27/05/2020

موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا

پهرين سنڌي ناول، تعداد ۾ ته گھٽ هئا پر فني لحاظ کان ڪافي پختا هئا. اڪيهين صدي جي شروع ٿيڻ سان ناول لکجڻ ۾ تيزي اچي ويئي ۽ کوڙ سارا ناول مارڪيٽ ۾ اچي ويا. جتي هيترا ناول ڏسي خوشي ٿي، انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اها مايوسي به ٿي ته ناول جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مقدار تي وڌيڪ ۽ معيار تي گھٽ توجه ڏني وئي آهي. اڄڪله لکجندڙ، سنڌي ناول جا ڪجه مسئلا هن ريت آهن:
پروف ۽ ايڊيٽنگ
ناول پڙهندڙ کي پهريون مسئلو اهو ٿو سامهون اچي ته، اڪثر ناولن ۾ پروف جون بيشمار چڪون هونديون آهن. ٻه چار چڪون ته در گذر ڪري سگهجن ٿيون پر چڪن جي ڀرمار پڙهڻ جو لطف غارت ڪري ڇڏيندي آهي. ساڳيو مسئلو ايڊيٽنگ سان به آهي. مونث مذڪر ۾ فرق نه ڪرڻ ۽ جملا گرامر مطابق نه لکڻ به جهڙوڪر معمول بنجي ويو آهي. ڪيترن ئي مسودن ۾ ترتيب جو فقدان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو يعني ڪهڙي ڳاله پهرين چئجي ۽ ڪهڙي ڳالھ پوءِ ۽ ڪهڙي ڳالھ بلڪل لکجي ئي نه. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڳاله نه لکڻ به فن هوندوآهي.

