ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
نامور شاعر غلام نبي ”گل“ جي شاعريءَ جو اڀياس
·
رات کان
پو ڏينهن ٿيندو،
رات کان پو رات ناهي. (رات باقي آ: ص 72)
سهڻيءَ سنڌ کي لاڙڪاڻي ضلعي علمي، ادبي ۽ ثقافتي طرح ڪيترائي ماڻڪ موتي ڏنا آهن جن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ڪارائتيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. شاعريءَ جي شعبي ۾، جيڪڏهن ڏسنداسين ته اسان کي ڪيترائي اهم نالا لاڙڪاڻي جي افق تان اُڀرندي ۽ چَوڏسا روشني پکيڙيندي نظر ايندا، جن جا رڳو ٻه ٻه چار چار شعري اسم به سهيڙجن ته هڪ ضخيم ڪتاب جُڙي پوي. انهن نالن مان، گذريل ٽيهن ورهين دوران، جيڪو شاعر پنهنجيءَ ڀرپور سگهه سان، مقدار توڻي معيار ۾، فڪر ۽ فن جا شعر سوچيندي، سرجيندي ۽ آڇيندي نظر اچي ٿو، اهو بنا شڪ جي، غلام نبي ’گل‘ آهي.
جيئن، غزل جي هڪ شعر ۾ چوي ٿو:·
شاعرن ۾
’گل‘ ڪو شاعر،
پاڻ کي جنهن آ مڃايو. (آخري شام: ص 84)
يا:
·
فن ۽ فڪر
جي حوالي سان،
پاڻ کي نيٺ گل تو مڃرايو. (گگن گونگو ٻڌائي ڇا: ص 59)
پر هن وٽ نهٺائي ۽ نوڙت به آهي ته:
·
پاڻ ’گل‘
شاعر نه ئي آهيان اديب،
ڪنهن به شعبي ۾ پنهنجو نالو نه آ.
(خدا جي سرگوشي: ص 160)
ان باوجود هُو سمجهي ۽ چاهي پيو ته:
·
پنهنجي
نالي سان ’گل‘ سڃاڻپ ٿئي،
جد-امجد ڪيستائين آ! (خيالن
۾ سفر: ص 63)
غلام نبي ’گل‘ کي مڃتا ۽ سڃاڻپ ڪا وڏن کان ورثي ۾ نه ملي، نه ئي اِها کيس
سماجي لڳ لاڳاپن يا هڪ ٻئي جي واکاڻ ڪرڻ جهڙن گفتن تي ملي. اها مڃتا ۽ سڃاڻپ سندس
شاعريءَ ۾ سمايل ڏات ۽ ڏانوَ هن کي آڇِي، جنهن جي هُن مسلسل رياضت ڪئي. بقول ڊاڪٽر
فياض لطيف: ”غلام نبي گل اهڙن ٿورن سنڌي سرجڻهارن مان آهي، جن لفظن ۾ هنر ۽ حرفت
جي دکاڻڪي بدران دل جا نيڻ نپوڙي سٽن ۾ انوکي سرمدي ۽ ساحريءَ جو روح سميٽيو آهي“
۽ اهو به ته ”غلام نبي گل هن وقت تائين جيڪو به ادبي پورهيو ڪيو آهي، ان ۾ سندس
ذات ۽ زندگيءَ جا مشاهدا، تجربا ۽ احساس روح جي گهرائين تائين شامل رهيا آهن.“ (مهاڳ،
”لمحن جو درد“: 2003، 14 ۽ 15) يا جيئن، غلام نبي گل جو هڪ شعر آهي ته:
·
ڀريندي
رنگَ ڪنهن تصوير ۾، خود،
ويندو تصوير بڻجي آ مصور. (تنهائي: ص 101)
بلڪل ايئن ئي، شعر ۾ لفظن ۽ معنائن جا موتي پوئيندي، غلام نبي ’گل‘ پاڻ کي به
انهن شعر ۾ پوئيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ هن جي خوابن، خواهشن ۽ خيالن جي دنيا به
اُڻيل آهي، ته لاڙڪاڻي جي رحمت پور ۾ واقع هڪ گهر جي ننڍڙي ڪمري جي تنهائيءَ ۾
گذرندڙ احساسن ۽ ڪيفيتن جي دنيا جا رنگ ۽ ڍنگ، راز ۽ رمزون به چِٽيل آهن. انهن
اڪيلائيءَ جي عڪسن کي محسوس ڪندي، عابد عباس ڪاظمي لکي ٿو: ”سندس
مڪمل دنيا اوطاق جو ننڍڙو ڪمرو هڪ تنها ۽ حساس شاعر جي اها دنيا ڀاسيم جيڪا بي
ترتيبي سان گڏ تنهائيءَ جو احساس ڏياريندڙ ڪنهن چترڪار جي تجريدي شاهڪار جيان هجي.
شايد عمر جي تقاضا هجي يا اسان جي سماج جي بي قدري جنهنڪري سائين [غلام نبي گل] جي
دنيا توڙي فن ۽ فڪر تي تنهائي جي احساس جا اولڙا نمايان محسوس ٿين ٿا...“ (مهاڳ، ”تنهائي“:
2010، 6)
هيٺيان شعر غلام نبي ’گل‘ جي انهن اڌمن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪندڙ آهن:
·
گڏجي
گهارڻ جو ٿي پورو شوق ويو،
۽ هينئر تنها ٿيڻ جو شوق آ. (آئينو چُپ آ: ص 27)
·
منهنجي
تنهائي منهنجي ڪمري کان پڇ،
’گلَ‘ نه ڳالهائيندو آ ڪمرو غلط. (درد
جو چنڊ: ص 138)
·
اهو ڪمرو
۽ ڪمري جا دريون در،
عمر ۾ مون جيان پوڙها وَيا ٿي. (ٻيو
جنم: ص 14)
·
گهر
ڀاتين جي کُٽڪي خاموشي،
خالي خالي لڳن ٿا ڄڻ ڪمرا. (درد جو چنڊ: ص 46)
·
خالي
ڪمرو پڇي ٿو تو بابت،
ان کي آخر جواب ڏيان ڪهڙو! (خيالن ۾ سفر: ص 76)
يا:
·
زندگيءَ
۾ ڪيترا آيا، وَيا،
زندگي فٽ پاٿ جان رستو لڳو.
فوٽو جوڀن جو ڏٺم ڀت تي ٽنگيل،
منهنجو فوٽو ڀي نه ’گلَ‘ منهنجو لڳو. (ٻيو جنم: ص 17)
·
جو
پنهنجي ذات مان نڪري نه ٿو گل!
ٻين جي لاءِ ڇا سوچي سگهي ٿو! (آئينو چُپ آ: ص 109)
غلام نبي ’گل‘ بابت انهن ابتدائي سِٽن کان پوءِ ضروري ٿو سمجهان ته سندس حياتيءَ
جو پروفائيل به مختصراً ڄاڻائجي.
غلام نبي ولد عبدالواسع ٻرڙو 10 سيپٽمبر 1932ع تي، ڳوٺ گھٽهڙ، تعلقي قنبر،
ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻ ضلعو قنبر-شهدادڪوٽ) ۾، هڪ مذهبي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد
ڳوٺ جو زميندار هو، جنهن جي وفات 1961ع ۾ ٿي. هن سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ڇڄڙا مان 1946-47ع ۾ ڏنو. ان دوران هن پنهنجي ڏاڏي
محمد صالح ٻرڙي کان اردو ٻولي پڻ سکي. غلام نبي ’گل‘، شاهه لطيف اورينٽئل ڪاليج
قنبر مان 1969ع ۾ مئٽرڪ، 1971ع ۾ انٽر ۽ 1973ع ۾ گريجوئيشن (B.A) ڪئي. سن 1948ع کان وٺي هُن پرائمري استاد طور ڳوٺ ديدڙ، ڳوٺ
خيرپور جُوسي، ڳوٺ لعلو رائنڪ، شهدادڪوٽ، ڳوٺ ٻائي دڙو، ڳوٺ ٽپال، ڳوٺ گهٽهڙ ۽ پرائمري
اسڪول ڪليڪٽوريٽ لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون، جتان 31 آگسٽ 1992ع تي
رٽائر ڪيو. سندس رهائش 1975ع کان وٺي لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ رهي، جتي سندس
شاعريءَ کي نئون رخ مليو، جيئن پاڻ لکي ٿو: ”مان اهو اعتراف ڪندو هلان، ته جيڪڏهن
مان پنهنجو ڳوٺ گهٽهڙ ڇڏي، لاڙڪاڻي شفٽ ٿي نه اچان ها ته منهنجي شاعريءَ ۾ هِي جو
رومانيت کان حقيقت پسنديءَ وارو موڙ آيو، جيڪر نه اچي ها!“ (سوچ جو سفر، ”آواز جي
خوشبو“: 1993، 7) سائين ’گل‘ وقتاً فوقتاً ڪراچيءَ ۾، بلڊ پريشر ۽ دل جي عارضي
سبب، علاج واسطي، پنهنجي پُٽ انجنيئر اعجاز علي ٻرڙي وٽ گلشن حديد ۾ پڻ رهندو هو.
