16/12/2018

استاد بخاري کي نئين سري سان پڙهڻ گهرجي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


رکيل مورائي
استاد بخاري کي نئين سري سان پڙهڻ گهرجي


سچ پچ جيڪڏهن شاعر ولي به ٿيندا آهن ۽ اهي پنهنجي اندرين قوتن جي آڌار تي هن ڪائنات جا ڪي راز به ڄاڻي سگهندا آهن ۽ اڳ-ڪٿيون به ڪري سگهندا آهن ته پڪ سان استاد بخاري انهن شاعرن ۾ شامل آهي، ڀلي غالب پنهنجي ڪنهن ڪمزوريءَ تي ندامت جي احساس هيٺ چيو هجي ته
تجهي هم ولي سمجهتي، جو نه باده خوار هوتا
پوءِ به هن ننڍي کنڊ جو هر سنجيدو پڙهندڙ غالب کي ولي کان گهٽ نٿو سمجهي ۽ ائين سوچي ٿو ته سندس ان عظمت ۾ شايد سندس باده خواريءَ جو به ڪجهه عمل دخل هجي.

استاد بخاريءَ جي شاعراڻي اڳ-ڪٿي جو مثال منهنجي آڏو اڄ جي ايم ڪيو ايم آهي ۽ ان جي پنڌ ۾ ڌڪا کائيندڙ اهي سنڌي آهن، جيڪي پنهنجي لڳ ڀڳ ڏهن هزارن سالن جي قديم تهذيب، نئين جڙيل شاندار ثقافت، دنيا جي قديم ٻولين ۾ شمار ٿيندڙ ٻولي، پهاڙن، وارياسن پٽن، سون جهڙا فصل اپائيندر زرعي زمينن، هڪ ڊگهي سامونڊي پٽيءَ جي وارث هوندي به وطن کان انڪاريت جي فلسفي تي يقين ڪري، ان تي فخر ڪري، جهمريون هڻي پاڻ کي کلڻ هاب ڪري رهيا آهن.
مان ڀايان ٿو ته مان ٻارڙو هوس ۽ پڪ سان ايم ڪيو ايم اڃا نه ٺهي هئي، ان دور ۾ ڪنهن محفل ۾ استاد بخاريءَ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ هڪ شعر ٻڌايو هئو. جنهن جو هڪ بند ڪجهه هيئن هئو:
ڪو رولو شودو شهرن جو
ٿو ويڙهي وچ مان واٽ ڪري
هٿ ناٽ ڪري
ڪيئن ويهون اوندهه ٻاٽ ڪري
۽ اڄ سنڌ جي نج پج صورتحال اها آهي جو اسين اوندھ ڪري ويٺا آهيون، گهٽ ۾ گهٽ استاد بخاريءَ جي هن شعر جي اوٽ وٺي اسان کي پنهنجي اونداهي دور ڪرڻ کپي ۽ ان شهري شودي کي روڪڻ کپي، جيڪو سنڌ جي هر ويڙهي جي وچ مان پنهنجي واٽ ٺاهي رهيو آهي، جڏهن استاد بخاريءَ هيءُ شعر لکيو هئو ته پڪ سان اها ان وقت هڪ اڳڪٿي هئي، جيڪا فقط عظيم شاعر/ولي نما شخص ڪري سگهندا آهن ۽ ائين استاد اهڙو ولي شاعر آهي، جهڙو غالب هئو، اسان ٻنهي جي وچ مان ”باده خواري“ الڳ ڪري ٿا رکون، جنهن وقت جنهن کي انجي ضرورت پوي ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو.
