29/03/2020

ناول: ماتم ھڪ عورت جو - ولي محمد خاصخيلي (Wali Muhammad Khaskheli)


تبصرو: ولي محمد خاصخيلي
ناول: ماتم ھڪ عورت جو
ناول نگار: عمر ريوابيلا
سنڌيڪار: ننگر چنا

لاڪ ڊائون دوران گھٽ، ٻوسٽ ۽ ڪرونا وائرس جھڙي موتمار وائرس جي خوف جتي سڄي دنيا کي حيران پريشان ۽ دھشت واري ماحول ۾ مبتلا ڪري رکيو آھي. انھي صورتحال ۾ ماڻھو پنھنجي گھر ۾ موجود رھندي ئي پاڻ، دوستن، عام خلق ۽ خود پنھنجي گھر وارن کي پنھنجي گھر ۾ موجودگي ۽ ٻاھر نه وڃڻ ڪري، ھن مرض ۾ وٺجڻ کان بچائي سگھي ٿو ته اھا به سمجھداري واري سوچ سمجھڻ گھرجي. جڏھن ماڻھو ٻاھرجي ڪمن ڪارين کان مجبورن واندو ٿيو گھر ۾ ويٺو آھي ته ان دوران سندس واسطو ٽي وي، فيس بوڪ ۽ نيٽ ته اخبارون وغيره ٿي سگھن ٿا، جتان سڄي دنيا جي گھر ويٺي معلومات پئجيو وڃي. اھڙي صورتحال ۾ ذھني مونجھ ۽ پريشاني ۾ ذھن جي ھم آھنگي سان جي ڪجھ لکي نٿو سگھجي ته ان وقت جو بھترين تصرف ھڪ علموَند لاء مختلف ڪتابن جي وندرئي ھوندو آھي ۔۔ پوء مختلف علمي ادبي،شاعري، تاريخي ۽ ديني ڪتابن کان ويندي، علم سائنس، ڪھاڻين، فلسفي ۽ ناولن جا ڪتاب به زير مطالع اچن ٿا. ڪتاب ته ھُونئن به انسانن جا سٺا دوست ئي رھيا آھن، پر شرط اھو آھي ته توھان انھن سان ڪيتري حد تائين دوستي نڀايو يا ساڻن ڪچھري ڪيو ٿا. انھيءَ پس منظر ۾ مون ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ناول ”ماتم ھڪ عورت جو“ جنھن جو سنڌيڪار ننگر چنا ۽ ناول نگار عمر ريوابيلا آھي، پڙھي ورتو.

ھن ناول ۾ سامراجي ۽ مسلح قوتون جيڪي حق، سچ کان علاوه پنھنجي فطرتي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ حلقن يا گروھن جي مختلف فردن، عورتن مردن سميت کين گم ڪري ايذاءُ ڏيڻ، ڪال ڪوٺڙين ۽ ٽارچر سيلن ۾ رکي کين سخت تشدد جو نشانو بنائيندڙن جي بربريت ۽ وحشت جو چٽو مثال آھي. ھي ناول ڄڻ ته اھڙن عذاب گھرن جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو، جتي عورتن مردن کي ڪپڙن کان آجو ڪري ھر قسم جو ڪريل ۾ ڪريل تشدد ۽ عورتن جي ريپ سوڌو کين ناقابل يقين ازيت ڏني وڃي ٿي.
ناول نگار پنھنجي ڏسندڙ اک سان پنھنجي انداز بيان ۽ منظر نگاري ۾ ھڪ پڙھندڙ کي اھي سڀ واقعا ۽ سختي سھندڙن جي سور ۽ پيڙاء، درد جھڙوڪر ته روبرو ڏيکارڻ سميت ڄڻ ته تشدد جا نوان نوان ۽ روح تائين گھاءَ ڏيندڙ ايذاءَ جا طريقا سامھون ئي ڏيکاري رھيو ھجي. ھي ناول ھڪ عورت جي قيد دوران مظلوميت، حساسيت ۽ پاڻ سميت ٻين تي ٿيندڙ اذيتناڪ منظرن جو دردڀريو داستان آھي.
ناول جو پاڙھت اھي درد ۽ تڪليفون پنھنجي اندر ۾ محسوس ڪرڻ کان سواء رھي نٿو سگھي، جنھن مان بخوبي اھو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته خود ناول نگار جي درد جي روحاني پيڙاءَ جي ڇا ڪيفيت ھوندي؟
ناول اسان وٽ به لکجن ٿا پر دنيا جي ٻين ليکڪن جا انداز بيان ۽ مشاھداتي منظر ئي ڪجھ مختلف آھن. ھن ناول ۾ فلسفو به گھڻو سمايل آھي جنھن سبب ھڪ پاڙھت کي به ھي ناول سمجھڻ لاءِ پڻ ايڏي فلسفي ۽ علمي بلندي جو ذھن ھجڻ ضروري آھي. يقينن عمر ريوابيلا جو ھي بھترين ناول آھي، جيڪو يورپي ملڪن ۽ لاطيني آمريڪا ۽ ان دور جي تاريخي پس منظر سميت چرچ ۽ حڪومتن جو پاڻت ۾ سھڪار يا مخالفت ڪندڙن واري دور جي سٺي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ان دور واري ماحول ۽ سياست کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
جڏھن ته ٻوليءَ ۽ ترجمي جي حساب سان محترم ننگر چنا ناول جي ھيئت جي رس چس کي برقرار رکي ناول جي اصلي پيغام کي برقرار رکڻ ۾ خوب نڀايو آھي.

1 comment:

  1. Yeh Kitab PDF mein Hai ap ke pass Sir...

    ReplyDelete