02/11/2018

اقرار پيرزادو ۽ سندس لکڻين جو فڪري پس منظر - شهباز پيرزادو (Shahbaz Pirzado)


شهباز  پيرزادو
اقرار پيرزادو ۽ سندس لکڻين جو فڪري پس منظر


اڪثر ڳوٺ جي درگاهه سخي شاهه جمال تي ويٺل، هر وقت اکيون موبائيل فون ۾ کتل پوءِ  به سڄي محفل سندس خيال ۾ هوندي آهي. هٿن ، ڪپڙن تي مس جا چٽا ائين ڄڻ ڪو ٻار مس سان راند کيڏي آيو هجي. ڳالهائڻ جو کرو اهڙو ڄڻ وڏو ڪو وڏو  چيڙاڪ مڙس هجي. راڳ جو شائق  اهڙو جو مون کيس سورٺ ٻڌندي روئندي به ڏٺو. وري خاڪن جو ليکاري اهڙو جو پڙهندڙن کي روئاري وجهي. لطيف جو اهڙو عاشق جو محفل ۾ ڪو ڀٽائيءَ جي سٽ غلط پڙهندو ته کيس غلط چوڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. وري سَن جي سيد جو اهڙو مداح جو سنڌ جي سموري دردن جو درمان ”فڪر سيد“ کي ئي سمجهندو آهي. هي پار پتا منهنجي ماسات، منهنجي اڪيڊمڪ ۽ ادبي استاد، ادبي دوست ۽ فڪري ساٿي محترم اقرار پيرزادي جا آهن.