ناول يا ڪهاڻي جو مسودو هڪ اهڙي ڇڪيل رسي وانگر هوندو آهي جنهن تي بازيگر ڪرتب ڏيکاريندو آهي. جيڪڏهن رسي مڪمل طور ڇڪيل نه هوندي ته بازيگر پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهندو. اسان جا ڪيترائي ناول انهيءَ ڪري به توازن وڃائي ويهندا آهن جو انهن ۾ غير ضروري، معلومات، فاضل جملا ۽ لفظ ، ڇڪيل رسي ۾ جھول پيدا ڪري وجھندا آهن. اهڙا ناول شروع ڪرڻ مهل ئي سڄاڻ پاڙهو يا نقاد، سمجهي ويندو آهي ته ليکڪ، تڪڙ کان ڪم ورتو آهي. ناول نگارن کي گھرجي ته پهريون مسودو لکي، ان کي ڪجه وقت لاءِ پال ۾ وجھي ڇڏين ۽ ان کي ٻيهر پڙهڻ دوران غير ضروري ۽ بي تڪا تفصيل ڪڍي، مناسب ۽ ٺهڪندڙ جملا وجهي پوءِ ان کي حتمي شڪل ڏين. هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي ذميداري پبلشر تي به عائد ٿئي ٿي.
جامد ۽ ڪمزور ڪردارنگاري
ڪردار نگاري، ناول ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي. پراڻن قصن، ڏند ڪٿائن ۽ يوناني ڊرامن ۾ مک ڪردار هيرو هوندو هو. هيرو ۾ غير معمولي قوتون ۽ صلاحيتون ڏيکاريون وينديون هيون. ناول نگاري جي جديد فن ۾، اهو محسوس ڪيو ويو ته هيرو جهڙا ڪردار، صرف انسان جي تخيل جي پيداوار آهن جيڪي پڙهندڙن يا ڏسندڙن جي فئنٽيسي جي تسڪين جي لاءِ هوندا آهن جن جو حقيقي دنيا سان ڪو واسطو نه هوندو آهي. اڄ به اهڙا ڪردار لکيا وڃن پيا پر اهي يا ته ٻارن لاءِ آهن يا صرف فئنٽيسي جي تسڪين لاءِ . سپر مئن، اسپائيڊر مئن، هيري پوٽر غيره ان جا مثال آهن. حقيقي ادب لاءِ اهو ضروري سمجهيو ويو ته اهڙا ڪردار تخليق ڪيا وڃن جيڪي حقيقي لڳن. اهي عام ماڻهو هجن ۽ انهن ۾ عام ماڻهن واريون خوبيون ۽ خاميون هجن. پر ان سان گڏ اهو به محسوس ڪيو ويو ته ناول جا مک ڪردار، عام ڪردارن کان ٿورو مختلف ۽ بهتر هجن. ناول جي مک ڪردار کي بي باڪ، باهمٿ، قابلِ اعتماد، بهادر، مضبوط وغيره هجڻ گھرجي. ان کان علاوه جيڪڏهن هو حسين، ڪنهن خاص صلاحيت جو مالڪ يعني عالم يا ماهر آهي ته اهي منجهس اضافي خوبيون چئبيون.
انهن خوبين مان ڪا گھٽ وڌ به ٿي سگهي ٿي پر هڪ خوبي انتهائي ضروري آهي مک ڪردار ۾. هن کي متحرڪ هجڻ گھرجي. وقت ۽ حالتن مطابق، هن ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت هجي. جڏهن به ڪو ڏکيو مرحلو اچي يا پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ ڪنهن اهم فيصلي ڪرڻ جي ضرورت هجي ته اهو ڪري سگھي. پوءِ هو ڪامياب ٿئي يا ناڪام، هن کي سڀئي صلاحيتون استعمال ڪندي، ڪوشش ضرور ڪرڻ کپي. ڪيترائي سنڌي ناول نگار هتي ڌڪ کائي ٿا وڃن، مشڪل وقت اچڻ تي، سندن مک ڪردار، يا ته روڄ راڙو ڪري رودالي ٿا بڻجي وڃن ۽ پنهجي پاڻ کي قسمت جي حوالي ڪريو ڇڏين يا وري هو گفتار جا غازي بنجي ٻين مان اها توقع ٿا رکن ته اهي مسئلا حل ڪندا. جڏهن ڪهاڻي ۾ قضيو (Crisis) ٿو اچي ته، ناول پڙهندڙ، توجه سان ناول پڙهندي، اها توقع ٿو رکي ته مک ڪردار، هن مسئلي کي حل ڪري وٺندو پر جڏهن هو ڏسي ٿو ته مک ڪردار ته مسئلو حل ڪرڻ ته رهيو پري، ڪا جدوجهد به نٿو ڪري، ته هو مک ڪردار توڙي ناول نگار مان مايوس ٿيو وڃي.
اسان جا ڪجه ناول نگار، متحرڪ جي بجاءِ جامد ۽ مجهول ڪردار (Passive Protagonist) ٿا تخليق ڪن جيڪي ڪهاڻي کي اڳتي وٺي هلڻ جي بجاءِ ، ان کي سست ٿا ڪن. ڪهاڻي ۾ رفتار ايندي آهي عمل ۽ چرپر سان. جيڪڏهن مک ڪردار رڳو ڳالهين جو ڳهير آهي يا سڄو ڏينهن ويٺو سوچي، ته عمل ڪٿان ڪندو. زندگي رڳو سوچڻ نه پر عمل جو به نالو آهي. اسان جا ناول نگار، مسئلي کي عمل سان حل ڪرائڻ جي بجاءِ ، مک ڪردار کي دانشور ۽ مفڪر ٺاهيو ڇڏين. فڪر۽ عمل ۾ توازن هجڻ گھرجي. ڪجه جڳهين تي اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جنهن وقت عمل جي ضرورت هوندي آهي ان وقت، ڪردار پاڻ يا ناول نگار سنئون سڌو، جذباتي گفتگو ڪرڻ لڳي ويندو آهي. متحرڪ ڪردار ڪهاڻي جي گاڏي جا ڊرائيور هوندا آهن ۽ جامد ڪردار بنا ڊرائيور واري گاڏي جا پئسينجر. )هڪ ڳاله نوٽ ڪرڻ گھرجي ته جامد ڪردار، ائنٽي هيرو ڪردار کان مختلف هوندا آهن(.
بحثن جي ڪثرت
