پروفيسر محمد
سليم ميمڻ
ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو
(ڪتاب بابت رايو)
هند
سنڌ ۾، علم ادب، تحقيق، لوڪ ادب ۽ ناٽڪ جي حوالي سان سٺي ساک رکندڙ ”ڊاڪٽر ڄيٺي
لالواڻي جي زندگي، علمي ادبي جاکوڙ، لوڪ ادب، ٻاراڻي ادب“ بابت هڪ تحقيقي ۽ جامع
ڪتاب سامهون آهي. دراصل اهو هڪ پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي، جيڪو ڊاڪٽر روشن گولاڻي
صاحب جي تحقيق جو ثمر آهي.
ڊاڪٽر
روشن پنهنجي ليکي هڪ نوجوان ليکڪ، سٺو فنڪار، مترجم، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن آهي.
هن هندستان جي ڪيترن ئي سنڌي ساهتيه اڪيڊمين پاران ڪوٺايل سيمينارن ۾ پنهنجا
تحقيقي مقالا پڙهيا آهن، جن کي وقت جي وڏن عالمن ۽ محققن پاران مڃتا ملندي رهي آهي
ته ساڳئي وقت مختلف ادارن پاران کيس ستن اهم
ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ماستر چندر ايوارڊ 2012ع“ پڻ شامل
آهي.
ڊاڪٽر
روشن جي تحقيق سنڌي ٻوليءَ جي مڃيل اصولن توڙي ننڍي کنڊ جي تسليم ٿيل ادبي ۽
تنقيدي اصولن مطابق آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر روشن کيرون لهڻي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ڪملا
گوڪلاڻي، جيڪا پڻ هندستان ۾ مڃيل محققه، ڪهاڻيڪار، تعليمدان آهي، سا پڻ جس لهڻي،
جنهن جي رهنمائي هيٺ تحقيقي مقالو لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي نج
علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
باب پهريون:
ڊاڪٽر
ڄيٺولالواڻي جي حياتي ۽ شخصيت بابت آهي، جنهن ۾، سندس ننڍپڻ، تعليم، تربيت، ڪٽنب،
شادي نوڪري، ڌنڌا، شخصيت جي ڪٿ، سندس جيون جو ٻاهريون ڏيک وغيره شامل آهن. ڊاڪٽر
لالواڻي جي خاندان جو تعلق ڪنڊياري تعلقي (موجوده ضلعي بينظير آباد) سان هو، جيڪو
’ساهتي پرڳڻي‘ طور مشهور هو. ان کان پوءِ ورهاڱي سبب هو هندستان جي مختلف شهرن:
انڊور، کيمو، احمد آباد، ڪٻيرنگر ۾ رهيا،
جتي ڄيٺي جي ابتدائي توڙي ثانوي تعليم مڪمل ٿي. محنت ۽ ڳالهائڻ ۾ پختگيءَ ڪري هو
جلد منزلون ماڻيندو رهيو.
ورهاڱي
سبب، جتي اڪثر ڪٽنب بدحالي جو شڪار هئا، اتي لالواڻي خاندان جي وڏن زندگي جي
شروعات ريزڪي واپار سان ڪئي. ڊاڪٽر
لالواڻي 34 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ هڪ ڌي ۽ پٽ جو اولاد ٿيس. خانداني حوالي سان
ڊاڪٽر صاحب خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي.
باب
پهرين جو آخري ڀاڱو پڙهڻ جوڳو آهي، جنهن ۾ لالواڻي صاحب جي بزرگ دوستن، اتساهه
ڏيندڙن توڙي سيهوڳي ساهتڪارن جو تفصيل سان ذڪر آهي.
لالواڻي
صاحب ادب، سماج توڙي تعليمي تنظيمن ۾ جيڪو شانائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن جو
وچور به ڏنو ويو آهي. ساڳي وقت ڊاڪٽر ڄيٺي جي سمورن مضمونن، مقالن، ڪتابن، ناٽڪن ۽
ترجمن جو موضوع وار تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي.
ٿيسز
جي اهم ڳالهه ڊاڪٽر روشن (محقق) جو موضوعي شخصيت: ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي سان ٿيل
گفتگو آهي، جيڪا 5 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ مختصر طور ڊاڪٽر ڄيٺي جي شخصيت، سندس
پسند جا ليکڪ، ڪتاب، چاهت وغيره جا سڀ وشيه اچي وڃن ٿا. (روبرو ملاقات جي تاريخ
لکڻ ازحد ضروري هئي، جيڪا نه ڄاڻائي وئي آهي.)
