16/12/2018

ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا تي تبصرو - رکيل مورائي (Rakhyal MOrai)


رکيل مورائي
نامياري ليکڪ ۽ نوجوان نقاد، خليق ٻگهيو جي ڪتاب
ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاوياتي تبصرو

اهو سچ آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ تنقيد جي گهٽائي شدت سان محسوس ڪئي وئي آهي، اهو سچ نه آهي ته اڄڪلهه غضي ۾ ۽ اڻ سهپ جي بنياد تي جيڪو ڪجهه لکجي رهيو آهي، اهو تنقيد آهي. تنقيد نه هجڻ سبب سنڌي تخليقي ادب جي ڪٿ نه ٿي سگهي آهي پوءِ به، الڳ الڳ حلقن ۾ جيڪو ڪجهه اڀياسن جي صورت ۾ اچي رهيو آهي ان سڀ کي تنقيد قبولڻ ڏکيوآهي؛ پر اها تنقيد تائين رسائي جي هڪ ڪوشش ضرور آهي. اڄ ته ادب ۾ سينيئر/جونيئرن جون حدون ڊاهي جنهن نيچ پڻي جي سطح تي لکيو ۽ ڳالهايو پيو وڃي، ان جو ذڪر ادبي تنقيد ته ڇا، شخصي لڄاداريءَ جون حدون به لتاڙي ويو آهي. اهڙي ادبي/غير ادبي ماحول ۾ جيڪي نوجوان سچ پچ شخص/ذات کان بنهه الڳ يا پري بيهي تنقيد لکي رهيا آهن انهن ۾ خليق ٻگهيو به شامل آهي.