غلام نبي ’گل‘ شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾، فارسي آميز ۽ روايتي انداز وارن غزلن
سان ڪئي، جن جو مطالعو ڪجهه قدر سندس پهرئين شعري (غزليه) مجموعي ”رات باقي آ“
(1990ع) ۾ ڪري سگهجي ٿو. شاعريءَ ۾ سندس ڪو به استاد ناهي رهيو. هُو پنهنجو استاد
پاڻ رهيو، جنهن سماج، سماجي روين ۽ سُٺن ڪتابن ۽ شعري مجموعن مان رهنمائي حاصل
ڪئي. غلام نبي ’گل‘ 1953-54ع دوران سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان لاڳاپيل رهيو، جتي
هو پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. کيس اسٽيج ڊراما لکڻ، هدايتون ڏيڻ ۽ پيش ڪرڻ جو پڻ
شوق هو، جنهنڪري ڊراما ائسوسيئيشن گھٽهڙ سان به سندس تعلق رهيو. هُن گھٽهڙ ۾ ڪي اسٽيج
ڊراما لکيا، جيڪي 1955ع ڌاري اتي پيش ڪيا ويا. انهن اسٽيج ڊرامن ۾ ”باغي“، ”محبت
جي فتح“ ۽ ”هير رانجھو“ يا ”شيرين فرهاد“ شامل آهن. هن آغا حشر ڪاشميريءَ جو هڪ
ڊرامو پڻ ترجمو ڪري پيش ڪيو. ان کان سواءِ غلام نبي ’گل‘ ”فلاح و بهبود تنظيم“ جو
خزانچي رهڻ سميت ”اتحاد انجمن گھٽهڙ“ سان پڻ سلهاڙيل رهيو. سندس ننڍو ڀاءُ ”جوش“
ٻرڙو پڻ شاعر رهيو، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”عشق اُلا اڇلايا“ ڇپيل آهي. اُن جي
رهبري پڻ سائين ’گل‘ ڪئي. لاڙڪاڻي لڏي اچڻ کان پوءِ، 1980ع ۾ هُو آل ٻرڙا ويلفيئر
ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو. 1984ع ۾ هن سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي
گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کان پوءِ هن جي لاڙڪاڻي جي اديبن سان ويجهڙائي به پيدا
ٿيندي وئي، ادبي حلقن ۾ اٿاويٺي به ٿيڻ لڳي، ته شاعريءَ ۾ فڪري توڙي فني طرح به
تبديلي اچڻ لڳي. جيئن هو پنهنجي ٻئي شعري (غزليه) مجموعي ”آواز جي خوشبو“ (1993ع)
۾ لکي ٿو: ”’آواز جي خوشبو‘ مان محسوس ٿيندو ته منهنجي سوچ ڪيترو سفر ڪيو آهي! ان
سوچ جي سفر ۾ ڪٿي گلن جي مهڪار آجيان ڪئي آهي، ته ڪٿي ڪَنڊن ڀليڪار چئي آهي. حقيقت
جي تلاش ۾ پنهنجي ذات کي جيترو اُڊيڙي سگهيس، جيترو ٽوڙي ڦوڙي سگهيس، جيترو تجزيو
۽ تجربو ڪري سگهيس، اهو ئي ’آواز جي خوشبو‘ ۾ آهي. ايئن جيئن زندگيءَ جيڪو ڪجهه
مون کي ڏنو آهي، اهو موٽائي رهيو آهيان.“ (سوچ جو سفر، ”آواز جي خوشبو“: 1993، 6) اهو
ئي سبب آهي ته ”آواز جي خوشبو“ جي بيڪ ٽائٽل تي نامياري شاعر استاد بخاريءَ لکيو: ”غلام نبي گل جي شاعريءَ ۾ ڪٿي مينديءَ جي مهڪار ڀليڪار چوندي، ڪٿي سؤنف جي
سرهاڻ آجيان ڪندي، ته ڪٿي سرنهن جي خوشبوءِ کيڪاريندي نظر ايندي.“ (بيڪ ٽائٽل،
”آواز جي خوشبو“: 1993) سائين ’گل‘ سنڌي ادبي سنگت شاخ
لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري به رهيو، پر اهو به هڪ الميو آهي ته سندس رڪنيت سنگت لاڙڪاڻي
مان ٻه ڀيرا خارج به ڪئي وئي، جنهن بابت سندس ناول ”نه راهون ساڻ هلنديون هِن“
(2001ع) ۾ سندس پاران لکيل لفظن ”...مگر آئي نه فنڪاري“ ۽ ٻئي ناول ”ٽٽل شيشو“
(2006ع) جي پيش لفظ ”سچ ڪيڏو ڪڙو لڳو هوندو“ ۾ پڻ لکيل آهي. جڏهن ته سندس ڪيترائي
ويجها ادبي دوست هن کان ڇڄي ڌار پڻ ٿي ويا، جن هن جي اڪيلاين، اداسين ۽ ويڳاڻپن ۾
اضافو به ڪيو. اهڙين حالتن بابت هن جي ناولن، ڪهاڻين، شعرن توڙي ”شاعر پاران لکيل
لفظن“ ۾، گهڻو ڪجهه بيان ڪيل آهي. جهڙوڪ، سندس هي شعر ڏِسجن:
·
لڳان ٿو
اجنبي تن جي اکين کي،
سموري عمر جن سان رهيو هان. (ٻيو جنم: ص 13)
·
اڪيلائپ
جو الميو آ اهو گل!
اڪيلائپ ويڳاڻپ ٿي وئي آ. (ٻيو جنم: ص 30)
·
ادب
گڏجاڻين يا محفلن ۾،
هلي تنهنجو نه گل‘ چَوٻول هاڻي. (تنهائي: ص 89)
بهرحال، هُن لکڻ ۽ پڙهڻ کي پنهنجو
پڪو دوست بڻائي ڇڏيو. هو جهرڻي جي تيز رفتاريءَ وانگر غزل، ناول ۽ ڪهاڻيون لکندو ۽
ڪتاب ڇپائيندو رهيو، جنهن سندس هيڪلائين کي پڻ پرتي ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پَڪ
ئي پڪ، هُو نظر روڪي ڇڏيندڙ ٻيا به ڪيترائي شعر ضرور خلقي ها جيڪڏهن سندس وفات 17
نومبر 2016ع تي نه ٿئي ها! جنهن گهٽهڙ جي مٽيءَ کان هن حياتيءَ جو سفر شروع ڪيو
هو، ان ئي گهٽهڙ جي مٽيءَ ۾ کيس ابدي جڳهه ڏني وئي. کيس محبتن ۽ مرڪن جي ڪيترن ئي
تحفن ۽ قرب جي قبوليتن سميت، ادبي مڃتا طور، اڪيڊمي ادبيات ڪراچي پاران ”مڃتا
شيلڊ“، SCSDO لاڙڪاڻي پاران ”سنڌو مڃتا ايوارڊ“
۽ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ“ مليا.