ٻيو باب:
ڊاڪٽر
ڄيٺي لالواڻي جي سڃاڻپ جو مکيه پهلو ‘لوڪ ادب جي ماهر ((Folk
lorist پڻ آهي، هند ۾ هن لوڪ ساهتيه تي جيڪو ڪم ڪيو
آهي، ان جو ڪو مٽ ثاني نه آهي، حقيقت ۾ سنڌي ٻولي جيڪا هزارن سالن جي تاريخ رکي
ٿي، ان جو لوڪ ادب نهايت سگهارو آهي. جيڪي اديب ۽ عالم لوڪ ادب مان اڻواقف آهن، سي سنڌي ٻوليءَ جي قديم سرمائي، سٽاءَ ۽
سونهن جي ڪٿ ڪري نٿا سگهن، ان حوالي سان ڊاڪٽر لالواڻي هند ۾ لوڪ ادب جي ’چنڊ‘ مثل
آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ ٻيا ستارا ڪم ڪري رهيا آهن. خاص طور تي ڊاڪٽر صاحب ڪڇ، ڀڄ،
ٻني ۽ گجرات وارن خطن جي لوڪ ادب کي سهيڙي نهايت ئي اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
لوڪ ادب بابت مختلف صنفن جهڙوڪ: پروليون، ڳجهارتون، لوڪ گيت، لوڪ ناٽڪ، لوڪ ڀڳت،
لوڪ قصا ڪهاڻيون، لوڪ ساٺ وغيره، ان ڏس ۾، ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي لوڪ ادب جي مڃيل
محققن جهڙوڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ملوڪ عباسي، جي
ڪتابن مان به حوالا ڏنا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي لوڪ ساهتيه مان هند- سنڌ جو سڳنڌ پيو
اچي. ڊاڪٽر صاحب هندستان ۾، ان شعبي ۾ يڪتا آهي، ڪو به محقق سندس ڪمن جي حوالن ڏيڻ
کان سواءِ اڳتي وڌي نه سگهندو.
اسان
جي ته اها راءِ آهي ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ ڄامشورو/ حيدرآباد کي گهرجي ته ڊاڪٽر ڄيٺي
لالواڻي جي لوڪ ادب بابت شايع ٿيل سڀني ڪتابن توڻي اڻ ڇپيل مواد کي ڪٺو ڪري نئين
سر سنڌ ۾ ڇپائي لوڪ ادب جي باب کي مڪمل ڪرڻ گهرجي، ان عمل سان سنڌ جي محققن کي اها
سولائي ٿي ويندي ته اُهي سنڌ سان لڳو لڳ ڀارت ڌرتي تي اسريل سنڌي لوڪ ادب کي ڀيٽي
گڏيل موازنو پيش ڪري سگهندا، ڇاڪاڻ اينٿروپالاجي جي عالمن جي گڏيل راءِ آهي ته
انساني جذبن، اڌمن ۽ احساسن جي صحيح معنى ۾ پرک لوڪ ادب وسيلي ٿي سگهندي آهي.
باب ٽيون:
هي باب
ڊاڪٽر لالواڻي جي تخليقي ڪمن جو احاطو ڪري ٿو. هن ۾ گهڻي قدر ڊاڪٽر صاحب جون
ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي هن مختلف وقتن تي لکيون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر روشن ڪهاڻي جي وصف
کان وٺي، ڊاڪٽر ڄيٺي جي لکيل اٽڪل سڀني ڪهاڻين تي پنهنجي سوچ آهر ٽيڪا ٽپڻي ڪئي
آهي ته ڪن ڪهاڻين جي پسمنظر کان آگاهه پڻ ڪيو آهي. ته ڪن ڪهاڻين جي مکيه پهلوئن جي
واکاڻ به ڪئي آهي.
ڊاڪٽر
روشن جي ان ڏس ۾ تحقيق ساراهه جوڳي آهي، جو هن وڏي جفاڪشيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر
لالواڻي جون مختلف مخزنن، اخبارن جرنلس ۾ شايع ٿيل ڪهاڻيون ڳولي هٿ ڪيون آهن، انهن
مان ڪن آکاڻين تي وڏن ليکڪن جا رايا به شامل ڪيا آهن. ڪهاڻين جي حوالي سان ڊاڪٽر
لالواڻي، ان پڌ تي نه پڌاريو آهي، جيئن سنڌ ۾ نسيم کرل، امر جليل يا آغا سليم
وغيره آهن. تڏهن به ڪهآڻين جي حوالي سان ڊاڪٽر لالواڻي جو سگهارو نالو ضرور آهي
’پوسٽ مارٽم‘، ’ردي‘، ’ماضيءَ جا ڌنڌلا ڪڪر‘ وغيره، سندس ڪهاڻين جا اهم ڪتاب آهن.
