪن پاران مختلف شخصيتن تي لکيل مواد پڙهيو آهي. مون پاڻ به ڪجهه شخصيتن تي لکيو آهي، پر سليم چنا جي لکڻ جو انداز ئي پنهنجو آهي. سليم چنا جنهن شخصيت تي لکيو آهي، هن نه صرف ان جي شخصيت تي ئي لکيو آهي، پر ان شخصيت سان سندس تعلق ۽ ملاقاتن جون ڳالهيون به لکيون آهن. مون کي ڪٿي ڪٿي ته خاڪن ۽ مقالن ۾ سليم چنا جي سندي آتم ڪٿا پڻ محسوس ٿي آهي. جيڪو هن ڪنهن جي واتان ٻڌو، ڪٿي پڙهيو، اهو به لکڻ ضروري سمجهيو آهي، ته اهو ان اقرار سان لکيو اٿس، ته پاڻ وقت به وقت ڪنهن کان معلومات حاصل ڪندو رهيو يا رسالن ۽ ڪتابن مان به مواد ورتو آهي.
سليم چنا جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، اهو تمام سولي ۽ سادي ٻولي ۾ لکجڻ باوجود تمام سٺو، معلوماتي، ڀروسي جوڳو مواد آهي. سندس تحريرن مان مون کي پڪ ٿي آهي، ته هي ساڳئين رمز ۾، بنا ڪنهن ميڪ اپ جي، جڏهن به، جتي به، جيئن به محسوس ڪندو، جيئن به درست سمجهندو، بنا رک رکاءُ جي لکي ڇڏيندو، پوءِ اهو ڪنهن کي وڻي ٿو، نه ٿو وڻي، ان سان سليم چنا ٻڌل نه آهي! اها ئي سندس نرالپ آهي.


No comments:

Post a Comment