مصنف پنهنجي مرڪزي نقطي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ، ڪردارن کان بحث ڪرائيندو آهي. ٿيڻ ته ائين گھرجي ته ناول ۾ بحث هجي ئي نه. ڇو ته آرٽ ۾ ڳالھ چئي ٻڌائڻ جي بجاءِ، اهميت انهيءَ ۾ آهي ته اها ڳالھ ڪري ڏيکارجي. يعني ٻڌائڻ جي بجاءِ ڏيکارڻ گھرجي. ڪيترن ئي وڏن ناولن ۾ بحث نه هجڻ برابر هوندا آهن. انهن وٽ ڪهاڻي ۽ ان جا واقعا ايترا مربوط ۽ مضبوط آهن جو انهن ۾ ڪا وٿي ئي ڪانهي جنهن ۾ بحث داخل ڪري سگهجي. بحث کي اتي داخل ڪرڻ ضروري هوندو آهي جتي ڪا شئي ڪهاڻي جي ذريعي، ڪري ڏيکارڻ مشڪل هوندو آهي پر اهو گھٽ ۾ گھٽ هجي.
مون ڪجھ سنڌي ناول اهڙا پڙهيا آهن جن ۾ تاريخي، سياسي، سماجي ۽ ٻيا بحث، ناول ۾ تمام گھڻي جاءِ والاريو ويٺا آهن. ڪجھ ڪردار، ڊرائنگ روم، ريسٽورنٽ، يا ڪنهن جاءِ تي گڏ ٿين ٿا ۽ واري واري سان طويل ڊائلاگ ڳالهائين ٿا. جيڪڏهن ان مان به تسلي نٿي ٿئي، ته مصنف ڪو سيمينار ڪرائي، ڪردارن کان تقريرون ڪرائي ڇڏين ٿا ۽ رهيل ڪثر پوري ڪرڻ لاءِ ، خطن ۽ ايميلز جو سهارو وٺن ٿا. ائين هوسڄو سياسي، مذهبي، فڪري ۽ سماجي علم، انهن بحثن، ليڪچرن ۽ خطن ذريعي پڙهندڙ تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پڙهندڙ پريشان ٿي سوچي ٿو ته ناول ڪٿي گم ٿي ويو.
ان کان علاوه ڪجه ناول نگار ڪردارن کي به وچان ڪڍيو ڇڏين، گوگل ۽ ڪتابن تان معلومات کڻي، خود ئي معلومات ڏيڻ لڳن ٿا. ائين هو پنهنجي چڱي ناول کي به وڪي پيڊيا ۾ تبديل ڪريو ڇڏين.
ڪردارن جي گفتگوءَ ۾ يڪسانيت
موجوده ڪجه ناولن ۾ مون اهو به ڏٺو آهي ته، مک ڪردار، ان جا ساٿي ڪردار ۽ ضمير متڪلم يعني خود ناول نگار، هڪ ئي لهجي ۾ ڳالهائين ٿا ۽ اڪثر سڀ دانشوراڻي لهجي ۾ ڳالهاين ٿا. سندن معلومات، لفظيات ۽ جذبات بلڪل هڪجهڙا آهن. خبر ئي نٿي پوي ته ڪير پيوڳالهائي. سادا ۽ گھٽ پڙهيل ڪردار به، مصنف وانگر مفڪر بنيل نظر ايندا آهن. ڪردارن جي انفراديت برقرار ئي تڏهن رکي سگهجي ٿي جڏهن هو ٿورو يا گھڻو هڪٻئي کان مختلف هجن، ٻولي ۽ لهجي ۾ به، فڪر ۽ جذبي ۾ به.
ناول نگار جي ناول ۾ بيجا مداخلت
ناول نگار، پنهنجي ڪردارن جو خالق هوندو آهي ۽ جيڪا ڳاله کيس چوڻي هوندي آهي اها هو ڪهاڻي جي واقعن ۽ ڪردارن جي قول ۽ فعل جي ذريعي چوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته هو پاڻ کي ڪردارن جي ذريعي منڪشف ڪندو آهي. پر ڪٿي ڪٿي، هو ڪردارن کي آزاد ڇڏڻ بجاءِ ، هنن کي جڪڙي ٿو ڇڏي ۽ پاڻ سڌي طرح ناول جي بحث ۾ بحيثيت راوي شامل ٿيو وڃي جنهن سان ناول ۾ هڪ اڍنگائي اچيو وڃي.
شاعري جو بيجا استعمال
ناول ۾ شاعري شامل ڪرڻ تي هرو ڀرو ڪا پابندي ته ڪانهي پر اها اٽي ۾ لوڻ برابر هجڻ گھرجي. ڪيترن ئي ناولن ۾ شاه لطيف جي شاعري جي ڀرمار آهي. ان کان علاوه ڪجھ ناول نگار پاڻ، شاعري تي به طبع آزمائي ڪندا آهن ۽ ان کي ناول ۾ ڪافي جاءِ ڏيندا آهن. گھڻي شاعري توڙي ٻيا غير ضروري اقتباس، ناول جي جماليات تي منفي اثر وجھندا آهن.
تعريفي طوفان
تعريف هر فنڪار ۽ تخليقڪار جو حق آهي ۽ کيس جائز حق ملڻ گھرجي. تعريف مصنف لاءِ انعام به آهي ته اجورو به جنهن جي ادائيگي سان منجهس وڌيڪ اتساه پيدا ٿيندو ليڪن ڪجه جڳهين تي اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪجھ دوست بيجا تعريفن سان زمين آسمان هڪ ڪريو ڇڏين، جنهن جي ابتدا مهاڳ کان ئي ٿيو وڃي. پوءِ تبصرن ۽ ريويو جي شڪل ۾ هڪ مهم هلي ٿي. ڪيترائي ئي اهڙا ليکڪ، ناول تي ريويو ۽ مهاڳ پيا لکندا آهن، جن کي ناول جي فن جي بنيادي ڄاڻ به ڪانهي. انهن مان اڪثريت ته ناولنگارن جي دوستن جي آهي، نتيجي ۾ اهي هر ناول کي شاهڪار قرار ڏيئي چون ٿا ته هن کان بهتر ڪو ناول نه ڇپيو آهي نه ڇپبو. انهيءَ کي تعريفي وبا چئبو ته به وڌاءُ نه ٿيندو. تعريف، ليکڪ ۾ خود احتسابي جي عمل کي نهوڙي ڇڏي ٿي ۽ هو پنهنجي ناول جي خامين تي غور ڪرڻ بجاءِ انهن کي پنهنجي ايندڙ ناول ۾ به جيئن جو تيئن دهرائي ٿو. ياد رکجي ته بيجا تعريف، ادب لاءِ مٺو زهر آهي. سڄڻ پائي اها آهي ته تخليقڪار کي سندس تخليق جون خوبيون ۽ خاميون ٻيئ ٻڌائجن. ائين ئي اسان بهتر ادب پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين.

No comments:

Post a Comment