باب چوٿون:
هن باب
۾، مضمون نويسيءَ جي فن ۽ ڊاڪٽر ڄيٺي جي مضمونن بابت ڄاڻ ڏني ويئي آهي، جنهن جو
خاص موضوع آهي: ڪٽنب ۽ سماجي مسئلا.
هي باب
شاگردن لاءِ معلومات جو ڀنڊار آهي، جنهن ۾ مضمون نويسيءَ جي فن، تاريخ، هند- سنڌ ۾ لکيل مضمونن جي ڪتابن
جو تفصيلي وچور ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب به سماج جي هر پهلوءَ تي مضمون لکيا آهن.
جيڪي مختلف پرڳڻن ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۾ پڙهيا آهن، ته ڪي وري هن اسڪول ۽ ڪاليج جي
شاگردن جي علمي گهرج مطابق لکيا آهن. انهن جو انگ سوَن ۾ آهي.
مضمونن
جي حوالي سان، ڊاڪٽر ڄيٺي جا ڪيئي اهم ڪتاب آهن، جن بابت ڊاڪٽر روشن وڏي جاکوڙ سان
معلومات گڏ ڪئي آهي. انهن ۾ ”ويچار“، ”فلم اسٽار“، ”ناٽڪ رنگ ۽ منچ ڪلا“، ”ادبي
سرهاڻ“، ”ناٽڪ ڪلا جو وڪاس“، ”سنڌو ناٽيه درشن“، ”بدني تعليم“، ”ساريرڪ تعليم“،
”ڪٽنبي صحت“، ”ادبي ويچار“، ”آزاديءَ جو پروانو“، ”شهيد هيمو ڪالاڻي“، ”مهاڳ“،
”مور نه وسران سنڌ“، ”ادبي غنچو“، ”سنڌي ناٽڪ پرمپرا“، ”ادب جو سينگار“، ”متفرقا“
وغيره. حقيقت اها آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب هند ۾ سنڌي سماج جو مڪمل خاڪو پيش ڪن
ٿا. انهن ۾، شخصي زندگي کان وٺي، شاديون
مرادون، عام زندگي جو وهنوار، تعليم، هنر، ناٽڪ، فلمون مطلب ته هر موضوع تي
تفصيل سان لکيو ويو آهي، انهن مضمونن ۾، مناسب هنڌن تي سنڌ جي نالي وارن ليکڪن جا
حوالا پڻ ڏنا ويا آهن. ڪٽنبي ۽ سماجي وهنوار جي لحاظ کان اهو باب وڏي اهميت رکي
ٿو. جنهن لاءِ ڊاڪٽر روشن مبارڪباد جو مستحق آهي. سنڌ ۾ ان حوالي سان اهڙو تحقيقي
مواد اڻلڀ آهي.
باب پنجون:
هن باب
۾، هند ۾ ناٽڪن وسيلي سماجي حياتي جي عڪاسي ڪئي وئي آهي، هندو سماج ۾، ناٽڪن کي
وڏي اهميت حاصل آهي، ورهاڱي کان اڳ، هتي سنڌ جي مرڪزي شهرن کان علاوه تعلقي سطح جي
اهم شهرن ۾ ناٽڪ منڊليون قائم هيون، جتي هفتيوار ته ڪڏهن روزانو ناٽڪ پيش ڪيا
ويندا هئا. مرڪزي شهرن: ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، سکر، وغيره
۾ ان ڏس ۾ وڏي چٽا ڀيٽي هوندي هئي. پري پري کان شوقين ڪهي اچي اهي ناٽڪ ڏسندا هئا.
فلمن جو رواج پوءِ پيو.
حقيقت
۾ ڊاڪٽر ڄيٺي جي ادب ۽ ڪلا ۾ ٻه خاص خوبيون آهن، هڪ لوڪ ادب، ٻيو آرٽ، هو هڪئي وقت
ناٽڪ نويس، اداڪار، پيش ڪار، هدايتڪار آهي. ناٽڪن جي حوالي سان، هند ۾ سندس وڏو
نالو آهي.