غلام نبي ’گل‘ جي بنيادي سڃاڻپ ته غزل جي هڪ بهترين شاعر طور آهي، پر هن ناول
۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. سندس جُملي 21 ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان 18 سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ ٽي
اردو ٻوليءَ ۾ آهن. انهن 18 سنڌي ڪتابن ۾ 12 شاعريءَ جا، 4 ناولن جا ۽ 2 ڪهاڻين جا
ڪتاب آهن ۽ ٽن اردو ڪتابن ۾ هڪ اردو شاعريءَ جو ڪتاب ”بکھرے
منظر“، هڪ اردو ناول جو ڪتاب ”فاصلے“ ۽ هڪ اردو ڪهاڻين جو ڪتاب ”توبه کے بعد“ شامل آهن. سندس سرجيل ٻارهنِ سنڌي شعري مجموعن ۾ هي ڪتاب شامل آهن: ”رات
باقي آ“ (غزل، 1990ع)، ”آواز جي خوشبو“ (غزل، 1993ع)، ”آئينو چُپ آ“ (غزل، نظم ۽
وايون، 1995ع)، ”اڃا تازي قبر آهي“ (تروينيون ۽ غزل، 1997ع)، ”آخري شام“ (غزل،
2001ع)، ”لمحن جو درد“ (غزل، 2003ع)، ”ٻيو جنم“ (غزل، 2004ع)، ”درد جو چنڊ“ (غزل ۽
تروينيون، 2008ع)، ”خدا جي سرگوشي“ (تروينيون ۽ غزل، 2008ع)، ”تنهائي“ (غزل، 2010ع)،
”خيالن ۾ سفر“ (غزل، 2013ع) ۽ ”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“ (غزل، 2013ع). سندس چئن سنڌي ناولن
۾ هي ڪتاب شامل آهن: ”جيون پياسو سمنڊ“ (1997ع)، ”نه راهون ساڻ هلنديون هِن“
(2001ع)، ”جوڳي“ (2003ع) ۽ ”ٽٽل شيشو (2006ع). جڏهن ته سنڌي ڪهاڻين جي مجموعن ۾ ”دعا
جا پير“ (2002ع) ۽ ”مان ڪير آهيان؟“ (2004ع) شامل آهن. جيتوڻيڪ غلام نبي ’گل‘ ”آتم
ڪٿا“ ڪو نه لکي، پر ڏسي سگهجي ٿو، ته انهن ناولن، ڪهاڻين ۽ شاعري جي ڪتابن ۾، غلام
نبي ’گل‘ سماجي سرگرمين سميت خيالن، جذبن، اڌمن، احساسن ۽ ڪيفيتن بابت گهڻو ڪجهه
لکيو آهي، شايد اهو ئي سڀ ڪجهه سوچي، پنهنجي آخري غزليه مجموعي ”گگن گونگو ٻڌائي
ڇا“ ۾، هن هيءُ شعر لکيو هو:
·
جيئن آتم
ڪٿا پنهنجي پڙهِي ’گل‘!
وڌي ويو دردِ دل هيڪاند آهي. (گگن گونگو ٻڌائي ڇا: ص 76)
اها ڳالهه دلچسپ آهي ته سندس پهريون شعري ڪتاب ”رات باقي آ“ ڊسمبر 1990ع ۾
ڇپيو، جڏهن سندس عمر 58 سال هئي ۽ پڇاڙڪو شعري ڪتاب ”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“ 2013ع ۾
ڇپيو، جڏهن هو عمرِ جا 81 ورهه گذاري چڪو هو. سندس پهريون ڪتاب به غزلن جو مجموعو
هو، ته پويون ڪتاب به غزلن جو مجموعو هو. غزل هُن جي سوچ جو محور هو. انهن 23-هن
سالن دوران سائين ’گل‘ جا ڄاڻايل 21 ڪتاب ڇپيا ۽ ڪِن سالن (1997، 2001، 2002،
2003، 2004، 2008 ۽ 2013) ۾ ته ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪتاب به ڇپيا، ڇاڪاڻ ته نه صرف هُو
تسلسل سان نثر ۽ نظم لکي رهيو هو پر سِگهو ئي، ٻئي ڪنهن پبلشر جو انتظار ڪرڻ
بدران، پاڻ ڇپرائي به رهيو هو، ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي وڌندڙ ڄمار ۽ دل جي اهنجائيءَ
جو گهڻو ئي اونو هو، ۽ هُن نه پئي چاهيو ته پٺتي ڪو اڻ ڇپيل مواد رهجي وڃي.
·
عمر جي
چهري ۾ گهنج پئجي وَيا،
عمر جا باقي ڪي ڏينهن رهجي ويا. (ٻيو جنم: ص 28)
کيس پنهنجي دل جي روڳ ۽ زندگيءَ جي بي رنگيءَ ۽ بي ثباتيءَ جو اندازو هيو،
تڏهن ئي ته لکيائين:
·
ڪا خبر
ناهي ته ڪهڙي روڳ ۾،
زندگي بي رنگ ٿيندي ٿي وڃي. (تنهائي: ص 29)
يا:
·
مٽيءَ جو
هي بوتو مٽيءَ ۾ آ ملڻو،
مٽيءَ جون مٽيءَ سان رهيون هن وفائون. (ٻيو جنم: ص 45)
گهڻو لکڻ ۽ ڇپجڻ تي ڪي ناگوار ڳالهيون ۽ رويا پڻ سندس ڪنن تائين پهتا، ته ان
جو ردعمل پڻ هن جي شعرن ۾ اوتجي آيو:
·
پڙهڻ
وارن جِي اوچي سوچ هوندِي،
مان پنهنجِي سوچ آهر ’گلَ‘ لکيو آ. (تنهائي: ص 148)
يا:
·
ساهه
لفظن ۾ وجهڻ سولو نه آ،
شاعريءَ کي رت ڏيڻو ٿو پوي. (آواز جي خوشبو: ص 34)
پر ٻئي طرف هُو هڪ عاشق جي دل رکندڙ شاعر هو، تڏهن ئي ته پوڙهائپ جي احساس
باوجود چوي ٿو:
·
ٿئي
ماڻهو ئي ٿو پوڙهو،
نه ٿيَڻي آهه پوڙهي دل. (لمحن
جو درد: ص 152)
يا هيءُ به نتيجي خيز شعر ته:
·
سوچ کي
سوڙهو نه ڪر،
پاڻ کي پوڙهو نه ڪر. (آواز
جي خوشبو: ص 93)
غلام نبي ’گل‘ جي 12 سنڌي شعري مجموعن ۾ 8 مجموعا مڪمل غزلن جا آهن، جڏهن ته
رهيل چئن شعري مجموعن ۾ به وڏي اڪثريت غزلن جي شامل ڪيل آهي. ان ڪري ئي ته سندس
سڃاڻ غزل جي سهڻي شاعر واري ٺهي. نامور شاعر وسيم سومرو لکي ٿو: ”غلام نبي ’گل‘
غزل جو خوبصورت شاعر آهي. مون ته هن جي ڀاڪر کي به غزل جو شاهه بند سڏيو آهي، جنهن
جي گرمي محسوس ڪري مان زندگيءَ ۽ ان جي لاڳاپن جو آواز بڻجي ٿو وڃان.“ (سپنا نگ
ترنگ، ”آئينو چپ آ“: 1995، 10) سائين ’گل‘ جي سرجيل غزلن جا مقداري انگَ اکر هن
ريت آهن:
1.
رات باقي
آ 84 غزل
2.
آواز جي
خوشبو 142 غزل
3.
آئينو چپ
آ 110
غزل
4.
اڃا تازي
قبر آهي 61 غزل
5.
آخري شام 165 غزل
6.
لمحن جو
درد 146 غزل
7.
ٻيو جنم 100 غزل
8.
خدا جي
سرگوشي 176 غزل
9.
درد جو
چنڊ 134 غزل
10.
تنهائي 136
غزل
11.
خيالن ۾
سفر 102 غزل
12.
گگن
گونگو ٻڌائي ڇا: 100 غزل
ڪُل غزل: 1456 عدد
ايڏي وڏي تعداد ۾ غزل لکڻ، جن ۾ ڇهه ڇهه، ست ست بند هجن، ڪا سهنجي ڳالهه ته نه
آهي! جيڪڏهن سراسري طور هڪ غزل ۾ 6، 7 شعر به سمجهجن، ته به انهن شعرن جو تعداد
ڏهن هزارن کان وڌي وڃي ٿو، جا ڳالهه ڪا نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي. سائين ’گل‘ جي
نائين شعري مجموعي ”درد جو چنڊ“ جي ”مهاڳ“ ۾ سعيد
سومرو لکي ٿو: ”ايترا غزل لکڻ مان بخوبي اندازو هڻي سگهجي ٿو ته وٽس موضوعن جي کوٽ
بنهه ناهي. هو هڪ هڪ شيءِ کي، ڌار ڌار اينگل کان ڏسڻ جو ڏانءُ پڻ رکي ٿو.“ (مهاڳ،
”درد جو چنڊ“: 2008، 9) ساڳئي ”مهاڳ“ ۾ سعيد وڌيڪ لکي ٿو: ”هِن وقت تائين يارهن
سَو (1100) جي لڳ ڀڳ غزل تخليق ڪرڻ ـــ تخليقڪار جي تڙپ، احساس جي اوچائي ۽ مسلسل
جاڳ جي نشاني آهي جنهن جي ڪا عشق کان عاري ڪافر ئي منڪر ٿي سگهي ٿي، مون جهڙي مومن
من کي سگهه/سمجهه ناهي.“ (مهاڳ، ”درد جو چنڊ“: 2008، 9) جڏهن ته ان ”مهاڳ“ کان
پوءِ سائين ’گل‘ جي پوين ٽن ڪتابن ۾ وڌيڪ 338 غزل پڻ ڇپجي چڪا آهن، ته پوءِ هاڻ
اندازو ڪجي، ته ڳالهه ڪٿي دنگ ڪندي!گهڻا شاعر ته هڪ ڪتاب کان پوءِ
ٻيو ڪتاب آڇي به نه ٿا سگهن ۽ جيڪڏهن آڇن به ٿا ته ان ۾ شامل شاعري پهرئين ڪتاب
کان اڳتي وٺي وڃڻ بدران پوئتي ورائيندڙ هوندي آهي. غلام نبي ’گل‘ جي باري ۾، نه ٿو
چئي سگهجي، ۽ ڪو به سمجُهو پڙهندڙُ ۽ پرکيندڙُ نه چئي سگهندو، ته هيءُ ڪو مخصوص گل
آهي، جنهن جو رنگ، جنهن جي خوشبوءِ، جنهن جي نرمي ۽ جنهن جي نزاڪت يَڪ رنگي آهي. سائين
’گل‘ ته پورو گلستانُ آهي، جنهن ۾ انيڪ رنگ، انيڪ خوشبوئيون، انيڪ نرميون ۽ انيڪ
نزاڪتون آهن:
·
هڪَ رنگ
تي ’گل‘ ناهي راضي،
خواهش جي رنگين طبيعت. (درد
جو چنڊ: ص 36)
·
رنگ
بسنتي کُلي پيا آهن،
ٿورو اکين کي مان به ’گل‘ کوليان. (درد جو چنڊ: ص 129)
يا:
·
سارو
ماحول گل وَيو رَچجي،
اهڙو نالي ۾ ڪو هڳاءُ هجي. (آواز
جي خوشبو: ص 117)
·
رنگ،
خوشبو، نزاڪت، نرمي،
ڪوئي ٻڌائي ’گل‘ مان ڇاهيان. (درد جو چنڊ: ص 91)
·
نزاڪت،
مهڪ، مرڪون، رنگَ،
هُئي هر خاصيت ’گل‘ ۾. (خدا جي سرگوشي: ص 174)
·
رنگ ۽
خوشبو جي خاطر،
مون ڪئي ’گل‘ باغباني. (گگن گونگو ٻڌائي ڇا: ص
58)
جيڪڏهن ايڏن ڪتابن ۽ منجهس آيل شعرن مان صفا دل پڪي ڪري به، ڪي شعر هڪ مضمون
يا مقالي واسطي چونڊبا، ته مان سمجهان ٿو، بنهه انصاف ڪري نه سگهبو. پر ڪي شعر پيش
ڪرڻ کان اڳ نامور شاعر آثم ناٿن شاهيءَ جو سائين ’گل‘ جي ڪتاب ”آخري شام“ جي بيڪ
ٽائٽل تي ڏنل رايي مان ڪي لفظ اڌارا وٺان ٿو. آثم ناٿن شاهي لکي ٿو: ”سنڌي غزل جي
حوالي سان هُن غزل ۾ پنهنجي انفراديت قائم ڪئي آهي. هن جيڪو غزل کي تغزل ڏنو ۽
سادگي بخشي آهي، شاعريءَ کي معنى جي مونجهارن ۽ پروليون بڻجي وڃڻ کان بچايو آهي،
سمجهه ۾ نه اچي سگهڻ واري گورک ڌنڌي کان پري رکيو آهي، سليل (سڻائي) ۽ بامحاوره
ٻولي استعمال ڪري شاعريءَ کي عام فهم بڻايو آهي، تنهن ڳالهه هن جي پنهنجي پڪار کي
هر طبقي جي پڙهندڙ جي پڪار ۽ هر قسم جي ستايل/ڏکايل ماڻهوءَ جي پيڙا کي پنهنجي
پيڙا جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي.“
·
هونئن
شعر شاعر جا گهڻا،
ڪي شعر تن مان چونڊجن. (لمحن
جو درد: ص 127)
ڀلي ته شعر چونڊجن، تڏهن به هڪ سٺي شاعر جا شعر پٺيان شعر. منهنجي خيال ۾ اهو
ممڪن نه آهي، ته سائين ’گل‘ جي شاعريءَ کي محدود صفحن تي مشتمل هڪ مقالي ۾ پيش ڪري
سگهجي. شعرن ۾ خيال ڀلي ته محدود هجن، پر بيانَ جا انداز لامحدود آهن. سائين ’گل‘
جي پهرئين غزليه مجموعي ”رات باقي آ“ (1990ع) جي مهاڳ ۾ نامور شاعر اياز گل لکي ٿو: ”غلام نبي ’گل‘ جي غزلن ۾ اسان کي جيتوڻيڪ پاڻ کان اڳ وارن ۽
همعصر شاعرن جي شاعريءَ جا اولڙا پسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي وٽس خيالن ۽ لفظن جو
ورجاءُ به آهي، پر تنهن هوندي به، هن وٽ پنهنجا موضوع، پنهنجا لفظ ۽ پنهنجو انداز
آهي. هن وٽ لفظن جي چونڊ ۽ انهن جو استعمال ڪو مسئلو ڪونهي. هن جي شاعري روايت ۽
جدت جي وچ ۾ هڪ پل وانگر آهي، جنهن جي هيٺان انفرادي، اجتماعي، قومي ۽ بين
الاقوامي پيار ۽ پيڙا جو هڪ درياهه، پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ وهي رهيو آهي.“ (مهاڳ،
”رات باقي آ“: 1990، 9) ۽ محمد علي پٺاڻ پڻ ”رات باقي آ“ جي ”تعارف“ ۾ بلڪل صحيح
لکيو هو ته: ”هُو شاعريءَ جي ميدان ۾ نوان گل، نيون مکڙيون ۽ نوان تارا کڻي ظاهر
ٿيو آهي، جيڪي ڪڏهن به سنڌي ادب جي افق تان الوپ ٿيڻا ئي نه آهن.“ (تعارف، ”رات
باقي آ“: 1990، 6) ”رات باقي آ“ ته ابتدا هئي، سفر ته پوءِ ئي شروع ٿيو. ڀلا زندگي ۽ دل لڳي ته ٻه خيال آهن، پر هڪ ئي ماڻهوءَ وٽ ان جا رخ به ڪي ٻه چار
ته نه آهن. سائين ’گل‘ جتي انهن ٻن خيالن جي ڪثير رخن کي ڪيئي طرحن سان قلمبند ڪيو
آهي، اتي ڪي ٻيا خاص خيال پڻ هن جي شاعريءَ ۾ نون نون روپن ۽ روين سان اظهاريل آهن
جن ۾ آئينو، عڪس، اکيون، عينڪ، نظر، ذهن، چهرو، گل، سڳنڌ، رنگ، موسم، تازگي، صبح،
