26/07/2019

ڪتاب ”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
محمد علي پٺاڻ جو ’طويل نظم‘ تي مشتمل ڪتاب
”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا 

هن جو قلمي سفر ته گذريل 44 سالن تي پکڙيل آهي، پر ان سفر ۾ صدين جون ڳالهيون ۽ واقعا آندل آهن. انهن صدين مان ڪي صديون گذري ويون آهن ۽ ڪي اڃا گذرڻيون آهن: ڇاڪاڻ ته وقتُ نه اڳُ ڪڏهن بيٺو آهي، نه آئنده ڪڏهن بيهڻو آهي ۽ نه ئي هلندڙ ٽاڻي بيٺل آهي. اها وقت جي خوبي به آهي ته خامي به، ته وقت کي بيهڻو آهي ئي نه!؟ جيڪڏهن وقت بيهجي ويو، ته ڪائنات ڪيئن هلندي؟ اها به بيهجي ويندي! شايد اُهو ئي سندس انجام هجي!
پر، ڇا سائنسي طور اهو ممڪن آهي، ته ڪائنات، يعني مادو ۽ توانائي بيٺل ۽ ڄميل هجن ۽ وقت هلندو هلي؟ اهو اڃا تائين ته ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته مادي ۽ توانائيءَ جو مسلسل چرپر ۾ هجڻ ئي، اصل ۾ سندن وجود جو بقاءُ آهي، ۽ انهن جي چرپر منجهان ئي وقتُ پنهنجي موجودگيءَ کي محسوس ڪرائي ٿو. دنيا جا ٻه وڏا ڏاها انسان ۽ سائنسدانَ، ارسطو ۽ نيوٽن، مطلق وقت (absolute time) ۾ يقين رکندڙ هئا يعني منجهس گهٽ وڌائيءَ (variation) کي نه مڃيندا هئا. سندن ان يقين کي، ويهين صديءَ جي مَها سائنسدان ۽ مفڪر البرٽ آئنسٽائن اچي ٽوڙيو، جڏهن هن ’خاص نسبتي نظريو‘ (Special Theory of Relativity) پيش ڪيو. ان نظرئي موجب: وقتُ مطلق يا مستقل (constant) نه آهي، پر منجهس گهٽ وڌائي ممڪن آهي، جنهن جو دارومدار مادي جي رفتار تي آهي، يعني وقت جي خاصيت ۾ ساڳيائپ يا هِڪَ ڪَرائي نه آهي. هُن اهو پڻ ٻڌايو ته مادو ۽ توانائي ڪي ڌار ڌار ’هستيون‘ ناهن، پر هڪٻئي ۾ بدلجندڙ آهن. مادي ۽ توانائيءَ جي چرپر ۽ تبديل جي لقائن منجهان ڦُٽي نڪتل، هڪ ’شيءِ‘ جيڪا اڳتي ئي اڳتي هلندي رهي ٿي، ان کي سادن لفظن ۾ وقت سڏجي ٿو.

وقتُ سولو ۽ سهنجو هجي يا اولو ۽ اهنجو، ان بابت ڪيترائي سوال آهن: ڇا وقتُ واقعي به ٻن لقائن (Phenomena) جي وڇوٽي آهي؟ ڇا اهو ضروري آهي، ته هڪ لقاءَ بعد ئي ڪو ٻيو لقاءُ ابتدا ڪري؟ هڪ لقاءَ هوندي ٻيو لقاءُ شروع ٿي وڃي، ته وقت جي ورڇ ڪيئن ٿيندي؟ وقتُ هڪ ئي وقت، هڪڙي ئي لقاءَ سان ڳنڍيل آهي، يا ٻن ۽ ٻن کان وڌيڪ لقائن سان؟ وقتُ ٻن لقائن جي وچ ۾ وڇوٽي آهي يا هڪڙي ئي لقاءَ جي پوري ٿيڻ جي وڇوٽي آهي؟ هڪڙي لقاءَ کان پوءِ ۽ ٻئي لقاءَ کان اڳ واري وڇوٽي لقاءُ آهي يا نه؟ منجهس وقت جي وياکاڻ ڪهڙيءَ ريت ٿيندي؟ لقاءَ جي پوري ٿيڻ کان پوءِ، گذري ويل وڇوٽي به وقت آهي يا نه؟ هڪڙو واقعو، جيڪو اڃا هلندڙ هجي، ته ان ۾ وقت جي وصف ۽ حيثيت ڪهڙي بيهندي؟ سوال ته انيڪ آهن. هڪڙو سوال هيءُ پڻ آهي، ته وقت جو تعلق اُن جڳهه (position) سان ڪيتري قدر ۽ ڪهڙيءَ نوعيت جو آهي، جتان ڪنهن لقاءَ يا واقعي کي منعقد ٿيندي ڏسجي ٿو؟
هِن وقت تائين، رڳو ايئن ئي نه ٿيو آهي، ته وقتَ ڊاٿو، تباهه ۽ برباد ڪيو هجي. وقت ٺاهيو به ته آهي. هيءُ سنسار به ته وقت جي اهڙي ثابتي آهي. ڏهه ’شيون‘ ڊٿيون آهن، ته وِيهه ’شيون‘ ٺهيون به ته آهن. رڳو ئي ڀڃ ڊاهه هن سنسار، ۽ ان ۾ جيئندڙ جيوَت جي خاصيت نه آهي: ٺاهه ٺوهه به هِن سنسار ۽ منجهس جيئندڙ جيوَت جي خاصيت آهي، ۽ ٻنهي خاصيتن يعني ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه جو سهڻو سنگم، سنسار ۽ سندس جيوَت جي ڀڃ-گَهڙ ۾ سمايل آهي. سنسار ۽ منجهس جيئندڙ جيوَت ڀڄي ۽ ٽُٽي به ٿي، ته ٺهي ۽ جُڙي به ٿي. اهڙو هڪ اظهار، وقت جي موضوع تي لکيل هڪڙي ئي نظم تي مشتمل ڪتاب ”وقت بيهي نٿو...“ ۾، صفحي 18 تي آيل، هڪ شعر ۾ به ڪيل آهي:
شهرَ مُونهان ڪري، ڳوٺَ دُونهان ڪري،
ڪنهن کي ارپي خوشيون، ڪنهن جون جهپڙي خوشيون،
ڪِن کي راهون ڏسي، ڪِن کان واهون کَسي،
وقت بيهي نٿو، وقت بيهي نٿو...
ان شعر ۾ ”مونهان“ ۽ ”دونهان“ جا استعارا ڪمال جا آهن، يعني شهرَ موهين جي دڙي وانگر تباهه ڪيا ۽ ڳوٺَ ڌاڙيلن جي آڙ ۾ باهيون ڏئي ساڙيا ويا آهن. اهي وارداتون سنڌ جي تاريخ جا اهي الميا آهن جيڪا اڃا تائين ڪنهن نه ڪنهن ريت جاري آهن. ضميمي طور، هِتي هڪ نُڪتو هي به بيان ڪري ڇڏجي ته، ان شعر ۾ آيل مصرع ”ڪنهن جون جهپڙي خوشيون“ ۾ ”جهپڙي“ بدران ”جهڙپي“ هجي ها، ته شعر جي معنى ۾ ته ڪو فرق نه اچي ها، پر اهو قافيو ”ارپي“ سان ٺهڪي بيهي ها ۽ شعر جي سونهن ۾ واڌاري جو سبب بڻجي ها. صرف هڪ اکر جي ٻئي اکر سان بدل ڪيڏو نه فرق ڪري ٿي!
وقتُ جي هڪَ وارتا شاهه سائينءَ جي اُن بيت ۾ به ته آيل آهي، جيڪو ”وقت بيهي نٿو...“ جي صفحي 16 تي آندل آهي:
جان جيئين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جلڻ ريءَ،
تَـتِـيءَ ٿـڌيءَ هَـل، ڪانهـي ويـل ويهـڻ جـي.
”وقت بيهي نٿو...“ جي سرجڻهار محمد علي پٺاڻ جو وقتُ به سموريءَ ڪائنات جي وقت جو حصو آهي، ان جو جُز آهي. اهو پنهنجيءَ هيئت ۾ هڪ وحدت به آهي، ته ڪثرت جي نمائندگي ڪندڙ به. سندس وقت بيٺو ناهي، نه ئي بيهڻو آهي! اهو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۽ رنگ ۾، ڪنهن نه ڪنهن ساٿ ۽ سنگ ۾، ڪنهن نه ڪنهن ڍار ۽ ڍنگ ۾ هلندو رهندو. هُو هڪَ علمي ۽ ادبي واٽ جو تسلسل آهي، ۽ اهو تسلسل محمد علي پٺاڻ کان پوءِ، ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ٿيندو!
تُـوڻِ تاڪُـنِ بـڻـي، سِـرُ تِـريءَ تـي کـڻي،
سُڃ ۾ هڪ عزم، جنهن جو نالو ڀـرم،
پير ٻيئي پِٿُون، پوءِ به اڳتي ڇِڪيون،
وقت بـيـهـي نـٿـو، وقت بـيـهـي نـٿـو... (ص: 19)
وقتُ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب جو اهم موضوع رهيو آهي. ادب جي مختلف صنفن ۾ وقت بابت گهڻيون ئي تخليقون سرجيون ويون آهن، جن کي ناماچاري پڻ ملي آهي. محمد علي پٺاڻ جو هيءُ طويل نظم ”وقت بيهي نٿو...“ پڻ انهن تخليقن جي هڪ تازِي وِک آهي جنهن ۾ سنڌ، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ حساس دِل اديب جي زندگيءَ ۽ سندس مختلف ساٿين جو درد ڀريو ذڪر آهي جيڪي سنڌ جِي علم، ادب، تعليم ۽ ڏاهپ جي حوالي سان هڪ سڃاڻ آهن. ڏسو:
ڀيڻ مهتاب تون، ڪو دلاسو ته ڏي،
مون کي آٿت ته ڏي، ديس کان درد هي،
ڌارَ ٿيندا يا ايئن، وقت هلندو پيو،
وقت بيهي نٿو، وقت بيهي نٿو...
محمد علي پٺاڻ پنهنجي هِن نظم جي شروعات ئي لُڙڪ کان ڪئي آهي. هِن طويل نظم ۾، سنڌ جي ڏکن ۽ سُورن جا دل ڀِڄائيندڙ داستان آهن. مثال طور:
پيارُ ڏوهي هِتي، دارَ جنهن لئه سوين،
هارَ، صديون ڪئين، جيت لمحو نه ڪو،
وقت جي برف کي، وقتُ ڳاري نٿو،
وقت بيهي نٿو، وقت بيهي نٿو... (ص: 33)
ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ”اداري پاران“ لکيل لفظن ۾، لکيو آهي ته ”موجوده ڪتاب ’وقت بيهي نٿو...‘ سندس [محمد علي پٺاڻ جي] هڪ طويل نظم تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ ماضي قريب ۾ ـــــ ستر واري ڏهاڪي کان اَسي واري ڏهاڪي تائين ـــــ [1970-1980ع] پنهنجي هڪ جيڏن سان گهاريل گهڙين جو ذڪر آهي. ذڪر ڇا آهي، هڪ جيئري جاڳندي سنڌ جي سماج جي تاريخ آهي.“(ص: 6) ان ۾ ٿورو واڌارو ڪجي، ته محمد علي پٺاڻ جي طويل نظم جا شعر صرف هڪ ڏهاڪي جي تاريخ ناهن، پر گذريل چاليهن سالن جي عڪاسي ڪندڙ آهن. اها تاريخ هن شعر سان شروع ٿئي ٿي:
اڄ نه سوڀو رهيو، روشنيءَ پنڌ ۾،
هٿ ڇڏائي ويو، جيستائين هيو،
شينهن جي رڙ ڪا، جاري ساري هئي،
وقت بيهي نٿو، وقت بيهي نٿو... (ص: 101)
- ۽ محمد علي پٺاڻ جي پنهنجين حالتن بابت لکيل شعرن کان اڳ، نامور مصور رضوان عمراڻيءَ جي حوالي سان لکيل هن شعر تي پوري ٿئي ٿي:
ٿو مڌر گيلري، اڄ بند مان ڏسان،
رنگَ رضوان جا، لاڙڪاڻو ڇڏي،
ويا ڪراچيءَ هليا، قدرُ ڪنهن ڪو نه ڪِيو!
وقت بيهي نٿو، وقت بيهي نٿو... (ص: 138)
ان ريت، جيڪڏهن محمد علي پٺاڻ جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪردارن جا پروفائيل ڏسجن، سندن ڪردار ۽ ڪم کي مطالعاتي نظر سان پڙهجي، ته سنڌ جي علمي ۽ ادبي شاهوڪاريءَ کي عالم آشڪار ڪري سگهجي ٿو.
محمد علي پٺاڻ نثر ۽ نظم جي ڪيترين ئي صنفن ۾ هڪ ئي وقت لکندڙ سنڌ جو ناميارو اديب آهي، پر سندس بنيادي سڃاڻ هڪ شاعر طور آهي، جيڪا هن ڪتاب ۾ پڻ پڌري آهي. هن تي صرف سندس سينئر ۽ همعصر ساٿين جا اثر ناهن، پر هن جي پنهنجي به هڪ ترقي پسند واٽ جوڙيل آهي، جنهن تي هو مستقل مزاجيءَ سان هلندو رهي ٿو. سندس هِن طويل نظم ۾ انيڪ اهڙا خيال آهن جيڪي جيءَ جذبن ۾ تحرڪ پيدا ڪن ٿا ۽ درد جي ڪيفيتن ۾ ولولو آڻن ٿا. اهي خيال بي اختيار اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿا وٺن ۽ ڪي گهڙيون پڙهندڙ کي هڪ ٻِي دنيا ۾ وٺي ٿا وڃن. مثال طور:
هي عجب مامرو، عشق جو دائرو،
ايترو ئي وڏو، جيترو هي جَهان... (ص: 22)
غمُ گهڻو آ پرين، ڪم گهڻو آ پرين،
هٿُ هٿَ ۾ ته ڏي، ڇا خبر موت ٿئي... (ص: 29)
مسُ، بنا رتُ سان، ٿِي پئي سچُ لکي... (ص: 31)
ٺيڪ آ ڌار ٿا، پاڻ ٻيئي ٿيون،
پنڌ هيکل پرين، پيرَ ڪيئن پوءِ ڪندا!؟ (ص: 36)
هُونگڙيون هاءِ ڙي، سي به ڪوئلو ٿيون... (ص: 22)
سَوَ اُلا باهه جا، روح ۾ ٿا ٻَرن،
دلبريءَ جي گهڙي، مون کان کسجي وئي،
سارو جيوَن ٿِيو، باهه جو سمنڊ آ... (ص: 97)
اهڙا مثال سڄي ڪتاب ۾ پکڙيل آهن.
محمد علي پٺاڻ جي هِن نظم ۾ اتساهن جي اپٽار پڻ ڪيل آهي، ڇاڪاڻ ته هُو نه صرف پاڻ اتساهه وٺندو آهي، پر ٻين کي به اتساهه ڏيندو ۽ ڏياريندو رهندو آهي. مثال طور، سندس هي بيحد خوبصورت شعر ڏسو:
ٿِي نه ڪجهه تون ٻيو، ساهَه درياهَه جو،
بس، مُهاڻو ٿِجان، دل جو راڻو ٿجان،
ماڻهپو سِيرَ مان، جيئن تون تاري سگهين... (ص: 60)
محمد علي پٺاڻ جو سرجيل هي طويل نظم 128 بَندن تي آڌاريل آهي، جن ۾ هر هڪ بند ڇهن مصرعن تي مشتمل آهي ۽ هر هڪ مصرع ”فاعلن فاعلن“ جي ننڍي وزن تي جڙيل آهي. ڪن بندن ۾ قافيا پابنديءَ سان نظر اچن ٿا، ڪن ۾ قافيا ڪجهه قدر آيل آهن، ته ڪن ۾ قافين جي پابنديءَ کي درگذر ڪيل آهي. اهو ممڪن آهي، ته هن طويل نظم جي ترتيب ٿوري بدلائجي، ته ڇهن سٽن تي مشتمل بند ٽن سٽن تي جُڙي پوي ۽ چئن مڪمل ”فاعلن“ جي رڪنن جي جوڙجڪ ۾ وڌيڪ سونهندڙ لڳي. اهڙو ئي سٽاءُ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ”پنهنجي پاران“ ۾ ۽ اخلاق انصاريءَ ”مهاڳ“ ۾ پڻ رکيو آهي، ۽ مون پڻ اهو ئي سٽاءُ هِن ليک ۾ قائم رکيو آهي. ان کان سواءِ، ڪيترن ئي ٻن رڪنن تي مشتمل ’ننڍڙين‘ سٽن جو مواد ايندڙ سٽ سان سڌيءَ ريت ڳنڍيل آهي، جهڙوڪ:
ٻاجهه جي ساوڪن
سان سلهاڙي رکي (ص: 25)
باهِه، پاڻي، هوا
۾ وجهي ساهُه نئون (ص: 26)
ڀاءُ ٿي ڀائريءَ
جا اَڏي پيچرا (ص: 37)
لڙڪ بوندون ڳلن
کان ڇڄِي ڌار ٿي (ص: 70)
جنهن سان ڪيئي نديون
ٿِي، پيو ٿو وَهي (ص: 71)
چهنب ۾ هر پکيءَ
کي ٿو داڻا ڏئي (ص: 88)
تن ۾ چهرا ٻيا
ڀي لڪل مون ڏٺا (ص: 96)
جيڪڏهن مٿي تجويز ڪيل سٽاءَ ۾ هيءُ نظم آڻجي آ، يعني هر هڪ بند ڇهن سٽن جي بدران ٽِن سٽن جو بيهارجي ها، ته سِٽن جي اِن ريت ڀاڃ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها.
محمد علي پٺاڻ هڪ پڪو پختو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جي فن تي پڻ پَڪڙ آهي، جنهن جو هڪ نمونو طويل نظم تي مشتمل هيءُ ڪتاب پڻ آهي. سندس هن نظم ۾ خيالن جي روانيءَ کي جنهن ريت لفظن جي وهڪري ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي، سو چڱيءَ پر محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر هِن طويل نظم جي روانيءَ ۾ تَرندي، ڪن مصرعن ۾ وزن کي ڌڪ رَسيو آهي، جن جي نشاندهي ان نيت سان ڪجي ٿي، ته انهن کي ٻئي ڇاپي ۾ درست ڪيو ويندو، خاص ڪري ڪتاب کي انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ کان اڳ ضرور نظر مان ڪڍيو ويندو. ڏسو:
·        ٿو پيو جاري رکي (ص: 38) [هيءَ سِٽ ”فاعلاتن فائلن“ وزن تي آهي. ممڪن آهي ته ”پيو“ لفظ کي هڪ ماترا طور ڪتب آندو ويو هجي، پر اهو صحيح نه ٿو چئي سگهجي.]
·        پوءِ ٿا رستا ٺهن (ص: 50) [هن سٽاءَ ۾ هيءَ سِٽ ”فاعلاتن فائلن“ وزن تي آهي. جيڪڏهن ”پوءِ“ جو ’ءِ‘ ۽ ”ٿا“ جو ’ا‘ ڪيرائبو، تڏهن وزن پورو ٿيندو، پر ان سان ظاهر آهي ته رڌم اَٽڪندو.]
·        ٿو پيو پيڇو ڪري (ص: 51) [هيءَ سِٽ ”فاعلاتن فائلن“ وزن تي آهي. هِتي ”پيو“ کي هڪ ماترا طور ڪتب آندو ويو آهي. اهڙي ٻِي سٽ ”ٿو پيو ماپو ٺهي“ (ص: 68) به آهي.]
·        وک وک ٿو ڏئي (ص: 54) [”وک وک“ کي ”فاعلن“ طور، پنجن ماترائن ۾ آندو ويو آهي يعني پهرين ”وک“ ’فاع‘ طور ۽ ٻِي ”وک“ ’فع‘ طور ڪتب آندل آهي، جيڪو صحيح ناهي.]
·        ڪک پن جيان کڻي (ص: 64) [”ڪک پن‏“ به ”وک وک“ وانگر ڪتب آندو ويو آهي.]
·        ڪيئي واعدا ٿيل (ص: 65) [”واعدا“ سان وزن وڌي ٿو، ”وعدا“ سان پورو ٿيندو.]
·        گلَ گلابيءَ کان وڌ (ص: 66) [”کان“ کي هڪ ماترا طور ڏنو ويو آهي.]
·        ڳلن تي ٿا ڪِرُون (ص: 69)، لڙڪ بوندون ڳلن (ص: 70) [پهريون ”ڳلن“ ’فاع‘ طور ۽ ٻيو ”ڳلن“ ’فعو‘ طور ڪتب آندو ويو آهي.]
·        سمنڊَ ۾ بَمَ ۽ (ص: 84) [لکيو ”بمَ“ ويو آهي ۽ اچار ۾ ”بمّ“ آندو ويو آهي.]
·        وسُ ڪيڏو به ڪيان (ص: 85) [لکيو ”وَسُ“ ويو آهي ۽ وزن ۾ ”وسّ“ آندو ويو آهي. ”ڪيان“ کي ”ڪان“ طور ڪتب آڻي وزن پورو ڪيو ويو آهي.]
·        بول بول بالا ٿئي (ص: 89) [شايد ڀُل سبب ”بول“ ٻه ڀيرا اچي ويو آهي.]
·        سنڌ جو وارث نه ٿئي (ص: 123) [وزن بيهارڻ سولو نه آهي! فاعلاتن مفتعلن به ٺهي سگهي ٿو.]
·        نئين ديري وڃان (ص: 131) [”نئين“ کي ’فاع‘ طور ڪتب آندو ويو آهي، جڏهن ته اهو ’فعو‘ آهي.]
ان کان سواءِ ”نئون“، ”ڏئي“، ”جيان“، ”ٿئي“ لفظن کي به، ڪيترن ئي سِٽن ۾ ”فعو“ جي بدران ’فع‘ جي وزن تي آندو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ”ايئن“ کي ڪٿي ’فاع‘ طور ۽ ڪٿي ’فع‘ طور وزن ۾ ڪتب آندو ويو آهي. ڏسو:
·        ۾ وجهي ساهه نئون، چاهه ئي چاهه نئون (ص: 26)
·        نيڻ ڌرتي کي ڏئي (ص: 26) [هيءَ سِٽ ”فاعلاتن فائلن“ وزن تي آهي.]
·        خواب ڏئي ساڀيا، لئه ڪو ويساهه ڏئي (ص: 27)
·        معجزن سمنڊ جيان (ص: 28) [”جان“ لکڻ گهرجي.]
·        هو مٽيءَ ٿانوَ جيان (ص: 57) [ساڳئي بند جي ڇهين سِٽ ۾ ”جيان“ کي ’فعو‘ طور ڪتب آندو ويو آهي، جيڪو هِتي ’فع‘ طور آندو ويو آهي.]
·        ايئن وڌائي پيو (ص: 39) [”ائن“ لکڻ گهرجي ها.]
·        سمنڊ سان ميلُ ٿئي، سڦل جيون ٿئي (ص: 55) [هڪڙو ”ٿئي“ ’فع‘ طور ۽ ٻيو ”ٿئي“ ’فعو‘ طور ڪتب آندو ويو آهي.]
هڪڙي ٻِي معترضه ڳالهه اعرابن يعني زبرن، زيرن ۽ پيشن جي استعمال جي آهي، جنهن جو هن ڪتاب ۾ گهڻو استعمال ته ڪيو ويو آهي، پر ڪيترو ئي غلط به ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: ”موُنهان“، ”دوُنهان“، ”توُڻ“، ”پٿوُن“، ”وڇوُن“، ”ڪڇوُن“، ”هوُ“ ۾ ترتيبوار ’م‘، ’د‘، ’ت‘، ’ٿ‘، ’ڇ‘، ’ڇ‘، ’هه‘ تي پيش اچڻ گهرجي. ”رکيِ“، ”هيِ“، ”ٿيِ“، ”هَن“ ۾ ترتيبوار ’ک‘، ’هه‘، ’ٿ‘، ’هه‘ تي زير اچڻ گهرجي. هن طويل نظم ۾، شد ( ّ) جي استعمال بدران زبر جو به گهڻو ئي استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته گهڻين ئي جڳهين تي شد کان ماترا جو ڪم ورتو ويو آهي، پر اُتي ڏني زبر وئي آهي. مثال: ”حَقُ آ چونڊَ جو“ (ص: 93)، يا ”ٿي ٻُري ڀِٽَ تان“ (ص: 98)، يا ”مَٽَ سامي سندءِ“ (ص: 100). ان کان سواءِ، مختلف مصرعن ۾ ڪتب آندل لفظن ”جهَلَڪَ“، ”جهُٻو“، ”گهَڙي“، وغيره  ۾ ’هه‘ تي اعراب نه اچڻ گهرجي.
بهرحال، محمد علي پٺاڻ جو هيءُ طويل نظم جو تجربو واکاڻ جوڳو آهي، جنهن ۾ هن فڪر ۽ فن جي سنگم سان، وقت بابت اها تخليق جوڙي ورتي آهي، جيڪا يقيناً ڌيان سان پڙهي ويندي.

No comments:

Post a Comment