ڊاڪٽر
روشن نه صرف سندس ناٽڪن تي ڀرپور تنقيدي نگاهه وڌي آهي پر ان سان گڏوگڏ، قديم زماني
کان وٺي ناٽڪ جي فن تي روشني پڻ وڌي آهي. ان حوالي سنڌي ناٽڪ نويسي جو به شاندار
نموني ذڪر ڪيو آهي اهڙو تفصيل اسان کي سنڌ ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي تحقيقي مقالن ۾ نظر اچي ٿو، جنهن
۾ هنن يونان، يورپ، هند، سنڌ جي ناٽڪن تي تحقيقي ۽ تنقيدي انداز ۾ جامع نموني سان
لکيو آهي.
ان باب
۾ ڊاڪٽر روشن لکي ٿو ته ”غور طلب آهي ته ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ڀارت ۽ گجرات ڀر جو
پهريون سنڌي ناٽڪ نويس، ناٽڪ ڪار آهي، جنهن کي گجرات راجيه سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي،
طرفان ”ناٽڪ ڪلا گؤرو پرسڪار 05-2004ع سان نوازيو ويو آهي. هي گجرات ۽ ڀارت جي
پهريون سنڌي ناٽڪ نويس آهي، جنهن کي اهڙو
انعام مليو آهي“. ص 145
ڊاڪٽر
ڄيٺي جا ڪي اهم مجموعا هيٺ ڄاڻايل آهن:
”تنهنجا غم
منهنجا آهن (1980ع)“، ”اوڀاريون لهواريون (1984ع)“، ”حادثو (1996ع)“، ”ڀينڪر پنجو
(2003ع)“، ”آخرين سنڌي (2009ع)“، ”پيار جا رنگ“ (اسڪرين پلي) (2012ع) وغيره. هن
باب ۾ ڊاڪٽر روشن مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن تي ڀرپور انداز ۾ تنقيدي نگاهه وڌي آهي، جيڪا
پڙهڻ وٽان آهي، خاص طور هن ڀاڳ جي آخري حصي ۾ ”عمر مارئي“ جي قصي تي آڌاريل هڪ
شاندار ناٽڪ جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڌرتي سان پيار ۽ سانگيئڙن سان سڪ جا
جذبا اثرائتي نموني اڀاريا ويا آهن.
باب ڇهون
هي باب
ٻن حصن تي مشتمل آهي. الف- ٻاراڻو ادب ۽ ب- ڪٽنب ۽ سماج جو ترجمن ۾ چٽ. ڪنهن به
سماج ۾ ٻاراڻو ادب وڏي وٿ ليکيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سماج جا سڄاڻ فرد، ٻارن کي
’مستقبل‘ جو اهڃاڻ تصور ڪندا آهن. ورهاڱي کان اڳ، هتي ان وشيه تي زور ڏنو ويندو
هو، البت اسان جي هندو ليکڪن جي لڏي وڃڻ سبب اهو خال رهجي ويو آهي. الائي ڇو اسان
اهڙي اهم موضوع تي جوڳو ڌيان نه پيا ڏيون، جيڪا هڪ علمي ۽ قومي غير ذميواري آهي.
هندستان
۾ ٻاراڻي ادب تي جوڳو ڌيان ڏنو پيو وڃي، نه صرف مضمونن جي حد تائين بلڪ شاعري،
ناٽڪ نويسي، تعليمي، صحافتي انداز ۾ به ٻاراڻي ادب کي اثرائتي نموني سرجيو پيو
وڃي. هن باب ۾ ڊاڪٽر روشن انگريزن جي دور ۾، سرجندڙ ٻالڪ ادب جي مختصر تاريخ کان
پوءِ ٻاراڻي ادب جي اهميت تي روشني وڌي آهي.
ان ڏس
۾ ڊاڪٽر روشن، ڊاڪٽر ڄيٺو جي سرجيل ”ٻال ساهتيه“ ڪتابن بابت مختصر انداز ۾ ذڪر ڪيو
آهي، ڊاڪٽر ڄيٺي جي تيار ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: ”آڪاشي ياتر“ (1982ع)،
”وطن جي صدقي“ (1985)، ”ٽه رنگي روشني“ (1986ع)، ”بدني سکيا“ (تعليم ۽ راند روند)
(1985ع)، ”بدني تعليم“ (درسي تعليم) (1986ع)، ”ٻليءَ جو صبر“ (ڪهاڻيون) (1997ع)
”مامو مڇر“ (ننڍڙا ناٽڪ) (2006ع) ”ڪتابي ڪيڙو“ (ڪهاڻيون) (2006ع) ”راج پٽ جو راهي“
(ڪهاڻيون) (2012ع) ”سمپادن“ (سنڌي ٻالڪ وڊيو) وغيره.
ذڪر
ڪيل ڪتابن ۾ جيڪي مواد آيو آهي، ان جي ورڇ ۽ ان تي سير حاصل بحث ڊاڪٽر روشن سهڻي
نموني ڪري، نون لکندڙن کي اتساهه بخشيو آهي ته اُهي به ٻالڪ ساهتيه تي لکن، ڇاڪاڻ
ته اها وقت جي اهم ضرورت آهن.
‘ب’ واري
ڀاڱي ۾، ڊاڪٽر ڄيٺي جي ٻالڪ ساهتيه بابت مختلف ٻولين خاص ڪري گجراتي زبان مان اهم
آکاڻيون ترجمو ڪري ڇپايون ويون آهن. انهن جو به چڱو خاصو وچور آهي. ڊاڪٽر صاحب ان
ڏس ۾ ڪي ڏهاڪو کن ڪتاب گجراتي مان ترجمو ڪيا آهن. جن ۾ مختصر آکاڻيون، شخصيتون ۽
ناٽڪ شامل آهن.
ڊاڪٽر
صاحب نه صرف گجراتي مان سنڌي ٻوليءَ ۾ بلڪ سنڌي ٻوليءَ مان گجراتي زبان ۾ ساڳي طرز
جا ڪتابڙا پڻ ترجمو ڪري شايع ڪيا آهن. اهڙي طرح هندي ٻوليءَ مان به ٻاراڻو ادب
الٿو ڪري سنڌي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو آهي. ان سان گڏ، سنڌي ادب، شخصيتن، لوڪ ادب،
ڪڇي سنڌي لوڪ رچنائون، لوڪ سنگيت بابت به اهم ڪتاب هندي زبان ۾ لکي، هندواسين کي
سنڌي ادب جي اهم پهلوئن کان آگاهه ڪيو آهي.
علم
ادب ۾ اها ڳالهه مڃيل آهي ته جيڪو ليکڪ لوڪ ادب جو ڄاڻو هوندو، اهو ان ٻوليءَ جي
لغت کان به چڱي طرح واقف هوندو؛ ڇاڪاڻ ته لغت جو اهم سرمايو لوڪ ادب ۾ هجي ٿو. ان
ڏس ۾ به ڊاڪٽر ڄيٺي جا ڪافي اهم مضمون ۽ مقالا مختلف مئگزينن ۾ شايع ٿيل آهن، جن
جو تفصيل ڊاڪٽر روشن ڪتاب جي صفحي نمبر 221 تي ڏنو آهي.
باب ستون
دستور
مطابق هن باب ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن جو تفصيلي ۽ تنقيدي جائزو
ورتو ويو آهي. هر هڪ اسم جي مختلف پهلوئن جو ڪاٿو ڪيو ويو آهي. جنهن جي پڙهڻ سان،
ڊاڪٽر لالواڻي جي ‘ٻهو مکي’ (گهڻ رخي) شخصيت جو بخوبي اندازو ٿي وڃي ٿو:
هڪ ته
هن پاڻ کي علم ادب جي مختلف شعبن ۾ مڃايو آهي. اُها ڪهڙي صنف آهي، جنهن تي هن نه
لکيو آهي! سندس لکڻين جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي سڀني لکڻين ۾، ترقي پسند
رَويو اختيار ڪيو آهي. هو سماج کي اڄ جي گهرجن مطابق ڏسڻ گهري ٿو. هو پڙهندڙن کي
حالتن مطابق هلڻ لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. سندس رچنائون جو مرڪزي نُڪتو اهو آهي
ته سياسي حالتن موجب اسان جي گهڻائي سنڌ جهڙو شاهوڪار، انسان دوست ۽ وسندڙ ملڪ ڇڏي
آئي آهي، اسان مان گهڻن کي سماجي رُسوائي
۽ دربدري پلئه پئي آهي. پوءِ هاڻي ڪيترو وقت ويهي ان رَويي تي روئندا سين.
اسان کي نئين سر زندگي جي شروعات ڪرڻي آهي، تعليم پرائڻي آهي، واپار، جيڪو اسان جو
ورثو آهي، ان کي اتم درجي تائين وڌائڻو آهي، شارٽ ڪٽ رستا روڪي، پاڻ کي مختلف
جاتين ۾ موکڻو آهي ۽ پنهنجي سنڌي جاتيءَ کي تعليم، هنر، سائنس، سماجي رَوين ۾
نشانبر ڪرڻو آهي. بلڪ ڀارت ۾ هڪ مثالي سماج بڻائڻو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته
ڊاڪٽر ڄيٺي پنهنجي زندگي کي ذڪر ڪيل آدرشن لاءِ وقف ڪيو ۽ هر شعبي ۾ پاڻ ملهايو.
ڊاڪٽر
روشن گولاڻي جس لهڻي جنهن ڊاڪٽر ڄيٺي جي زندگيءَ جي هر پهلو کي پرکي، نهايت
سمجهداري سان پيش ڪيو آهي. سندس ترتيب ڏنل ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هند-سنڌ ۾ گهڻن کي
حسرت ٿيندي ته ڪاش! ڪو ڊاڪٽر روشن جهڙو محقق اسان کي به ملي ۽ اهڙو ڪتاب لکي! ان
باب جي آخر ۾ ننڍن عنوانن هيٺ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ ڪيل علمي، ادبي، فني، تخليقي
تحقيقي ڪمن جو پورو ذميواري سان جائزو پيش ڪيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾، ببليوگرافيءَ
کان اڳ، ڊاڪٽر روشن ڪجهه ضميما پيش ڪيا آهن، جيڪي محققن لاءِ نهايت ڪارائتا ثابت
ٿيندا.
ضميمو
(الف) سنڌي لوڪ ادب تي شايع ٿيل ڪتاب قصا، داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون
هن سري
هيٺ سنڌ- هند ۾ شايع ٿيل 69 ڪتابن جو وچور ڏنل آهي. ڊاڪٽر روشن تمام سٺي محنت ڪئي
آهي، جو سنڌي ادب ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جيڪي ڪتاب انهي وشيه تي شايع ٿيا آهن. انهن کي سن
وار ترتيب ڏنو آهي. مستقبل جي محقق کي ان مان سٺو لاڀ ملندو ۽ لوڪ ادب جا نوان رخ
نروار ٿيندا.
منهنجي
خيال ۾ ڊاڪٽر روشن سنڌ ۾ لوڪ ادب بابت شايع ٿيل ڪن ڪتابن جي آخر ۾ ڏنل پٽين مان
اهي نالا لکيا آهن،جن جي موضوعن جي کيس ڀلي ڀت ڄاڻ نه آهي. ان کان علاوه سنڌ ۾
لوڪ ادب بابت تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. جنهن
جو هتي ذڪر نه اچي سگهيو آهي، کيس ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو پاران شايع
ٿيل “سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي” پڙهڻ گهرجي. ان مان کيس اندازو ٿي ويندو ته ڪهڙا
اهم ڪتاب کانئس رهجي ويا آهن. ساڳي کوٽ ٻين ڀاڱن ۾ به ملي ٿي.
سنڌي
لوڪ گيت
ان
ڀاڱي ۾ ڪل 33 ڪتاب ڄاڻايل آهن، انهن مان ڪي ڪتاب گيتن جي ذمري ۾ نٿا اچن.
پروليون
ڳجهارتون
ان حصي
۾ 12 ڪتاب ڄاڻايا ويا آهن، جنهن ۾ ’ڏٺ‘ جهڙي اهم صنف کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت لوڪ ادب جا متفرقا ڪتاب ڪل چار
ڏنا ويا آهن. ’لاڙ جو سئر‘ لوڪ ادب جو ڪتاب نه آهي بلڪ لاڙ جي خطي جي سماجي تاريخ
آهي. ته پوءِ ”سير ڪوهستان“، ”سير ريگستان 2 ڀاڱا“، ”سري جو سئر“ وغيره به ڏيڻ
گهرجن! وتائي فقير سان گڏ، پيراڻي ڀنڀري جا بيت به ڏيڻ گهرجن ته جانڻ چن جا گفتا
به هجڻ گهرجن.
سنڌي
لوڪ ادب تي شايع ٿيل ٿيسز جي عنوان جي هيٺ 7 ڪتابن جو تفصيل ڏنل آهي. اسان جي خيال
۾ کوجنا ڪجي ته اهو انگ 15 تائين ويندو.
ضميمي
’ب‘ ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي لکيل توڙي ترجمو ڪيل، ترتيب ڏنل ڪتابن جو ذڪر ڪيل آهي
۽ ضميمي ’ٿ‘ ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي کي مليل انعامن اڪرامن ۽ ايوارڊ جو ذڪر آهي. ڪتاب جي آخر
۾ ببليوگرافي (مددي ڪتاب) جي ترتيب وار فهرست ڏنل آهي، جنهن مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي مطالعي هيٺ ڪهڙا ڪتاب رهيا.
منهنجي
خيال ۾ ڪتابن جي ڏنل فهرست رواجي آهي، ان ۾ عالمي سطح جي ڪتابن جو ڪو ذڪر نه آهي،
بلڪ هندستان جي اهم ڏيهي زبانن: تامل، تيلگو، مراٺي، ملاليم، بنگالي، پالي زبانن
جي اهم ورثي کي لازمي طور ڏسڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته انهن ٻولين جي لوڪ ادب ۾ سنڌي
لوڪ ادب جي مختلف صنفن جي جهلڪ واضع طور ڏسي سگهجي ٿي.
مختصر مشورا
ڪتاب
جو عنوان: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾، ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل
کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو.
منهنجي
خيال ۾، اهو عنوان هن ريت هجي ها ته بهتر ٿئي ها.
ڊاڪٽر
ڄيٺو لالواڻي: سماج ۽ لوڪ ادب/ ساهتيه بابت سندس تحقيقي ڪم جو تنقيدي جائزو.
ڊاڪٽر
ڄيٺو لالواڻي جو سماج ۽ لوڪ ادب/ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تنقيدي جائزو.
ڪتاب جي ٻولي
ڪو وقت
هو، جو سنڌ ۾ ڪي عالم ڄاڻي واڻي پنهنجي علم ڏيکاءَ لاءِ عربي ۽ فارسيءَ جا ڏکيا
لفظ ۽ اصطلاح ڪم آڻيندا هئا. ان جي رد عمل ۾ هند جا ليکڪ وري هندي ۽ سنسڪرت جا
اوکا لفظ ۽ محاورا ڪتب آڻيندا هئا. پوءِ 70 واري ڏهاڪي ۾ ٻنهين ڌرين جي عالمن وڏي
ويچار کان پوءِ ان نقطي تي اتفاق ڪيو ته:
”اسان کي
گهرجي ته پنهنجي ٻوليءَ جي اصلوڪن لفظن، ويا ڪرڻي اصولن، ٻوليءَ جي سِٽا (Structure) کي اوليت ڏيئي، پنهنجي ٻوليءَ جا بنياد مضبوط ڪريون ته جيئن
ايندڙ نسلن کي اصل ٻولي جي سونهن ۽ رچنا کان آگاهي ٿئي.“
ان سان
گڏ، اهو به طئي ڪيو ويو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي توڻي ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جنهن
طريقي سان لفظن جي گهڙت ڪئي آهي ۽ مڪاني مثال ۽ تشبيهون ڏنيون آهن. اهي اختيار ڪرڻ
گهرجن ته جيئن اسان جون پاڙون اساسي ادب
سان جڙيل رهن.“
ذڪر
ڪيل اصولن کي آڏو رکي، هند- سنڌ جي عالمن ۽ محققن نج سنڌي ٻوليءَ طرف ڌيان ڏنو.
جنهن جا اڪيچار مثال هند- سنڌ ۾ موجود آهن.
ان جي
برعڪس ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ ساڳي پراڻي روش اختيار ڪندي، لڳ ڀڳ 65 سيڪڙو هندي
ٻوليءَ جا لفظ ۽ محاورا استعمال ڪيا آهن، جنهن ڪري ايڏي وڏي اهم تحقيقي ڪم جي
افاديت گهٽجي ويئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڊاڪٽر ڄيٺي جهڙي گهڻ پاسائين شخصيت کي سنڌ ۾
پڙهڻ لاءِ ان ڪتاب جي پويان 60 صفحن جي ڏسڻي (Glassory) ڏيڻ گهرجي. حوالي طور ٻه چار سٽون پيش ڪجن ٿيون:
ڊاڪٽر
روشن گولاڻي ستين باب جي منڍ ۾ لکي ٿو ته:
”شرويه ڪاويه
۾ ڪٿا تمڪ ۽ نثري صنفون شامل ڪيل آهن. درشيه ۽ شرويه ناٽڪ- ايڪانڪي شامل آهن. هر
صنف جي هڪ ڪلا آهي، شاستر آهي. هن مٿان ايشور جي اٿاهه مهر ميا هجي. ڊاڪٽر لالواڻي
ان لحاظ کان ڪافي ڀاڳيه شالي آهي يا ايئن کڻي چئجي ته سرسوتي جو سپاتر سپوت ثابت
ٿيو آهي. ساهتيڪار جي حيثيت ۾ هو ٻهو مکي اديب اُڀري بيٺو آهي.“ ]باب ستون- صفحو
235[
گرامر جون غلطيون
ڪتاب
پڙهڻ سان محسوس ٿو ٿئي ته ڊاڪٽر روشن گولاڻي هندي ٻوليءَ کان ڪافي متاثر آهي. ڪافي
لفظ هندي/اردو جا اهڙا آهن، جيڪي انهن ٻولين ۾ مذڪر آهن، پر سنڌي ۾ اُهي مونث آهن.
جيئن دل، اخبار، موسم، وغيره انهن شين جو خاص خيال رکڻ گهرجي. پر جڏهن ڪنهن پي ايڇ
ڊي جي ٿيسز هجي ته انتهائي لازم آهي ته ٻولي هر لحاظ کان معياري ۽ ويا ڪرڻي اصولن
مطابق هئڻ گهرجي، هيٺين سٽن تي غور ڪريو.
ڊاڪٽر
ڄيٺي لالواڻي جو ڪاريه
۽ ادب اهم جڳهه والاري ٿي. ص: I
درست
جملو: ”ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جو ڪم (ڪاريه) ادب ۾ اهم جڳهه والاري ٿو“
سڀاويڪ
ذهين طبقو چنتا ۾ ٻڌي وڃي ٿو، نراشا جو شڪار بڻجي ٿو. آئنده ٻاٽ اونداهي محسوسي
ٿو. ص: VII
درست
جملو: سڀاويڪ ذهين طبقو چنتا ۾ ٻڏي وڃي ٿو. نراشا جو شڪار بڻجي ٿو. آئيندو ٻاٽ
اونداهي محسوس ڪري ٿو.
شري
لالواڻي جون رچنائون جيون، گيان ۽ وگيان جي ڄاڻ ڏيندڙ سان گڏ ڀن ڀن کيترن جي انڀو
تين سان سرشار آهن. ص: 1
سڄو
جملو هندي آهي. صرف ’ڄاڻ ڏيندڙ‘ سنڌي آهي. جيڪو پڻ غلط آهي. درست ٿيندو: ڄاڻ ڏيڻ
سان گڏ-
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي ادب ۾ سماج
ادب ته
جامع ۽ سڀني لوڪن جو هوندو آهي. هتي ان کي محدود ڪري هڪ فرد سان لاڳو ڪيو ويو.
آزاديءَ
بعد ڀارت ۾ آيل جديد پڻي تحد هڪ وڏي سماجڪ اٿل پٿل ٿي. ص 237
’تحد‘ ڪو لفظ
نه آهي اتي ‘تحت’ ٿيڻ گهرجي.
سماج
پنهنجن ميمبرن کي ٻاهرين نقصان ڪندڙ گهاتڪ تتون کان ناس ٿيڻ کان بچائيندي آهي. ص
241
سنڌي
ٻولي ۾ ’سماج‘ مذڪر آهي.
صورتخطي جون غلطيون
ڪتاب ۾
جابجا صورتخطيءَ جون غلطيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هڪ ته حرفي غلطيون آهن، جو ڀارت واسي
ج- ز، ط-ت، ض-ظ، ق-ڪ وغيرهه جون غلطيون ڪندا آهن،جيڪي مضمونن ۾ ته هلي وينديون پر
هڪ تحقيقي مقالي ۾ اهڙين غلطين جي گنجائش نه هوندي آهي. مقالي نگار غير ذميواري جو
مظاهرو ڪيو آهي، اهڙيون سَوَن جي انگ ۾ غلطيون نظر اچن ٿيون، حد ته اِها آهي، جو
سنڌي ادب جي وڏن عالمن جا نالا به غلط هجي سان لکيل آهن مثلاً نب بخش بلوچ+ سيڪد
قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر ڪمار ڄامڙو+ الله بخش نظامائي+ ڊاڪٽر عزيز رحمانا ٻگهيو +
خميغو (خميسو) بلال ان کان علاوه ٻيلاين جا ٻول، لوڪ گيت، نڙ بيت، واقعاتي بيت،
سينگار شاعري، هفتا ڏينهن راتيون، سنڌي لوڪ ادب جا نهايت اهم ڪتاب آهن، جيڪي سنڌ
جي برک اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ترتيب ڏنل آهن. انهن ڪتاب جي سامهون- صرف
“خان بلوچ” لکيل آهي. اهو الائي ڪير آهي.؟
بهرحال
مجموعي طور ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي تحقيق سنڌي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آهي.
No comments:
Post a Comment