سچ پچ استاد بخاري پنهنجي شخصيت ۾، پنهنجي شاعري ۾ ۽ پنهنجي سنساري وهنوار ۾ هڪ ولي نما شخص ۽ شاعر آهي. ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن، جيڪي اڄ جا لکندڙ استاد بخاريءَ سان مليا هئا، اهي سندس شخص جي باري ۾ اهڙي شاهدي ڏئي سگهن ٿا ۽  جيڪي ساڻس نه ملي سگهيا ۽ انهن فقط کيس پڙهيو آهي، اهي سندس شاعري جي باري ۾ ٻڌائي سگهندا. انهن ٻنهي حوالن جي وچ ۾ استاد جي ادبي حيثيت اها جڙي ٿي جو اڳتي هلي شايد وقت اهڙو فيصلو ڏئي جو ان وقت جو لکندڙ پنهنجي همعصر دور ۾ ائين لکي ته اڄ جي سنڌي لکندڙن جا ٻه ڀاڱا آهن، هڪڙا اُهي آهن جن استاد بخاريءَ کي ڏٺو هئو  ۽ ٻيا اهي آهن  جن استاد بخاريءَ کي نه ڏٺو، صرف پڙهيو آهي ۽ انهن ٻنهي حوالن جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪرُ کڻي بيهي ۽ استاد بخاري ان لڪيرن جي ٻنهي پاسي، هڪ گهاٽي برجيان پنهنجي ادب/شاعريءَ معرفت هڪ ويڪري دائري ۾ پنهنجي ڇانوَ جي ٿڌاڻ جو احساس ڪرائي. ان ڪري اڄ جيتوڻيڪ استاد کي وئي ڪو گهڻو عرصو ته نه ٿيو آهي، وچ ۾ صدين جو سفر به نه گذريو آهي تڏهن به محسوس ٿي رهيو آهي ته استاد بخاريءَ کي نئين سري کان پڙهڻ جي گهرج آهي.
شايد اها ڳالهه لکڻ جي مجبوري منهنجي آڏو ان وقت ڪَرُ کڻي بيٺي جڏهن مون تازو سنڌي ٻوليءَ کي ذهين اديب هريش وسواڻيءَ جو 1989ع ۾ لکيل هڪ ليک پڙهيو جنهن ۾ هن گهڻين ڳالهين سان گڏ هڪ هيءَ ڳالهه به لکي آهي ته:
”محدود“ لفظ جي دائري کان ٻاهر  شبد ڀنڊار (لفظن جو ذخيرو) رکڻ وارا سنڌيءَ ۾ صرف ٻه ئي شاعر آهن هڪ شاھ ۽ ٻيو اياز- شيام به نه! ۽ هن جنهن سٽ کي بريئڪيٽ ۾  آندو آهي، اها هيءَ آهي ته :
(هند ۽ سنڌ جي انهن شاعرن کي مان ان حد کان ٻاهر ٿو رکان، جن تي شاھ جي شبد ڀنڊار جا پاڇولا آهن.)
هريش جي هن راءِ کان پوءِ هلندڙ دور اها شدت ڏيکاري رهيو آهي ته سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو هريش جي ليول جو نقاد آهي ته اهو استاد بخاريءَ کي هڪ ڀيرو وري پڙهي. مان ڪامل يقين سان چوان ٿو ته جيڪڏهن استاد بخاري کي هريش پڙهيو هجي ها ته مٿين راءِ ڏيڻ کان اڳ هو هڪ درجن ڀيرا ضرور ويچاري ها، ڇاڪاڻ ته هُو هڪ ويچارڪ نقاد هئو.
ان ڪري مون سنڌي نقاد کي پنهنجي اندر جي شرمساري بچائڻ لاءِ به اهو عرض ڪيو آهي ته اهو استاد بخاريءَ کي هڪ ڀيرو وري ضرور پڙهي، ممڪن آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سرجيل سنڌي شاعريءَ تي هو هڪ ڀيرو وري نئين سري سان ويچاري.
سنڌي شاعريءَ جي نقاد مان منهنجي مراد اها آهي ته هو جتي به آهي، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ آهي، هن کي سنجيدگيءَ سان استاد کي پڙهڻ گهرجي، مان ٿوري گهٽ يقين سان اها ڳالهه به چوڻ چاهيان ٿو ته، استاد بخاريءَ جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي وڏن شاعرن مان هڪ شاعر کي سنڌ ۾ پڙهڻ واري انداز سان پڙهيو نه ويو آهي هن کي ڪجهه ٻڌو ويو آهي ۽ پوءِ سندس باري ۾ ٺيڪ يا نا ٺيڪ ڪجهه به فرمايو ويو آهي ۽ ان کان وڌيڪ  هن کي تضادن جي ور چاڙهي وڌيڪ کان وڌيڪ محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. استاد ايڏو وسيع آهي، جو شايد هريش کي ڪنهن جنم ۾ پنهنجي مٿين ڏنل راءِ ۾ هڪ نالو وڌيڪ جوڙڻو پوي جيڪو هوندو استاد بخاري!
اڄ جڏهن سنڌي ادب/شاعريءَ تان سياسي نظرين جي ڌوڙ ڪجهه هلڪي ٿيڻ لڳي آهي، تڏهن ادب/شاعريءَ جو تخليقي چهرو وڌيڪ چٽو ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ نکار ظاهر ٿيڻ لڳو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي سندس اصلي چهرو آهي، جيڪو سياسي ڌوڙ ۾ ميرانجهڙو ٿي ويو آهي يا ان تي هر نظرئي جي ڌوڙ اڇلي ويئي آهي.
پڪ سان ايندڙ دور تخليق جو دور هوندو ۽ جيئن جيئن تخليق کي مرتبو ملندو ويندو، تيئن تيئن استاد بخاري ۽ سندس کير سان ڌوتل منهن واري ڳوٺاڻيءَ جهڙي شاعري پنهنجو اجرو روپ ظاهر ڪندي رهندي.
هڪ شخص طور استاد بخاري، هر سنساري بدعت کان آجو رهندڙ هڪ معصوم ۽ سچار شخص هئو. هن ۾ مصنوعيت نالي ڪنهن به شي ڪڏهن به واسو نه ڪيو، پنهنجي سڀاءَ ۾ ولي لڳندڙ شخص استاد بخاري پاڻ چوندو هئو ته مونکي زندگي ٽي شيون ڏاڍيون وڻنديون آهن.
شاعري، موسيقي ۽عورت! ۽ انهن ٽنهي جي هو جيڪا وضاحت ڪندو هئو، ان ۾ جيڪو تقدس هوندو هئو، اهو سچ پچ ڪنهن ولي جي ڳالهين ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. ياد رکڻ گهرجي ته مان ”ولي“ لفظ هڪ تقدس واري اديب /شخص لاءِ استعمال ڪري رهيو آهيان ان کي ڪنهن عقيدي واري معنيٰ ۾ وٺڻ ٺيڪ نه رهندو.علامتي طور ولي شخص به ائين ئي آهي ۽ مان استاد جي شخص کي ائين ڪري کڻان ٿو.
استاد بخاري سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙو نالو آهي، جنهن کي بي مثال جي معنيٰ ۾ به کڻي سگهجي ٿو. گهڻو سوچڻ ۽ ويچارڻ کان پوءِ به استاد جي همعصرن ۾ سندس مثال ڳولي نه سگهبو. هن جو لهجو، هن جي ٻولي، هن جو لفظن جو استعمال ۽ انهن ۾ احساسن جي اوت ڪرڻ جو ڏانءُ بنهه پنهنجو آهي. ان انفرادايت سبب ئي استاد سنڌي شاعريءَ ۾ گهڻو نمايان ۽ الڳ الڳ رهندو. ان لاءِ فقط هن کي هڪ تخليقي نقاد جي گهرج آهي، جيڪو نقاد هن جو همدرد پڻ هجي! جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهيو ته پوءِ پڪ سان ٽٽي پوندي استاد دادوءَ جي دل.

No comments:

Post a Comment