مجموعي طور مان سندس تنقيد کي به، سنڌي ادب ۾ ان تنقيد جو حصو سمجهان ٿو، جيڪا اسان وٽ ڪنهن حد تائين نصاب کان ٻاهر نڪتي آهي. ٻي صورت ته اها آهي ته اسان جا جيڪي نوجوان چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪن ٿا ۽ پنهنجي نصاب ۾ ارسطو کان اليٽ تائين تنقيد پڙهن ٿا، اهي آفيسر ٿي، پاڻ لاءِ سنڌي ادب جو نقاد هجڻ وارو ڀرم پالين ٿا جيڪا سنڌي ادب سان خود زيادتي هڪ پاسي آهي، ته ٻئي پاسي انهن نقادن لاءِ به کلڻ جو جهان خلقي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌي ادب لاءِ نصاب کان ٻاهر ڪورا ڄٽ آهن، ته اهي سنڌي ادب جي نقاد ڪيئن ٿيندا؟
اهو سوال خود ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. اسان جي رسالن جي ڪن اديبن ۽ ڪن غير اديب انهن جا ڪي ٽئين درجي جا ادب جي ۽ تنقيد جي نالي ۾ نصابي مضمون اشتهارن جي عيوض ڇاپي، انهن کي سنڌي ادب مٿان نقاد جي نالي ۾ چوڪيدار ڪري بيهاري ڇڏيو آهي؛ ۽ اهي پاڻ کي اعليٰ سمجهندڙ نقاد ارسو کان ايليٽ تائين تي ليکل نصابي/ سوانحي/بايو ڊيٽائي هڪ اڌ مضمون لکي پاڻ کي نقاد چوائي خوش به ٿي رهيا آهن. اهڙي حصي ۾ مان خليق کي نٿو شامل ڪريان، جيتوڻيڪ سندس تنقيد جو دائرو به اوترو ئي آهي؛ پر ڪٿي ڪٿي هو، انهن جون حدون ڪراس ڪري نئين تخليقي تنقيد ڏانهن اچي ٿو، جيڪا ڳالهه ساراهڻ جوڳي آهي.
تازو خليق جو تنقيد جي نالي ۾ لکيل مضمونن جو ڪتاب آيو آهي، جنهن پڪ سان ڪجهه سرهائي ڏني آهي. خليق ڪنهن حد تائين عالمي نقادن جا حوالا غير ضروري طور هن ننڍي ديس جي ننڍي ادب سان لاڳو ڪري پاڻ کي کلڻ هاب نٿو ڪري. هو ڪنهن به تخليق تي لکڻ وقت اهو نٿو وساري ته ان تخليق کي پنهنجي ڌرتي آهي، پنهنجو آسمان آهي، پنهنجي تهذيب آهي ۽ اهم ڳالهه ته پنهنجو احساس آهي، جنهن جو اظهار ان تخليق ۾ آهي، جيڪا تخليق مٿين سڀني هوندن جي اُپج آهي. اها ايليٽ جي تنقيد کان متاثر ٿي نه لکي وئي آهي. اول تخليق جي اهميت آهي، تنقيدي نظريا پوءِ ٿا اچن، نقاد کي اهو وسارڻ نه گهرجي! ۽ خليق ٻگهئي کي اهو ياد آهي.
ايئن به ٿيو آهي ته خليق جا ڪي مضمون اڀياس آهن، اهي تنقيد نه آهن، سڌن لفظن ۾ ايئن چوڻ گهرجي: اهي ادبي ڪٿ نه آهن، جنهن ڪٿ کي اصولي طور تنقيد ڪوٺجي ٿو؛ پر خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته خليق جو تنقيد ڏانهن سفر شروع ٿيو آهي. اڳتي هلي، ان جو لاڀ سنڌي ادب کي پوڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو رويو سنجيده آهي. مثال جي شايد گهرج پوي ٿي، سنڌي ادب ڏانهن سنجيده ۽ همدرداڻو تنقيدي رويو سنڌي نقاد اڪبر لغاريءَ جو آهي، ان کان پوءِ سنڌي تنقيد ۾ ايندڙن کي پنهنجو رويو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چڪاسڻ جي گهرج آهي.
سنڌي ادب تي تنقيد لکندڙ پاڻ ڪٿي آهي؟ هو پاڻ ڪنهن به تخليق جي باري ۾ ڇا ٿو چوڻ فرمائي؟ اسان کي ان جي راءِ جو اوسيئيڙو آهي. ارسطوءَ کان ايليٽ تائين يا نئين تنقيد ۾ زاڪ دريدا کان رولان بارٿ تائين سڀ تنقيد جا معيار مقرر ڪندڙ سنڌي ادب جا نقاد نه آهن، اسان کي سنڌي ادب بابت نقادن جي گهرج آهي، عالمي تنقيد جي، پهاڙ جيڏن حوالن جي گهرج گهٽ آهي، عالمي تنقيد جي، پهاڙ جيڏن حوالن جي گهرج پوءِ ٿي اچي ۽ ان سڀ ڏانهن خليق سچيت آهي، اهو سندس هن ڪتاب جا مضمون ٻڌائين ٿا.
خليق کي نج نقاد طور اڀري اچڻ واري رستي ڏانهن ايندي خوشي ته ٿئي ٿي پر سفر ڊگهو آهي جنهن جي شروعات هن ڪتاب ”ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا“ سان ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس سترهن مضمون آهن ۽ پڪ سان اڌ مضمونَ تنقيد ۽ اڌ اڀياس آهن، جيڪي سڀ اڄ جي لکندڙ کي پڙهڻ کپن. ادب جي سنجيده پڙهندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب ڪمائتو آهي، جنهن ۾ سوا ٻه سئو صفحا آهن، ٽن سون جي ملهه وارو هيءُ ڪتاب ڪنول پبلڪيشن قمبر جي سرواڻ سعيد سومري ڇپايو آهي. سندس اداري تنقيد ڏانهن به ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه گهڻو آٿت ڏيندڙ آهي. ڪجهه وقت شاعريءَ کان پري شاعريءَ بابت به ڪجهه پڙهڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment