29/03/2020

رڃ: ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
رڃ:  ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول

سنڌي ٻولي ۾ لکيل چند ضخيم ۽ وڏن ناولن ۾ رڃ، نه صرف محبت جو لازوال داستان آهي، پر هي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ڪوهستاني پٽي تي رهندڙ سنڌين جي ثقافتي ۽ سماجي زندگي جو مستند دستاويز پڻ آهي.
حمل خان جي خاندان ۾ سندس زال امير بيگم، ٻه پٽ ستار ۽ جبار ۽ ٻه ڌيئرون، تاج بيبي ۽ جان بيبي آهن. ڪوهستان جي حوالي سان هي خاندان ماني مڇي وارو، گاڏين، موٽرن ۽ زمينن جو مالڪ آهي. شاهه جو رسالو، هن گھر ۾ وڏي اهتمام ۽ شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. حمل خان جو ڀاڻيجو رئيس محراب خان، قبيلي جو سردار آهي. محراب خان جي شادي تاج بيبي سان طئه ٿيل آهي پر هو جان بيبي ۾ دلچسپي وٺي ٿو ۽ ماءُ کي منٿ ٿو ڪري ته سندس شادي، تاج بيبي جي بجاءِ، جان بيبي سان ڪرائي، جنهن کي سندس ماءُ سختي سان رد ڪري ٿي ۽ سندس شادي تاج بيبي سان ٿي وڃي ٿي. شادي جي دوران، محراب خان جو ويجهو دوست، رئيس طارق خان، گھوٽ سان گڏجي لانئن جي رسم لاءِ جڏهن حمل خان جي گھر ۾ اچي ٿو ته جان بيبي سندس شخصيت جي سحر ۾ گم ٿي وڃي ٿي.

طارق خان، امير بيگم جو ويجھو مائٽ ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ ڪوهستاني رئيس آهي، جيڪو نه صرف شڪل صورت جو سهڻو، کلمک، ملنسار ۽ وضعدار آهي، پر وڏي هلندي پڄندي ۽ اثر رسوخ وارو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي حصي ۾ سندس فيصلن کي وڏو مان ڏنو وڃي ٿو.
طارق خان آهستي آهستي، جان بيبي جي حواسن تي ڇانئجي وڃي ٿو ۽ هو هر وقت کيس ياد ڪندي، شاهه جو رسالو پڙهندي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ٿي. دل کي دل سان راهه ٿيندي آهي. نيٺ طارق خان کي به سندس دل جو حال معلوم ٿي وڃي ٿو جيڪو کيس سمجهائي ٿو ته سندن ميلاپ ناممڪن آهي، ڇو ته هڪ ته طارق خان شادي شده ۽ ٻارن جو پيءُ آهي، ٻيو ته جان بيبي جو رشتو، سندس ماسات مير محمد سان طئه ٿيل آهي. جان بيبي پنهنجي دل جي هٿان مجبور آهي تنهنڪري هو طارق خان جو خيال دل مان ڪڍي نٿي سگهي.
جان بيبي جا اميدوار، سندس سَوٽ ڪمال خان ۽ مظهر خان به هئا پر امير بيگم جي ضد سبب سندس رشتو پنهنجي ڀاڻيجي مير محمد سان ڪرايو ويو هو جنهن ۾ جان بيبي هر گز به خوش نه هئي. نيٺ سندس شادي مير محمد سان ٿي وڃي ٿي، جيڪو ڪراچي ۾ طارق خان جو پاڙيسري آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ، جان بيبي ۽ طارق خان جون خفيه ملاقاتون شروع ٿين ٿيون. طارق خان جي پنهنجي زال سان شروع کان ئي اڻبڻت هئي، کيس جان بيبي جو پيار مليو ته هو به پنهنجي دل کي قابو ۾ نه رکي سگھيو.
عشق ۽ مشڪ لڪندا ناهن. طارق خان ۽ جان بيبي جون ملاقاتون به لڪي نه سگھيون ۽ آخرڪار، جان بيبي ۽ مير محمد ۾ شديد جھڳڙو ٿيو ۽ جان بيبي هميشه لاءِ مير محمد جو گھر ڇڏي، پنهنجي مائٽن جي گھر اچي ويئي جتي ڪڏهن ڪڏهن طارق خان اچي ويندو هو. وقت گذرندو رهيو. امير بيگم جو انتقال ٿي ويو ۽ حمل خان به سخت بيمار رهڻ لڳو. طارق خان، حمل خان جي حويلي جي پاسي ۾ شاندار بنگلو ٺهرايو جتي جان بيبي رات جو ملڻ لاءِ پهچي ويندي هئي. هڪ رات جان بيبي جي ڀاءُ کي خبر پئجي ويئي جنهن ڪلاشنڪوف جا فائر ڪيا ۽ طارق، جان بيبي کي وٺي، ان وقت ئي اتان نڪري ويو.
ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ طارق خان، جان بيبي کي پنهنجي ٻنيءَ تي ٺهيل بنگلي تي رکيو ۽ اڪثر اتي ئي رهڻ لڳو. طارق خان جا ٻار هاڻي وڏا ٿي چڪا هئا جيڪي جان بيبي کي سخت ناپسند ڪندا هئا سواءِ سندس وڏي پٽ اڪبر جي. طارق خان جو بلڊ پريشر هاءِ رهڻ لڳي ٿو ۽ آخر ڪار مٿس فالج جو حملو ٿئي ٿو. جنهن جو ذميوار جان بيبي کي سمجهيو وڃي ٿو. طارق خان جو ننڍو پٽ حميد، جان بيبي سان نفرت ڪري ٿو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن کيس گھران ڪڍي ڇڏي ٿو. جان بيبي وٽ ٻي ڪا واهه نه هوندي، هو پنهنجي نوڪراڻين جي گھر اچي ٿي ۽ کين چوي ٿي ته هو کيس سندن ڳوٺ وٺي هلن. نوڪراڻيون کيس هڪ کٽارا بس جي ذريعي بلوچستان جي شهر اوٿل ڏانهن روانيون ٿين ٿيون. جڏهن طارق خان کي صورتحال جو پتو پوي ٿو ته کيس دل جو دورو پوي ٿو ۽ سندس انتقال ٿيو وڃي.
ناول جوشروعاتي حصو، ڪوهستان جي وڏيرن جي شادي ۾ ٿيندڙ خرچن، محفلن، ميندين، ڳيچن، سنوڻ ساٺن، حويلين جي اندروني ڪهاڻين، نوڪراڻين جي ڀوڳ چرچن تي مشتمل ماحول جي بهترين ثقافتي عڪاسي آهي. شادي دوران ميراثي عورتن جي سرگرمين ۽ نوڪراڻين جي پاڻ ۾ ٿيندڙ نوڪ جهوڪ ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ ڊڪشن، انهن جي ٻين نوڪرن سان معاشقن جي عڪاسي شااندار آهي. ائين لڳي ٿو ته ڪو زبردست قسم جو ثقافتي سوپ سيريل هلي رهيو آهي. اهو به ڏسي سگھجي ٿو ته، ڪوهستاني زندگي ۾ عورت جي عزت ۽ ان جو اثر رسوخ، سنڌ جي ٻين علائقن جي بنسبت وڌيڪ آهي. ڪوهستان جا وڏيرا، پنهنجي گهر جي عورتن سان کل ڀوڳ ۽ ڪچهري به ڪن ٿا. ناول جو سڄو وايو منڊل ئي محبت تي ٻڌل آهي. مرد، عورتون، ننڍا وڏا، امير غريب، سڀ هڪٻئي سان باهمي احترام ۽ محبت جي فضا ۾ ساهه کڻن ٿا.
هن ناول کي ”دل جي دنيا“‌ چئي سگهجي ٿو جتي جي منطق توڙي اخلاقي قدر نرالا ئي هوندا آهن. نفعي نقصان ماپڻ جا ماڻ به الڳ ئي هوندا آهن. هي جان بيبي جي دنيا آهي جيڪا محبت ۾ انتهائي ثابت قدم، وفادار ۽ مستقل مزاج آهي. سهڻي وانگر، هو سماجي قدرن کي نٿي مڃي ۽ رات جي اونداهي ۾ پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ پهچي وڃي ٿي. کيس دنيا جي ڪا پرواهه ناهي. هو هر قسم جا مهڻا طعنا ٻڌي ٿي، مائٽ مٽ هميشه لاءِ ڇڏي، هر قسم جي تڪليف برداشت ڪرڻ جي باوجود به پوئتي نٿي هٽي. شاهه لطيف سندس سونهون به آهي ته دوست ۽ همدرد پڻ.
جان بيبي جي عشق جي مختلف مرحلن مان گذرڻ وقت، شاهه لطيف جا بيت، موقعي جي مناسبت سان خوبصورت انداز ۾ چيل آهن جيڪي ڀرپور تاثر ڇڏين ٿا. هي ناول، لطيف شناسي جو هڪ موهيندڙڪتاب پڻ آهي. پوري ڪهاڻي ۾ لطيف جي بيتن جو ڀرپور استعمال شايد پهريون دفعو ڪنهن ناول ۾ ٿيو آهي.
شاهه لطيف سان عشق سڀني ڪوهستانين ۾ مشترڪ قدر جي طور تي ڏيکاريل آهي. فراق ۽ تڙپ، جيڪي شاهه جا اهم موضوع آهن، اهي هن ناول ۾ به اتم درجي جا ڏيکاريل آهن. تاج بيبي، محراب خان جي محبت لاءِ تڙپي ٿي، محراب خان وري جان بيبي جو گھرجائو آهي. جان بيبي، طارق خان جي فراق ۾ سڙي ٿي. کيس ڪجه وقت لاءِ وصال نصيب ٿئي ٿو پر آخر ۾ وري دائمي فراق سندس مقدر بنجيو پوي.
ناول ۾ ڪجهه مباحثا سياسي ۽ سماجي پڻ آهن. ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ سنڌين جي بي وارثي ۽ نڌڻڪائي، سندن ڇڙوڇڙ رهڻ، ٻڌي نه هجڻ، سنڌي ٻولي کي خطرا ۽ ٻيا اهڙا موضوع پڻ بحث هيٺ اچن ٿا جن بابت فاضل مصنفه، پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويئي آهي.
طارق خان کي هڪ اڏول ۽ وڏو ماڻهو ڏيکاريو ويو آهي پر جان بيبي جي معاملي ۾ سندس ايڏي وڏي مخالفت نه ٿي، سواءِ پنهنجي گھريلو چپقلش جي. طارق خان جي مقابلي ۾ نه ڪو طاقتور فرد سامهون آيو، نه ئي ڪي طوفاني قسم جون سماجي حالتون. هڪ شادي شده عورت کي پنهنجي گھر ۾ مستقل رکڻ تي، سندس ذات برادري جو به ڪو خاص دٻاءُ نٿو پوي. سندس ويجھي دوست ۽ قبيلائي سردار، محراب خان جو به نه. جيڪڏهن طارق خان، غريب ماڻهو هجي ها، ته ڇا پوءِ به ائين سڀ چپ رهن ها؟ جيڪڏهن طارق خان کي هيرو مڃي وٺجي، ته سندس ولين ڪير ۽ ڪٿي آهي؟
اها ڳاله سوچڻ تي ضرور مجبور ڪري ٿي ته جان بيبي روز رات جو گھران نڪري، طارق خان جي بنگلي ۾ ساڻس ملڻ ويندي هئي جڏهن ته سندس گھر ۾ ٻه ڀائر، انهن جون زالون ۽ ٻار به هئا، ۽ سندس ڀاءُ کي ڪافي شڪ به هو، تنهن هوندي به، کين ان ڳاله جي خبر ايڏي دير سان ڇو پيئي!
هي ڪهاڻي ڪوهستان جي امير ماڻهن جي گھر جي ڪهاڻي آهي جيڪا سندن شادين، غمين، رسمن، لئنڊ ڪروزر ۽ پئجيرو گاڏين، سندن شڪار جي شوقن سان ڀريل آهي. هن ناول ۾ ڪوهستان جي غربت، عام حالاتِ زندگي، عام ماڻهو جي اهنجن تي ڪو خاص مواد نٿو ملي. سندن سماجي توڙي معاشي زندگين بابت ڄاڻ نه هجڻ برابر آهي.
ڪجهه ڳالهين جو ورجاءُ، ناول جي رواني کي متاثر ڪري ٿو; جان بيبي جو بار بار روئڻ ۽ آه و فغان ڪرڻ، سندس روزمره جا معمولات، مائٽن ۽ دوستن جاهڪٻئي وٽ نه اچڻ جا ڏوراپا وغيره.
هي ناول پنهنجي مضبوط پلاٽ، شاندار ڪردار نگاري، فڪري پختگي ۽ لطيف شناسي سبب ته متاثر ڪري ئي ٿو پر سڀ کان وڌيڪ مسحورڪن ڳالهه آهي هن ناول جي لاجواب ٻولي. منگھاڻي صاحبه کي ڪوهستاني ٻولي تي جيتري دسترس آهي، اوتري شايد ئي ڪنهن ٻئي کي هجي. انتهائي دلچسپ ۽ پرلطف ڊڪشن استعمال ٿيل آهي جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙيو ڇڏي.
رڃ، هڪ شاندار ۽ سنڌي ٻولي جي چند قابلِ ذڪر ناولن مان هڪ آهي. سنڌي ناول جي افق تي، هي ناول گهڻي وقت تائين جٽاءُ ڪندو.

No comments:

Post a Comment