شام، ڏينهن، رات، ننڊ، جاڳ، حقيقت، خواب، خواهش، آرزو، تنهائي، سونهن، رستا،
منزلون، سفر، ساٿ، رشتا، ناتا، مزاج، پرک، ڌوڪو، سٻنڌ، سِڪ، پريت، واقفيت، دوستي،
دشمني، ويڙهه، رويا، ويجهائي، دُوري، ميلاپ، جدائي، وِٿي، چمي، روڳ، شناسائي،
ناشناسائي، انتظار، اوسيئڙا، خدا، مذهب، دعا، نظريو، سياست، ڄمڻ، مرڻ، عمر، الزام،
الجهاوَ، اوپرائپ، واعدا، روشني، اوندهه، هوا، خوشي، اداسي، ڏِٺ، اڻ ڏٺ، ٻولي،
لهجو، ڳالهه، نرمي، سختي، ڌيان، پٿر، مٽي، زخم، حادثو، چنڊ، روشني، دري، در،
اندرُ، ٻاهرُ، گهر، شهر، ڳوٺ، ڏات، ڏانءُ، ياد، ٽهڪ، مرڪون، صنم، سانت، سؤنسو، ۽
ٻيا ڪيترائي خيال. هر شعر، هڪ خيال، احساس، ڪيفيت ۽ وارتا ئي ته آهي. زندگيءَ جو
ڪو نه ڪو پَل، انهن شعرن جي لفظن ۾ پوئيل ۽ پرٽيل آهي. سائين ’گل‘ جي شاعريءَ بابت
”لمحن جو درد“ جي بيڪ ٽائٽل تي، رايو ڏيندي ڊاڪٽر احسان
دانش لکي ٿو: ”گل جي شاعريءَ ۾ لفظن جي ڪوملتا ۽ لهجي جي نرميءَ کان وٺي ڪنهن
معصوم ٻار جي مرڪ جهڙي سادگي تائين اهڙيون خوبيون سمايل آهن جيڪي ڪنهن به شاعر کي
دل سان قبول ڪرڻ لاءِ ڪافي هونديون آهن.“ (”لمحن جو درد“: 2003) هتي ڪي شعر، خيال خاطر، پيش ڪجن ٿا، جڏهن ته هن ليک ۾ آيل ٻين شعرن کي پڻ ان
جو حصو سمجهڻ گهرجي:
·
ناشناسائي
ٿو ڪيان محسوس،
ڪيڏي تنهائي ٿو ڪيان محسوس. (تنهائي: ص 41)
·
پيار
مذهب، پيار ئي ايمان آ،
اهڙي ئي الزام سان جيڪر مران! (تنهائي: ص 80)
·
پاڻ
پنهنجو جائزو چاهي پيو،
آئينو ڀي آئينو چاهي پيو. (آئينو چُپ آ: ص 31)
·
دل جي
دروازي تي آ دستڪ وري،
ڪير آ جو رابطو چاهي پيو؟ (آئينو
چُپ آ: ص 31)
·
وقت-لهرن
۾ لفظ ويا لڙهندا،
ڪنهن نه تاروءَ انهن کي تاريو هو. (آئينو چُپ آ: ص 41)
·
لفظ
ننڍڙو آ بظاهر ”آرزو“،
پر اندر رکي ٿو ڪيڏي ڪائنات! (آئينو چُپ آ: ص 52)
·
زندگيءَ
جهٽڪا ڏنا هوندا سوين،
جهٽڪا کائي ڀي بچي هوندس پيو. (لمحن جو درد: ص 36)
·
ڇڏي ڏيو
خوبصورت موڙ ڏيئي،
محبت ۾ جڏهن ڪو فرق ڏسجي. (لمحن
جو درد: ص 93)
·
ڪيڏي ڀي
آ ڪَڙي ڪَسي ليڪن،
زندگي پوِ به زندگي آهي. (آواز جي خوشبو: ص 9)
·
هر ڳالهه
ڳالهائيندي ’گلَ‘!
لهجو توجهه ٿو گُهري! (آواز
جي خوشبو: ص 32)
·
نه رنگ ڀريو
نظر ڪنهن جِي،
نه آئيني ئي دل ٺارِي. (آواز
جي خوشبو: ص 127)
·
دشمنيءَ
جي سوچ بدلائڻ جي لاءِ،
دوستيءَ کي رت ٿو ڏيڻو پوي. (آواز جي خوشبو: ص 34)
·
هونئن
شعر شاعر جا گهڻا،
ڪي شعر تن مان چونڊجن. (آواز
جي خوشبو: ص 84)
·
جوابن ۾
گذري وئي عمر پنهنجي،
نه حصي ۾ آئي سوالن جي موسم. (آخري شام: ص 50)
·
آ ٺهڻ
ماڻهن سان ڀي ڏاڍو ڏکيو،
۽ اڪيلو ڀي نه ٿو ماڻهو ٺهي. (آخري شام: ص 177)
·
ذهن جي
چانئٺ تي ويٺو ڪير آ!
سچ آ، يا سوچ جو ڪو ڦير آ! (آخري شام: ص 184)
·
هڪ ئي
چهري تي ائين آهن ٽِڪيل،
سُئي ۽ ڌاڳي ساڻ ڄڻ ٽاڪيل اکيون. (ٻيو جنم: ص 89)
غلام نبي ’گل‘ جي سرجيل شعرن منجهان، تمام گهڻا شعر، هڪ پاسي دل ڌڙڪائيندڙ، من
مهڪائيندڙ، ذهن کڙڪائيندڙ، سوچ سورائيندڙ، سرت سونهائيندڙ، خواب جاڳائيندڙ، نيڻ
نرمائيندڙ، ڳل شرمائيندڙ، مرڪ ورائيندڙ، جيءَ جرڪائيندڙ، راهه وڌائيندڙ، آئينا
اجاريندڙ، ڳڻتي ڳاريندڙ آهن، ته ٻئي پاسي تنهائي تڙپائيندڙ، لونءَ ڪانڊاريندڙ، اوجاڳا
ڦٿڪائيندڙ، چهرا مٽائيندڙ، رت رئاريندڙ، درد آڇيندڙ، ڳوڙها ڳاڙائيندڙ ۽ ٿڌڙا ساهه
ڀرائيندڙ به آهن. سندس شاعريءَ ۾ حسن ۽ پيار سميت حسين ڪائنات سمايل آهي. سائين
’گل‘ جي شاعريءَ جي رنگن جو ذڪر ڪندي، عادل عباسي، سائين ’گل‘ جي ڪتاب ”آخري شام“
(2001ع) جي مهاڳ ”آوازن جو آئينو“ ۾ لکي ٿو: ”گل جي خوبصورت شاعريءَ جا رنگ سندس
شاعريءَ جي آڪاش تي انڊلٺ جي حسن جيان کڙي پيا آهن. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’آخري
شام‘ ڪيترن ئي حسين رنگن جا ريشمي واس اسان کي آڇي ٿو. سندس تشبيهن جو انداز، ماڻ
۽ ماپو پنهنجو آهي، جنهن ۾ معنى ۽ مفهوم پنهنجي پوري روانيءَ ۽ جولان سان وهِي ۽
وڌِي رهيا آهن ۽ اسان کي به اتساهه جي رنگ رتي پيچري تي ساڻ کڻي هلڻ لاءِ آماده ڪن
ٿا.“ (آخري شام: ص 12) سائين گل جي شاعريءَ ۾ فڪر جي رنگ برنگي دنيا، فن جي
حسناڪين سان، بيحد خوبصورتيءَ سان جوڙيل آهي. هو شعري وزنن ۾ جيتوڻي مخصوص چونڊ رکي
ٿو، تڏهن به هن جي شاعريءَ ۾ ڪيئي وزن آندل آهن، جن تي کيس دسترس حاصل آهي. گڏوگڏ هن
جي شاعريءَ ۾ لفظن، قافين ۽ رديفن جو انتخاب پڻ موهيندڙ آهي. جيتوڻيڪ سائين جي
قافين ۽ رديفن تي مختصر طور عادل عباسيءَ ۽ سعيد سومري، سائين ’گل‘ جي ڪتابن جي
”مهاڳن“ ۾ لکيو آهي، پر ان تي تفصيل سان لکڻ جي گهرج آهي. هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
·
لا تعلق
پاڻ کان ڪيڏو هيس،
مون کي مون بابت ٻڌايو آ ٻين. (ٻيو جنم: ص
24)
·
تون ٻنهي
کي رک کڻي هڪ جاءِ تي،
گل جي ۽ گوليءَ جي آ فطرت الڳ. (ٻيو جنم: ص 25)
·
خيالن ۾
ڪندي ڪو پار رستو،
اچانڪ حادثو ڪو ٿِي ويو هو. (ٻيو جنم: ص 54)
·
ريزڪي
کِل ڀِي نه آ ڪِن کي نصيب،
ڪي ته ’گلَ‘! ڪيڏا ٻَڌا ٿا ٽهڪ ڏين. (ٻيو جنم: ص 72)
·
ذهن جي
چانئٺ تي ويٺو ڪير آ!
سچ آ، يا سوچ جو ڪو ڦير آ! (آخري شام: ص 184)
·
ذهن مان
لفظ ٿا وڃن نڪتا،
ڪيڏي سوچڻ جي سگهه ڍري آهي! (آئينو چُپ آ: ص 75)
·
ڪيڏي
چهري تي تپش محسوس ٿي!
ڪنهن نظر شايد گرم آهي وڌِي. (آئينو چُپ آ:
ص 76)
غلام نبي ’گل‘ جي غزلن جي بيهڪ کي ڏسندي، خاص ڪري جنهن طرح هُن قافين کي ڪتب
آندو پئي ۽ سادي انداز ۾ خيالن کي شعرن ۾ سينگاريو پئي، مٿس الزام پڻ ڌريو ويو ته
هو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر نارائڻ شيام جو نقل ٿو ڪري، جنهن جو هڪ اشارو سعيد
ميمڻ ”آئينو چپ آ“ جي مهاڳ ۾ پڻ ڏنو آهي، پر ان کي رد به ڪيو آهي. هُو لکي ٿو:
”منهنجي شاعريءَ جيان گل جي شاعريءَ تي رکي رکي نارائڻ شيام جي شاعريءَ جا اولڙا
نظر اچن ٿا، پر حقيقت ۾ هن جي هٿ ۾ هن جي پنهنجي آرسي ئي آهي جنهن ۾ سندس ئي
ڪيفيتون ۽ احساس جهلڪن ٿا.“ (سونهن ٿي جهلڪا ڏئي، ”آئينو چپ آ“: 1995، 14) منهنجي
خيال ۾، جيڪڏهن نارائڻ شيام جي غزلن سان ’گل‘ جي غزلن کي ڀيٽي ڏسبو ته ٻنهي جي
تغزل، خيالن ۽ لفظن جي بيهڪ ۾ چِٽو فرق نظر ايندو.
غلام نبي ’گل‘ ڪيترن ئي غزلن ۾ ڊگها رديف پڻ ڪتب آندا آهن. انهن غزلن ۾ پهريون
يا ٻيو لفظ قافيي طور ۽ باقي لفظ رديف طور آندل آهن جيڪي پڻ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.
هتي ڪي مثال ڏجن ٿا:
·
دوستي ڇا
ٿي گهري، سوچيو اَٿي!
دشمني ڇا ٿي گهري، سوچيو اٿي!
’گل‘ ۽ بلبل جا قصا ساڳيا اڃا،
شاعري ڇا ٿي گهري، سوچيو اٿي! (رات باقي آ: ص 19)
·
مشورا
الجهي پيا هِن،
مسئلا الجهي پيا هِن. (رات
باقي آ: ص 25)
·
سُر ساز
تي سوچيان پيو،
آواز تي سوچيان پيو. (رات
باقي آ: ص 50)
·
خاموش
صدائن جون ڳالهيون، پر ڪير ٻُڌي!
اَشڪن ۽ آهُن جون ڳالهيون، پر ڪير ٻُڌي! (رات باقي آ: ص 76)
·
پردو
توجهه ٿو گهري،
چهرو توجهه ٿو گهري.
هر وقت ڪوئي اَڻ ڏٺو،
خطرو توجهه ٿو گهري. (آواز
جي خوشبو: ص 32)
·
هر
گهڙيءَ کي رت ٿو ڏيڻو پوي،
زندگيءَ کي رت ٿو ڏيڻو پوي. (آواز جي خوشبو: ص 34)
·
ستارن جو
آواز تو ڪو ٻڌو!
اشارن جو آواز تو ڪو ٻڌو! (آواز
جي خوشبو: ص 35)
·
پل پل
اداس آهي!
يا، دل اداس آهي!
پهتو نه ڪو مسافر،
منزل اداس آهي. (آواز
جي خوشبو: ص 46)
·
هيڪلائيءَ
جون پيو ڪري ڳالهيون،
واندڪائيءَ جون پيو ڪري ڳالهيون.
شرم کان ڪنڌ گل ويو جهڪندو،
پارسائيءَ جون پيو ڪري ڳالهيون. (آواز جي خوشبو: ص 70)
·
آ ساڳيو
رات جو رويو اسان سان،
تڙپ ۽ تات جو رويو اسان سان. (لمحن جو درد: ص 64)
·
ڪيئن
تنهائي ٿي ڪٽجي، تو ڪڏهن ناهي پڇيو،
رات ۾ ٿو ڏينهن مَٽجي، تو ڪڏهن ناهي پڇيو. (درد جو چنڊ: ص
41)
·
لڙڪن جي
ڪهاڻي آهه الڳ،
ٽهڪن جي ڪهاڻي آهه الڳ. (درد
جو چنڊ: ص 96)
·
دل ملي،
ماضيءَ جو هڪڙو باب آ،
اڻ گهري، ماضيءَ جو هڪڙو باب آ.
زنده دل ماڻهو، نه گل زنده دلي،
زندگي، ماضيءَ جو هڪڙو باب آ. (تنهائي: ص 159)
·
ٿا چمڪن
چنڊ ۽ تارا، گگن گونگو ٻڌائي ڇا!
هِي پانڌي، پنڌ ۽ چارا، گگن گونگو ٻڌائي ڇا! (گگن گونگو
ٻڌائي ڇا: ص 63)
·
ايمان
وسري ٿو وڃي،
ڀڳوان وسري ٿو وڃي. (گگن
گونگو ٻڌائي ڇا: ص 65)
·
رفاقت جي
سفر ۾ آهيان مان،
قيامت جي سفر ۾ آهيان مان. (گگن گونگو ٻڌائي ڇا: ص 74)
غلام نبي ’گل‘ جي شاعريءَ ۾ ڪن انگريزي لفظن جو استعمال پڻ ملي ٿو، جن مان ڪي
هن ريت آهن:
ڪارڊ (Card): ”اهو ئي عجب
آ ته ڪو اجنبي گل!/ سڃاڻپ جو ڪارڊ وَيو ڇو ڏئي آ!“ (آواز جي خوشبو: ص 19)
وائرليس
سسٽم (Wireless system): ”دل جو دل سان رابطو آهي ائين،/
جيئن ٿو وائرليس سسٽم ڪم ڪري.“ (آواز جي خوشبو: ص 30)
ميڪ اپ (Make-up): ”ميڪ اپ جي
تهه چڙهيل چهري پٺيان،/ سونهن ۽ سا سادگي ڳوليان پيو.“ (آواز جي خوشبو: ص 75)
هِٽ لِسٽ
(Hit list): ”تن جا ئي نالا هئا هِٽ لسٽ
تي.“ (لمحن جو درد: ص 90)
پارٽ (Part): ”ادا ڪيو گل هِتي جو پارٽ.“ (تنهائي: ص
25)
لائين (Line): ”ڏسو
لائين ۾ آ لوڪ بيٺو.“ (تنهائي: ص 43)
موبائيل
(Mobile): ”موبائيل رابطو ڳنڍي ڇڏيو.“
(تنهائي: ص 86)
هيرو (Hero) ۽ زيرو (Zero): ”شڪل ۾ ڏس ته هيرو آ،/ عقل دانش ۾ زيرو آ.“ (تنهائي: ص 144)
اسڪرين (Screen) ۽ ٽي وي (T.V): ”اسڪرين ٽي-وي تي ڇا ڇا ٿو ڏسان.“ (تنهائي: ص 147)
ساري (Sorry): ”هر ڏوهه جي آ معافي،/ هڪڙو ئي لفظ ساري.“
(تنهائي: ص 152)
ڪوٽ (Quote): ”شاعري جِي ڪوٽ ڏاڍي آ ڏکي.“ (تنهائي: ص
153)
پڪنڪ (Picnic): ”ائين سڀ ڳوٺ ها پڪنڪ ملهائن.“ (تنهائي: ص
156)
نيٽ (Net): ”ڪري ڇڏي ڪيڏي ’نيٽ‘ ويجهي،/ وڏو آ نالو، ننڍي
آ دنيا.“ (گگن گونگو ٻڌائي ڇا!: ص 40)
مس ڪال (miss call): ”جا مِس ڪال آئي سا بي نام آئي،/ ائين
جيئن ڳجهارت يا ڪا مام آئي.“ (گگن گونگو ٻڌائي ڇا!: ص 70)
پوسٽ
مارٽم (Postmortem): ”پوسٽ مارٽم بعد منهنجي شاعري،/
حق ادائگيءَ سان ڪجو ان کي دفن.“ (گگن گونگو ٻڌائي ڇا!: ص 99)
اهڙو ئي پوسٽ مارٽم سائين ’گل‘ جي شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين سمايل آهي، جيئن احمد
آزاد به، سائين ’گل‘ جي پڇاڙڪي ڪتاب ”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”غلام
نبي گل زندگيءَ جي سفاڪ حقيقتن سا اکيون اکين ۾ ملائي ڏسي ٿو پنهنجي تخليقي شعور
جو برملا اظهار ٿو ڪري ۽ پنهنجي دؤر جي سياسي ستم ظريفي ۽ نڪمي پڻ کي وائکو ٿو
ڪري.“ (”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“: 2013، 6)
بهرحال، غلام نبي ’گل‘ ويجهي دَور جو هڪ اهم شاعر آهي، جنهن غزل جي صنف ۾
ڀرپور طرح لکي، نه رڳو ان کي گهڻو سهنجو ۽ مقبول بڻايو پر ان جي شعر شعر ۾ ڇوليءَ
ڇوليءَ کي سمائي، پنهنجي شاعريءَ کي خيالن جي سمنڊ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. انهن ڇولين
مان ڪي ننڍيون آهن ته ڪي وڏيون پر اهي پنهنجي پنهنجي حسناڪيءَ جو مظهر آهن،
جيتوڻيڪ هن کي اهو پڻ احساس آهي ته:
·
’گلَ‘
غزل ۾ نواڻ آندي آ،
پر ڪٿي ڪا پراڻ آندي آ. (آواز جي خوشبو: ص 127)
·
ڳالهه
اها ئي ساڳي هوندي،
پنهنجو پنهنجو لهجو آهي. (آواز جي خوشبو: ص 141)
پڇاڙيءَ ۾، سائين غلام نبي ’گل‘ جي مڙني 21 ڇپيل ڪتابن جي ’ببليوگرافي‘ ڏجي
ٿي:
1990. غلام نبي گل جي پهرئين شعري
(غزليه) مجموعي ”رات باقي آ“ جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 1990ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز
۾، 1000 جي تعداد ۾، 100 صفحن تي مشتمل، 20 رپين جي قيمت ۾، نواز اليڪٽرڪ پرنٽنگ
پريس، ايمپائر روڊ، لاڙڪاڻي مان ڇپجي، سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي پاران پڌرو
ٿيو. ڪتاب ۾ ”پبلشر پاران“ سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي، ”تعارف: گل نوان،
مکڙيون نيون، تارا نوان“ محمد علي پٺاڻ ۽ ”مهاڳ: جاڳ جاڳاءِ، رات باقي آ...“ اياز
گل پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل تي پڻ محمد علي پٺاڻ پاران شاعر جو مختصر تعارف لکيل
آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 17 کان 100 تائين 84 غزل شامل آهن.
1993. غلام نبي گل جي ٻئي شعري
(غزليه) مجموعي ”آواز جي خوشبو“ جو پهريون ڇاپو جنوري 1993ع ۾، غير مجلد، ڊيمي
سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 150 صفحن تي مشتمل، 50 رپين جي قيمت ۾، ٻاگهي ڇپائي گهر
باڊهه پاران پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”اداري پاران“ عادل عباسيءَ ۽ ”سوچ جو سفر“ شاعر
پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل تي استاد بخاريءَ ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جا رايا ڏنل آهن.
هن ڪتاب ۾ صفحي 09 کان 150 تائين 142 غزل شامل آهن.
1995. غلام نبي گل جي ٽئين شعري
مجموعي ”آئينو چُپ آ“ جو پهريون ڇاپو آڪٽوبر 1995ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، 155
صفحن تي مشتمل، 36 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾
”اداري پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”سپنا رنگ ترنگ“ وسيم سومري پاران، ”سونهن ٿي جهلڪا
ڏئي“ سعيد ميمڻ پاران ۽ ”شاعريءَ جا ڏهه سال“ شاعر پاران لکيل آهن. بيڪ ٽائٽل تي اياز
جانيءَ جو رايو ”سج اڀري چڪو آهي“ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 25 کان 134 تائين 110 غزل،
صفحي 137 کان 146 تائين 9 نظم ۽ صفحي 149 کان 155 تائين 7 وائيون شامل آهن.
1997. غلام نبي گل جي پهرئين ناول
”جيون پياسو سمنڊ“ جو پهريون ڇاپو مارچ 1997ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، 1000 جي
تعداد ۾، 198 صفحن تي مشتمل، 90 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران
ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”پنهنجي پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”مهاڳ: لعل به لڀي، پريت به
رهجي اچي“ منظور ڪوهيار ۽”هڪ نظر“ ليکڪ پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل عادل عباسيءَ جو
لکيل آهي. ناول جو مواد صفحي 15 کان 198 تائين آهي.
1997. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”اڃا تازي قبر آهي“ جو پهريون ڇاپو جولاءِ 1997ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، 71
صفحن تي مشتمل، 30 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
ڪتاب ۾ ”پبليڪيشن پاران“ وجاهت ٻرڙي ۽ ”مند نه ڪائي موت جي...“ شاعر پاران لکيل
آهي. هيءُ ڪتاب غلام نبي گل پاران، پنهنجي ڌيءُ جي خودڪشيءَ کان پوءِ، ڏک ۽ يادن
مان لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 11 کان 71 تائين، 61 غزل شامل آهن.
2001. غلام نبي گل جي ٻئي ناول
”نه راهون ساڻ هلنديون هِن“ جو پهريون ڇاپو 2001ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، 150
صفحن تي مشتمل، 85 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾
”پبليڪيشن پاران“ وجاهت ٻرڙي ۽ ”مگر آئي
نه فنڪاري“ ليکڪ پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل تي اصغر سنڌيءَ جو رايو ”تاڙيءَ جي
آواز تي اڏريل زندگيءَ جي شام“ ڏنل آهي. ناول جو مواد صفحي 14 کان وٺي 134 تائين
آهي.
2001. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”آخري شام“ جو پهريون ڇاپو 2001ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، 2+200=202 صفحن تي
مشتمل، 90 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾
”پبلشر پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”مهاڳ: آوازن جو آئينو“ عادل عباسيءَ ۽ ”احساسن جو
ماتم“ شاعر پاران لکيل آهي. بئڪ ٽائٽل آثم ناٿن شاهيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾
صفحي 27 کان 191 تائين غزل، صفحي 193 کان 196 تائين 16 عدد چوسٽا ۽ 197 کان 200
تائين 15 عدد هائيڪا ڏنل آهن.
2002. غلام نبي گل جي پهرئين
ڪهاڻين جي مجموعي ”دعا جا پير“ جو پهريون ڇاپو 2002ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 96
صفحن تي مشتمل، 50 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
ڪتاب ۾ ”پبلشر پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”مهاڳ: چهري چهري تي لکيل فسانو“ منظور ڪوهيار ۽
”ڪهاڻين جي ڪهاڻي“ ليکڪ پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل تي اخلاق انصاريءَ جو لکيل رايو
”Entropy به عجيب آهي“ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾،
صفحي 11 کان وٺي 96 تائين، هي 18 ڪهاڻيون شامل آهن: (1) سڃاڻپ، (2) اندر جو آدمي،
(3) سڀاڻي، (4) گيت جي اڌوري اڏام، (5) پوپٽ رنگ، (6) نسخو، (7) نصيحت، (8) آئيني
جي اوٽ، (9) پيار جي انڪوائري، (10) ڪارو، (11) هڪ روپ هڪ ٻهروپ، (12) عشق، (13)
سرخرو، (14) عڪس اهڙا نه هئا، (15) نه ماضي نه حال، (16) ڳجهارت جهڙو ماڻهو، (17)
دعا جا پير، ۽ (18) خدا جي ٻولي.
2002. غلام نبي گل جِي اردو
شاعريءَ جي مجموعي ”بکھرے منظر“ جو
پهريون ڇاپو آگسٽ 2002ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 80 صفحن تي مشتمل، 50 رپين جي قيمت
۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”پبلشر
نوٹ“ وجاهت ٻرڙي ۽ ”پل پل بدلتا هے“ شاعر پاران لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 11 کان 72 تائين 62 غزل ۽ صفحي 75 کان
80 تائين 18 قطعا شامل آهن.
2003. غلام نبي گل جي ٽئين ناول
”جوڳي“ جو پهريون ڇاپو 2003ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 95 صفحن تي مشتمل، 50 رپين جي
قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”اداري پاران“ وجاهت ٻرڙي،
”عشق سان ته اسان جا ليکا ئي ناهن“ اسحاق انصاريءَ ۽ ”روشنيءَ جي اکين ۾ اوندهه“ ليکڪ
پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل تي رحمت اللھ ماڃوٺيءَ جو لکيل رايو ”الهڙ جوان جوڳي“ ڏنل
آهي. ناول جو مواد صفحي 15 کان وٺي 192 تائين آهي.
2003. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”لمحن جو درد“ جو پهريون ڇاپو 2003ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 172 صفحن تي مشتمل، 70
رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”پنهنجي
پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”مهاڳ: گل جي خوشبو پوپٽ موهيا“ فياض لطيف ۽ ”رويا“ شاعر پاران
لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل احسان دانش جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 27 کان 172 تائين،
146 غزل شامل آهن.
2004. غلام نبي گل جي پهرئين
ڪهاڻين جي مجموعي ”مان ڪير آهيان؟“ جو پهريون ڇاپو مارچ 2004ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز
۾، 4+108=112 صفحن تي مشتمل، 60 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران
ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”پبلشر پاران“ وجاهت ٻرڙي ۽ ”سمنڊ ڇوليءَ ۾ نه آهي“ ليکڪ
پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل تي ”ادب جي ڄاڻو“ جي راءِ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ هي 18 عدد
ڪهاڻيون شامل آهن: (1) رشتا، (2) اک ٻوٽ، (3) وائي آنا، (4) ٿڪل احساس، (5) فقير
علي خان، (6) ننڊ کان جاڳ تائين، (7) آئيني سامهون، (8) وارياسو روح، (9) اعتبار،
(10) سج نيزي پاند، (11) ويا سي ويا، (12) چانهه جو هوٽل، (13) ڪارو برقعو، (14)
زندگيءَ جا رخ، (15) تبديلي، (16) اميد، (17) مان ڪير آهيان، ۽ (18) ڳوٺ گهٽهڙ علم
۽ ادب جو حوالو هو.
2004. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”ٻيو جنم“ جو پهريون ڇاپو مارچ 2004ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 2+109=111 صفحن تي
مشتمل، 60 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾
”پبلشر پاران“ وجاهت ٻرڙي ۽ ”زندگي هيڪر ته هارائي ڏسان“ شاعر پاران لکيل آهي،
جنهن کان پوءِ شاعر بابت، سندس مختلف ڪتابن ۾ آيل مهاڳن، تاثرن ۽ بئڪ ٽائٽلن مان
چونڊ ڪري، اياز گل، استاد بخاريءَ، وسيم سومري، سعيد ميمڻ، اياز جانيءَ، عادل
عباسيءَ، آثم ناٿن شاهيءَ، فياض لطيف ۽ احسان دانش جا رايا ”شاعريءَ جو سفر“ عنوان
تحت ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ صفحي 10 کان 109 تائين 100 غزل شامل آهن.
2004. غلام نبي گل جِي پهرئين
اردو ناول ”فاصلے“ جو پهريون ڇاپو 2004ع ۾، مجلد،
ڊيمي سائز ۾، 112 صفحن تي مشتمل، 70 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران
ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”پبلشر نوٹ“ وجاهت
ٻرڙي ۽ ”نام بڑے اور درشن
چھوٹے“ ليکڪ پاران لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 09 کان 112 تائين ناول
جو مواد ڏنل آهي.
2006. غلام نبي گل جي چوٿين ناول
”ٽٽل شيشو“ جو پهريون ڇاپو 2006ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 6+94=100
صفحن تي مشتمل، 75 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾
”اداري پاران“ وجاهت ٻرڙي ۽ ”سچ ڪيڏو ڪڙو لڳو هوندو“ ليکڪ پاران لکيل آهي. ناول جو
مواد صفحي 7 کان وٺي 94 تائين آهي. بيڪ ٽائٽل تي ليکڪ جي ڪتابن جي ڇپيل فهرست ڏنل
آهي.
2008. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”درد جو چنڊ“ جو پهريون ڇاپو مارچ 2008ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 160 صفحن تي مشتمل،
100 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”پبلشر
پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”مهاڳ: گل پتين جو ڪفن“ سعيد سومري، ”تاثر: رنگ، خوشبو، نزاڪت،
نرمي“ رياضت ٻرڙي ۽ ”غزل جا بدلجندڙ روپ-مختصر جائزو“ شاعر پاران لکيل آهي. بيڪ
ٽائٽل عادل عباسيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 32 کان 166 تائين شاعري شامل آهي،
جن مان صفحي 32 تي 6 عدد تروينيون ۽ صفحي 33 کان وٺي پڇاڙيءَ تائين 134 غزل شامل
آهن.
2008. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”خدا جي سرگوشي“ جو پهريون ڇاپو 2008ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 175 صفحن تي مشتمل،
105 رپين جي قيمت ۾، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ مان ڇپجي، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي
پاران پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”اداري پاران“ وجاهت ٻرڙي ۽ ”خاموشي به هڪ قسم جو جرم آهي“
شاعر پاران لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 9 ۽ 10 تي 5 عدد تروينيون ۽ صفحي 11 کان 175
تائين 165 غزل شامل آهن، جن مان آخري غزل شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا طور شامل آهي.
2010. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”تنهائي“ جو پهريون ڇاپو مارچ 2010ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، 160 صفحن تي مشتمل،
100 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”پبلشر
پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”مهاڳ: دل سدا جلندڙ چراغ“ عابد ڪاظميءَ، ”تاثر: گل جي خوشبو“
مشوري اياز ۽ ”يارن ۽ يادن سان ڪهڙا ليکا!“ شاعر پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل رضا
بخاريءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 25 کان 160 تائين، 136 غزل شامل آهن.
2013. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”خيالن ۾ سفر“ جو پهريون ڇاپو 2013ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 160 صفحن تي مشتمل، 150
رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”اداري
پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”مهاڳ: پسند جا گل“ جوش ٻرڙي ۽ ”منهنجي شاعريءَ ۾ جماليات جي
کوٽ آهي“ شاعر پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل رياضت ٻرڙي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي
43 کان 144 تائين، 102 غزل شامل آهن.
2013. غلام نبي گل جي شعري مجموعي
”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“ جو پهريون ڇاپو 2013ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 112 صفحن تي
مشتمل، 150 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾
”اداري پاران“ وجاهت ٻرڙي، ”مهاڳ: آ سفر جي نظر مسافر ۾“ احمد آزاد ۽ ”پنهنجي
پاران: رهڻ گمنام ٿو چاهي، ائين چاهي ٿو مشهوري“ شاعر پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل
تي شاعر جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ صفحي 13 کان 112 تائين، 100
غزل شامل آهن.
2014. غلام نبي گل جي اردو ڪهاڻين
جي مجموعي ”توبه کے بعد“ جو پهريون ڇاپو 2014ع ۾، مجلد،
ڊيمي سائز ۾، 96 صفحن تي مشتمل، 200 رپين جي قيمت ۾، وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران
ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ”پبلشر پاران: کڑوه سچ“ وجاهت ٻرڙي ۽ ”يادش بخير“ ليکڪ پاران لکيل آهي. بيڪ ٽائٽل عابد ڪاظميءَ جو لکيل
آهي. هن ڪتاب ۾ هي 18 عدد ڪهاڻيون شامل آهن: (1) وه کون
تھا، (2) ڈراپ سين، (3) پهلي اور آخري چوري، (4) اصلي اور نقلي چهرے، (5) اکيلے جينا سيکھ ليا، (6) سفيد برقعه، (7) ايک انوکھا کردار، (8) يه بھي ايک پيار کا روپ، (9) توبه کے بعد، (10) وقت نے کروٹ لي، (11) اب وه باتيں کهاں، (12) زندگي اے زندگي، (13) زندگي بدل دي، (14) انسان اور شيطان، (15) پينگ گيسٹ، (16) پَسِ ديوار، (17) ووٹ کي قيمت، ۽ (18) آپريشن.
riazatburiro@gmail.com
No comments:
Post a Comment