اقرار پيرزادي پهرين درجي کان وٺي اٺين درجي تائين، مختلف ڪلاسن ۾ منهنجو ڪلاس ٽيچر به رهيو آهي، ۽ هن مهل اسان ٻئي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي به آهيون ته مان اول آخر سندس شاگرد به آهيان.
هن يار سان شعوري ڪچهرين جو سلسلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن مان ڇهين ڪلاس ۾ هوندو هيس تڏهن هي يار اسان کي سماجي سبق پڙهائيندو هيو، تن ئي ڏينهن ۾ اقرار پيرزادي جو مضمون ”دريائي چور“ به شايع ٿيو هيو، اهو پڙهڻ کان پوءِ هن مان متاثر ٿيس ۽ ساڻس ڪچهرين جي سلسلي کي وڌايم. کانئس متاثر ٿي مون به لکڻ شروع ڪيو. پهريون مضمون موبائيل فون جي غلط استعمال تي لکيم. جڏهن اقرار پيرزادي کي ڏيکاريم ته فورن اهو چوڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين هي مضمون ڪنهن به ڪم جو ناهي، هن کي ڌوئي پي ڇڏيو. سندس اهڙي رويي مون کي ڏاڍو مايوس ڪيو پر پوءِ ڪجهه هم ڪلاسي دوستن وٽان معلوم ٿيو ته اقرار پيرزادي جي چوڻ جو اصل مقصد اهو هيو ته اوهان لکڻ کي ڇڏي پڙهڻ کي ترجيح ڏيو، ڇو جو جيستائين اوهان شين جو ڳوڙهو مطالعو نٿا ڪيو تيستائين اوهان جي تخليق ۾ ڪا به جماليات نه ايندي. اها راءِ هن فقط منهنجي لاءِ ڪونه ڏني هئي، پاڻ به ان تي عمل پيرا رهيو. ان جو اندازو اوهان هن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا، جو سندس پهريون ڪتاب 45 سالن جي عمر ۾ ڇپيو جڏهن ته هن يار لکڻ جي شروعات ڏهين ڪلاس کان ڪئي هئي.
10 جون 1971ع تي پيدا ٿيل اقرار پيرزادو پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ ئي سن واري سيد جي رهائش گاهه تي رهندو هيو. اتي هن يار جون وڏن وڏن سياسي ليڊرن ۽ وڌ مطالعاتي ماڻهن سان ڪچهريون ٿيون جن ڪچهرين جي اثر هن همراهه جي سيني ۾ سنڌ سان محبت جي اهڙي ميخ لڳائي ڇڏي جنهن کي ظالمن جا لوها هٿ به ڪڍي نه سگهيا.
هي ڪڏهن به خوشامد ۽ هيٺائين ڪرڻ وارن منجهان نه رهيو آهي ان جو ئي نتيجو آهي جو سڄي سنڌ ۾ سندس حمايتي گهٽ ۽ مخالف وڌيڪ آهن، پر جيڪي حمايتي اٿس اهي هن يار جا اصل عاشق آهن، کيس هر ڏکي ويل ڪم ايندا آهن، هن يار جي حال تي هلندا آهن ۽ کيس اهڙي محبت ڏيندا آهن جنهن محبت جو وهڪرن ۾ وهندي هن يار ڪڏهن مخالفن ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏنو آهي.
لکڻين  جي حوالي سان به هي همراهه سراسر سونُ آهي. پاڻ تخليق جي معاملي ۾ ڪڏهن به ڇڙوڇڙ نه رهيو آهي. هن جو اول آخر ڪم خاڪن تي ٻڌل آهي ڇو جو هن همراهه ۽ سنڌ جي دانشور محترم انور پيرزادي جو خواب هيو ته ٻلهڙيجي هسٽاريڪل سوسائٽي ٺاهجي جنهن جي ذريعي ڳوٺ جي فنڪارن، ملهه پهلوانن، رانديگرن، نٽن، ماڳ مڪانن، ذاتين، پڙهيل لکيل ماڻهن، هارين، مزدورن، شاگردن، ڊاڪٽرن ۽ صحافين جا انگ اکر گڏ ڪري انهن جي سموري تاريخ سهيڙي  ايندڙ نسلن جي امانت طور گڏ ڪجي پر اهو خواب ساڀيان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي محترم انور پيرزادي جو ساهه جو پنڇي اڏامي ويو ۽ محترم اقرار ان ڪم ۾اڪيلو رهجي ويو، پوءِ هن يار پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي جي مٽيءَ هاڻن ماڻهن تي خاڪا لکڻ شروع ڪيا، جيڪي اهڙا ته شاهڪار آهن جو سندس خاڪن تي مشتمل  ڪتاب ”جن سين لئنون لڳي اچڻ کان پوءِ ادبي دنيا جي ماڻهن هن ڪتاب کي سماجي سائنس، آرڪيالاجي ۽ اينٿروپالاجي جي نالن سان سڏيو.
