15/12/2018

شاعريءَ جي بچاءَ ۾ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
شاعريءَ جي بچاءَ ۾
(هڪ جواب)

”شاعريءَ جي بچاءَ ۾“ دراصل علي آڪاش جي لکڻي جو عنوان آهي، جيڪا روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ جي خميس 09 جولاءِ 2015ع واري شماري جي ادارتي صفحي تي ”پڪا رڇ ڪنڀار جا“ ڪالم جي هڪ ڪڙي طور شايع ٿي آهي. هيءُ ڪالم پڙهندي مون کي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ وارو اهو زمانو ياد اچي ويو، جنهن دوران خرچي بچائي، گڏ ڪري، ڪو نہ ڪو شاعريءَ جو ڪتاب وٺي ايندو هئس ۽ پڙهندو هئس. هڪ ڏينهن منهنجي اڻ پڙهيل ماءُ، مون کي شاعري پڙهندي، منهنجي چهري مان خبر ناهي ڇا پڙهي ورتو، جنهنڪري هوءَ سُري اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺي. مون سان عام معمول کان وڌيڪ سٻاجهي انداز ۾ ڳالهائيندي پڇيائين تہ؛ ”آئون هي ڇا جو ڪتاب پڙهي رهيو آهيان؟“

مون جڏهن منهنجي والده کي ٻڌايو تہ ”هيءُ شاعريءَ جو ڪتاب آهي“، تہ يقين ڪريو، منهنجي والده مون کي اڳي وارن ڀاڪرن ۽ پيار کان وڌيڪ پنهنجائپ واري ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي ۽ تمام گهڻو پيار ڪندي، مٺيون ڏيندي، اکين مان لڙڪ ڳاڙيندي، مون کي چيو هو؛ ”ابا، ماڻهو چون ٿا شاعري پڙهڻ سان ماڻهو چريو ٿي پوندو آهي، تون شاعري نہ پڙهندو ڪر، ڪڏهن بہ شاعري نہ ڪجان“.
ٻہ ٽي ڏينهن ٿيندا تہ آئون ڊگهڙي ويو هئس. تاريخ جو پارکو، ڏاهو، اديب فقير بشير احمد لغاري اسپتال ۾ داخل هو، ساڻس مزاج پرسي لاءِ پهتو هئس. ڊگهڙي ۾ امير احمد کوسو بہ رهي ٿو، ان سان فيس بوڪ تي عليڪ سليڪ هئي، ان ڪري مناسب سمجهي، کيس اطلاع ڪيم تہ اهو بہ اچي نڪتو هو.
علي آڪاش تمام گهڻيون سٺيون ڳالهيون لکيون آهن، پر سندس هڪ پيراگراف ڪافي بحث طلب آهي. هن لکيو آهي تہ ”آئون هي ڳالهيون ان ڪري ڪري رهيو آهيان ته اڄ جي شاعرن کي اها ڄاڻ هجي ته شاعري اتهاس جي هر ڪنهن زماني ۾ هڪ نظر انداز ڪيل ۽ غير مراعت يافته شيءِ رهي آهي. اها ٻين دريافتن، ايجادن، شعبن يا نظرين وانگي مراعت يافته وٿ نه رهي آهي. ان کي سرپرستي وارو مامرو سدائين اڳيان رهيو آهي. ان کي سدائين غير اهم ۽ بي وقعت شيءِ ڄاڻي رد ڪرڻ يا ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اڄ جڏهن ساڃاهه وندن شاعريءَ کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي ۽ انهن سنڌ ۾ پنهنجين صلاحيتن ۽ سگهه خرچ ڪرڻ جا ڪي ٻيا ماڳ مڪان ۽ شعبا ڳولي لڌا آهن ته ان تي مون کي ڪو به اچرج ناهي. منهنجي نظر اتهاس تي آهي، جتان مون کي ڏسجي ٿو ته شاعري هڪ اٻالي شيءِ رهي آهي“.
سائين منهنجا، جيڪا اڄ جي دور ۾، بلڪ 1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي، جيترا شاعر پيدا ٿيا آهن، اسان وٽ ان حساب سان اٽي ۾ لوڻ برابر بہ، ٻئي ڪنهن بہ مضمون، شعبي ۾ ماڻهو نہ آهن!؟ شاعرن جي جيڪا کيپ پيدا ٿي آهي، انهن جي معيار تي گهٽ، مقدار تي وڌيڪ، ان ڪري ڳالهايو ويندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي شاعري سان بہ نہ نڀائي رهيا آهن ۽ ٻئي ڪنهن مضمون ۾ بہ ڪجهہ نہ ڪري رهيا آهن.
موسيقي، راڳ روح جي غذا آهي ۽ راڳ، موسيقي جي غذا شاعري آهي، پر پاڻ وٽ ان مد ۾ جيڪا پيش رفت ٿي رهي آهي، اها بہ ڪنهن کان ڳجهي نه آهي. آئون ان خيال جو آهيان تہ هڪ شخص، جيڪو تعليمي سند جي حوالي سان ڊاڪٽر هجي، پر اهو سٺو ڊاڪٽر بہ نہ هجي ۽ سندس شوق، دلچسپي شاعري ۾ هجي، شاعري بہ ڪري، پر سٺو شاعر بہ نہ هجي، تہ اوهان ڇا کي ترجيح ڏيندا؟ منهنجي خيال ۾ ان ڊاڪٽر کي شاعري وسيلي ڪنهن جا درد آلاپڻ بدران، ڪنهن نہ ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي مسڪين ۽ تڪليفن ۾ مبتلا ماڻهن جي درد ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ، صحت جي مد ۾ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
شاعري هر دور جي ضرورت آهي، هر دور جي نمائندگي ڪندڙ آهي، هر دور جي تاريخ آهي شاعري، پر جيئن پاڻ وٽ هر ڪو شاعر ٿيڻ جي چڪر ۾، دنيا جهان جي باقي سمورن خفن کان خود کي پري رکيو اچي، اهو سٺو عمل نہ آهي. پاڻ تہ اها شاعري بہ پڙهي آهي، جنهن جو مطلب آهي تہ شاعري پيٽ نہ ڀريندي. سٺي شاعر جو مجموعو هٿو هٿ وڪامي ويندو آهي. پاڻ وٽ اشاعتڪار، پبلشر ٺڳ آهي، جيڪو شاعر کي ڪجهه نہ ڏيندو آهي. ڇا ٻين دريافتن، ايجادن، شعبن يا نظرين کي غير اهم ۽ بي وقعت شيءِ ڄاڻي رد ڪرڻ يا ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش سٺي رهندي؟ علي آڪاش سندس تحرير ۾ منهنجي خيال ۾ اهڙي ئي ڪوشش ڪئي آهي! منهنجي خيال ۾ ساڃاهه وندن اڃا شاعريءَ کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي، پر انهن معيار تي زور ضرور پئي ڏنو آهي ۽ وقت جي تقاضا کي محسوس ڪندي، انهن سنڌ ۾ پنهنجين صلاحيتن ۽ سگهه خرچ ڪرڻ جا ڪي ٻيا ماڳ مڪان ۽ شعبا ڳولي لڌا نه آهن، جتي جتي ضرورت محسوس ٿي آهي، اتي ڪم کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. علي آڪاش سائين، اوهان کي ڪو به اچرج ٿيڻ به نه گهرجي، پاڻ سڀني جي نظر اتهاس ۾ آهي، جتان في الوقت صرف شاعري تي ئي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ٻين سڀني، خاص ڪري پيشيورانه شعبن کي اٻالي شيءِ سمجهيو پيو وڃي.
پاڻ وٽ اڪثر لکڻيون، اڪثر بيان، اڪثر احتجاج، شاعرن ۽ اديبن جي صحت، هر ضرورت جي موضوع سان لاڳاپيل آهن يا .... ڪڏهن ڪنهن سائنسدان، تعليمدان، قانوندان، انجنيئر، ڊاڪٽر جو ڪنهن جنم ڏينهن ياد رکيو آهي؟ ڪنهن جي مرتئي تي ڪنهن لکيو آهي؟ پاڻ وٽ شاعر گهڻا مشهور ۽ معروف آهن يا پيشيوراڻي مهارت رکندڙ؟! شاعر جو ته هر ڪو ڏس ڏئي ٿو، پر ڪنهن ڊاڪٽر، انجنيئر، سماجدان، معيشتدان، قانوندان جو ڏس به عام ماڻهو کان ملڻ گهرجي. آئون شاعر ۽ شاعريءَ جو مخالف نه آهيان، نہ سمجهڻ گهرجي، پر هر ڪنهن کي سوچڻ ويچارڻ گهرجي، تہ هو سٺو شاعر ٿي سگهي ٿو يا سٺو زرعي ماهر ٿي سگهي ٿو. پاڻ وٽ صرف شاعر نہ گهرجن. پاڻ وٽ ماهر معالج گهرجن، جيڪي هاڻي اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن. پاڻ کي بهترين انجنيئر گهرجن، پر ڳڻايو تہ گهڻا آهن؟ پاڻ کي تعليمدان گهرجن، پر اوهان کي جي سُجهن ٿا تہ نالا لکو، پاڻ کي قانوندان گهرجن، پر ڪيترا آهن؟ پاڻ کي پيشيورانہ مهارت رکندڙ گهرجن، صرف شاعر ۽ شاعري پنهنجي ضرورت نہ آهي. شاعر منهنجي خلاف ڀلي جلوس ڪڍن، پر آئون پنهنجي دل جي ڳالهہ قلمبند ڪندس، تہ شاعري اهو ڪري، جيڪو پنهنجي مشهور، مقبول، معروف شاعرن کان وڌيڪ سٺي شاعري ڪري سگهي. اسان کي شاعرن جا ٽولا ۽ وڳر ڪو نہ ٿا گهرجن. جڏهن تہ پاڻ وٽ شاعر وڌائڻ جو ڪم وڌيڪ ٿي رهيو آهي! شاعر کي معيار ۽ مقدار کي ذهن ۾ رکي، توازن برقرار رکڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment