رئوف نظاماڻي
آرٿر ڪوئسلر جو ڪتاب ”تيرنهون قبيلو“
تاريخ،
ڏند ڪٿا ۽ قصن ڪهاڻين ۾ فرق ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل رهيو آهي. ساڳي ريت گھڻن مذهبي ڪتابن
وغيره ۾ بيان ڪيل قصن کي پڻ هڪ تاريخ جي حيثيت ڏني ويئي آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهي ڄڻ مستند حيثيت جا حامل ۽ تاريخي ڄاڻ جو هڪ ذريعو ٿي
ويا آهن. ساڳي ريت يهودين متعلق جيڪي پراڻي بائبل ۾
ڏنل آهي ته اٽڪل ٻه هزار سال اڳ يروشلم ۾ سندن سلطنت کسجڻ کان پوء کين اتان نڪرڻو
پيو هو. ان حوالي سان ٻارنهن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ پناه
جي ڳولا ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ سندن
يروشلم موٽڻ جي جستجو جاري رهي. ان سلسلي ۾ انهن کان سواء هڪ اڌ وڃايل قبيلي متعلق به مختلف اندازا لڳايا وڃن ٿا. ڪجھ محقق پٺاڻن
جي حوالي سان به اها ڳالهه ڪن ٿا ۽ سندن خيال ۾ پشتو ۾ عبراني جي ڪجھ لفظن کي ان جي ثبوت طور پيش ڪري
سگھجي ٿو. بهرحال مستند طور تي ان سلسلي ۾ ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي. ان ڪري يهودين
جي عام طور تي انهن ٻارنهن قبيلن سان تعلق جي حوالي سان نسلي طور سڃاڻپ ڪئي ويندي
آهي.
مذهبي
حوالي سان خضر حڪمرانن تي مسلمان ۽ عيسائي ٻنهي جو اهو دٻاءُ هو ته اهي سندن مذهب اختيار ڪن. پر انهن اهو ڏسي ته اهڙي ريت اهي انهن حڪمرانن
جا مطيع ٿي ويندا نهايت سوچ ويچار کان پوء هڪ ته پنهنجي انفراديت قائم رکڻ لاءِ
۽ ٻيو اهو ڏسندي ته انهن ٻنهي مذهبن جو بنياد يهوديت ئي
آهي يهوديت اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نسلي حوالي سان اهي سامي نسل جا نه، جيئن
يهودين لاءِ خيال ڪيو ويندو آهي، پر يورپ
جي ٻين ماڻهن جيان آريا نسل جا ۽ غير سامي ماڻهو آهن. ساڳي ريت اهي پاڻ کي حضرت
نوح جي ٽئين پٽ جيپئيٿ جو اولاد قرار ڏين ٿا جڏهين ته يروشلم مان بيدخل ٿيل يهودي
پنهنجو ناتو حضرت حضرت ابراهيم سان ڳنڍين ٿا. انهن ماڻهن جي نئين مذهب اختيار ڪرڻ
سان هڪ ڳالهه اها به ثابت ٿئي ٿي ته يهوديت
رڳو نسل تي ٻڌل مذهب نه پر ان کي ٻيا ماڻهو به اختيار ڪري سگھيا پئي. هڪ ڊگھي عرصي
تائين سندن اها سلطنت قائم رهي. مسلم خلافت ۽ بازنطيني سلطنت ٻنهي سان سندن اختلاف
۽ ٺاه واري صورتحال لاڳيتو رهندي ٿي آئي. مذهبي لحاظ کان ان سلطنت ۾ مسلمانن ۽
عيسائين تي ڪا پابندي نه هئي ۽ اهي پنهنجن گرجائن ۽ مسجدن ۾ پنهنجي عبادت ڪندا
هئا. ليکڪ موجب ان سان اها ڏند ڪٿا به غلط ثابت ٿئي ٿي جنهن موجب يروشلم مان نڪرڻ
کان پوءِ اسرائيل جي قائم ٿيڻ کان اڳ ٻه هزار سالن تائين يهودين جي پنهنجي ڪا سلطنت
قائم نه ٿي سگھي هئي. ليکڪ ان سلسلي ۾ اسپين جي مسلم حڪمران عبدالرحمان جي يهودي
صلاحڪار، جنهن کي دربار ۾ نهايت اهم حيثيت حاصل هئي، ۽ خضر حڪمران جوزف جي وچ ۾
لکپڙه جو حوالو ڏنو آهي جنهن ۾ ان صلاحڪار دنيا ۾ هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ هڪ
يهودي سلطنت جي قائم ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو هو ۽ اها خواهش ڏيکاري هئي ته هو ان
ملڪ ۾ رهڻ لاء ايستائين ته اسپين ۾ پنهنجي اهم حيثيت تان به هٿ کڻڻ لاء تيار هو.
چنگيز
خان جي اڳواڻي ۾ منگولن جي اڀار جنهن چين کان يورپ تائين سڄي دنيا ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري
ڇڏي هئي خضر سلطنت جي خاتمي جو پڻ سبب بڻي. ان سلطنت جي منتشر ٿيڻ کان پوء خضر ۽
ان سان لاڳاپيل قبيلن جي ماڻهن اوڀر يورپ جي مختلف ملڪن خاص طور تي هنگري ۽ پولينڊ
وغيره ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. انهن ملڪن جي حڪمرانن پوپ جي دعوت ۽ يورپ جي مک ڌارا سان ڳنڍجڻ
لاءِ ڪيٿولڪ
عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو پر سلطنت جي اهم معاملن تي سندن مک صلاحڪار يهودي هئا ۽
ان معاملي تي اهي پوپ جي دٻاء کي به منهن ڏيئي ويندا هئا. ساڳي ريت سندن سلطنت ۾
يهودين کي پوري مذهبي آزادي حاصل هوندي هئي.
ايستائين ته هڪ ڀيري پوپ کي پولينڊ جي حاڪم سان اها شڪايت ڪرڻي پيئي هئي ته سندس
ملڪ ۾ يهودين جي عبادتگاه سائينگاگ جا گنبذ چرچ جي گنبذن کان
به مٿي هئا.
ليکڪ
ان وقت يورپ ۾ يهودين سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪيو آهي. عيسائين جي يروشلم تي ڪاهه
۽ يورپ ۾ پليگ ڦهلجڻ وقت سندن ٿيندڙ قتل عام، زوري مذهب
جي تبديلي ۽ ان جي نتيجي ۾ اجتماعي آپگھات جي واقعن گھڻن يهودين کي هڪ ملڪ کان ٻئي
ملڪ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. ليکڪ اوڀر يورپ ۽ خاص طور تي هنگري جي ٻولي، جنهن
جو يورپ جي ٻئي ڪنهن ملڪ جي ٻولي سان ڪو تعلق ثابت نه ٿو ٿئي، اهو ثابت ڪيو آهي ته
جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن مان لڏپلاڻ ڪندڙن جو رخ پولينڊ ۽ هنگري ۽ اوڀر يورپ جي ٻين
ملڪن ڏانهن نه هو.
ممڪن
آهي ته ان حوالي سان گھڻيون ڳالهيون بحث طلب به هجن پر ساڳي وقت اهو ڪتاب پڙهندڙ
کي گھڻن نون پاسن کان پڻ متعارف ڪرائي ٿو.
No comments:
Post a Comment