خوشامديءَ ۽ شخصيت پرستيءَ جي وهڪرن ۾ وهڻ بجاءِ اقرار پيرزادي انهن ماڻهن تي لکيو جيڪي بظاهر ته سادو سودا آهن پر انهن جي اندر ۾ جيڪو ولولو آهي، جيڪي صلاحيتون آهن يا انهن ۾ جيڪا انسانيت سان محبت جون ڳالهيون آهن اهي ڏاڍيون من موهيندڙ آهن ۽ انهن من موهيندڙ ماڻهن تي لکڻ  جي ڪري ئي اقرار پيرزادو اڄ خاڪن جي دنيا جو شهسوار سڏجي ٿو. هن پنهنجي من جي مذهب ۾ هميشه مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي کي ترجيح ڏني آهي ڇو جو هي پاڻ به پنهنجي ڪردارن جهڙن ئي مٽيءَ هاڻو آهي. وڏين شخصتين تي ته سڀ ڪو لکندو آهي پر هيءَ مٽيءَ ۾ لڪيل هيرن تي لکڻ وارو ڪم اقرار پيرزادي پنهنجي هٿن ۾ کڻي سنڌ جي ماروئڙن جو قرض به لاٿو آهي ته پنهنجو فرض به نڀايو آهي. سندس خاڪا ڪنهن هڪ شخص جي عڪاسي نٿا ڪن پر سندس خاڪن ۾ سنڌ جو حقيقي، پيار، محبت ۽ تصوف وارو روپ آهي سندس هر ڪردار جو دين ڌرم انسانيت سان پيار ئي آهي.
سندس لکڻيءَ جي جيتري ساراهه ڪجي سا گهٽ آهي پر سندس پڙهڻي به ڪمال آهي، ادبي ويهڪن ۾ جڏهن خاڪو پڙهندو آهي سڄي سنگت ڄڻ منڊجي ويندي آهي ۽ خاڪو پورو ٿيڻ کان پوءَ اسان سڀ اهو سوچيندا آهيون ته ڪاش خاڪو اڃا ٿورو وڏو هجي ها جو اقرار کي وڌيڪ ٻڌڻ جو موقعي ملي ها. سندس خاڪا ڪٿي ڪٿي کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهيو ڇڏين ته ڪٿي وري صفا اهڙي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏين جو پڙهندڙ پنهنجا ڳوڙها روڪڻ ۾ به ناڪام رهجي وڃي. اهو سندس لکڻيءَ جو ڪمال آهي جو هو مذاق ٿي ٿو لکي ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ لکيڪ ڪو وڏو مذاحيه ماڻهو آهي پر جي ڏکن ئي غمن جو عڪس ٿو  چٽي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ سندس زندگيءَ م غمن کان سوا ٻيو ڪو رنگ ڀريل ئي ناهي.
اوهان جڏهن اقرار پيرزادي سان پهريون ڀيرو ڪچهري ڪندا ته اوهان کي ائين لڳندو ته هي همراهه دل جي دنيا جو ماڻهو ئي ناهي، کيس پيار، محبت جي ڪا خبر ئي ناهي، هن کي رڳو تيز ڳالهائڻ جو ئي دڪو پياريو ويو آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي. جيڪڏهن اوهان کي اقرار پيرزادي جو حقيقي روپ ڏسڻو آهي ته ڪنهن راڳ جي محفل ۾ ڏسو. راڳ کيس صفا ميڻ ڪري ڇڏيندو آهي. ڳوٺ ۾ جڏهن استاد شفيع فقير جي محفل ٿيندي آهي ته اقرار جو انداز ڏسڻ وٽان هوندو آهي، ڪرسيءَ تي ويهي فنڪار ڏانهن اهڙا هٿ کڻندو آهي ڄڻ راڳ سندس سيني ۾ تلوار جيان کپي ويو آهي پر پوءِ هو ان سور مان سرور وٺي رهيوهجي.
هن مهل تائين هي همراهه لڳ ڀڳ هڪ سئو ماڻهن تي خاڪا لکي چڪو آهي ۽ سندس هر خاڪو ادبي لوازمات تي پورو ۽ ادبي حسناڪين سان سرشار آهي. سندس ڪتاب جن سين لئنون لڳي جي مهورتي تقريب تي سنڌي گيت جي بهترين شاعر سائين مير محمد پيرزادي اها به راءِ ڏني هئي ته اگر  ڪنهن مصور کان اقرار پيرزادي جا خاڪا پڙهائجن ته مصور پنهنجي فن وسيلي ڪردار جو صحيح نقش چٽڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. اهو قرار جي قلم جو ڪمال آهي جيڪو جنهن ڪردار تي لکي ٿو ڄڻ ان ڪردار جي تصوير ٿو ٺاهي ۽ اسان کي ائين محسوس ٿو ٿئي ڄڻ ڪردار سان پنهنجي ڪا پراڻي شناسائي آهي مطلب ته اقرار مٽيءَ هاڻن ڪردارن کي  قوم  جي ويجهو آڻي بيهاري انهن ڪردارن ۽ عوام ۾ پيل دوريءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
10 جون اقرار پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. مان سندس جنم ڏينهن تي کيس مبارڪباد به ڏيان ٿو ته سندس ڪيل ڪم کي سارهيان به ٿو. سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي مون مسڪين وٽ اهڙي ڪا به شيءِ ناهي جيڪا ڏئي هن يار کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏجن. بس دعا آهي ته اقرار پنهنجي تخليق جو سفر جاري ۽ ساري رکندو اچي، سندس آڱريون ڪڏهن به ٿڪ نه ڀڃن ۽ هو همشه جاکوڙ ۾ هجي، سندس قلم جي مس ڪڏهن به ختم نه ٿئي ۽ سندس قلم سنڌ جي ماڻهن صلاحيتن ۽ دردن جا عڪس چٽيندو رهي ۽ انهن عڪسن جي روشني ۾ ڪيترائي نوجوانن کائنس فيضياب ٿيندا رهن.

No comments:

Post a Comment