انجنيئر عبدالوهاب سهتو
مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب
”برسات ۽ ٻوڏ“ جو پيش لفظ
ڇر ۽ ليٽ
انسان ظاھري اک سان دنيا جا مظھر ڏسي ٿو، ڪنن سان ڳالھيون ٻڌي ٿو. اھي منظر ۽ ڳالھيون سندس ذھن ۾ ويھجي وڃن ٿا. اڳتي ھلي اھڙن منظرن بابت ٻين جي واتان ٻڌي ٿو. ٻُڌي ٻُڌي ۽ ڏِسي ڏِسي، ڳالھين سان سندس پيٽ ڀرجي وڃي ٿو. انت اندر مان اڌما ڏئي ڳالھيون، ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ سندس ذھن جي پردي تي اچي، زبان جي نوڪ تي چڙھي، آواز جو روپ اختيار ڪري، ٻين تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. گھڻِ ۾، ڪير نه ٿو ٻڌي ته کين متوجہ ڪرڻ لاءِ ترڪيبون جوڙي ٿو ۽ حيلا ھلائي ٿو. لفظن جي جادوگري سکي ٿو. لفظ ۽ گفتا چٻي چٿي ڪڍي ٿو. بيان جا نرالا انداز ورتائي ٿو. ڪھاڻيءَ، داستان، شعر، مضمون، مقالي، رپوتاز وغيره جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي سعي ڪري ٿو. آخر سندس قلم جي ائنٽ تي ڪا صنف چڙھي ٿي ۽ ان ۾ ڀڙ ٿي، ٻين جي ذھن کي جنجھوڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿو.
مڙني صنفن مان، ڪھاڻي
يا آکاڻي، آڳاٽي به آھي ته آسان به. سمجھڻ ۾ به سولي ته سمجھائڻ ۾ به سھل. اڳي
انسانن وٽ وقت واڌُو ھيو، تن کي وڏن داستانن ٻڌڻ جي ضروت ھئي. ان سان وقت به ڪَٽيو
پئي ته لفظن جي ذخيري ۾ واڌارو به ٿيو پئي. پنھنجي اندر جي اڌمن کي ٻين تائين
پھچائڻ جا ذريعا به جڙيا پئي. ان ڪري ڪھاڻي، ادب جو اڻ-ٽٽ حصو ھئڻ سان گڏ بنيادي
محرڪ طور اڀري. ان سان ذھني آسودگيءَ کان علاوه ٻوليءَ جي خدمت به ٿي پئي، جنھن
سببان ان صنف کي موٽ به ٺاھوڪي ملي. ڪھاڻيڪارن جي پڻ عزت ۾ اضافو ٿيو. ديکا ديکي،
جيڪا ھر صنف ۾ اڻٽر آ، سا به ٿي. اھو الڳ موضوع آ. ان کي اتي ڇڏيون ٿا. بھرحال،
ڪھاڻي ادب ۾ پنھنجو مقام والاري ٿي ۽ ٻين وڏين ۽ مشھور ٻولين وانگر سنڌيءَ ۾ پڻ
وڏي پد تي پھتل آھي. ھر اديب، ان ۾ طبع آزمائي ضرور ڪئي آھي. جنھن کي آسان معلوم
ٿي، تنھن منجھس اڃا ترقي ڪئي. جنھن جي ائنٽ تي نه چڙھي، تنھن وڃي ٻي آسان صنف جو
پاسو جھليو.
مٺل جسڪاڻي صاحب، زراعت جي پيشي
سان واڳيل ھوندي، ڏيھاڙي ڪو نه ڪو ڪالم، تاثر، خاڪو، ڪھاڻي، نظم، غزل، خط،
رپورتاز، اڀياس، مضمون لکي، اخبار کي ڏئي ٿو، جيڪو ڇپجي به يقيني ٿو. ھر صنف ۾
سندس حصو آھي ئي آھي. ڪتابن تي تبصرو، انٽرويو وٺڻ، سفري وارتائون بيان ڪرڻ کان
علاوه ڪھاڻين تي جيڪا طبع آزمائي ڪئي اٿس، سا به جديد وقت جي تقاضائن پٽ-اندر.
اڳي اسٽوري يا شارٽ
اسٽوري، ان کي تسليم ڪبو ھيو، جيڪا گھٽ ۾ گھٽ ڊيمي سائيز جي سورھن پيجن تي مشتمل
ھجي. جڏھن ته جديد تقاضا، وقت جي کوٽ سبب، اھا وڃي بيٺي آھي ته ننڍڙي ڪھاڻي لکي
وڃي. ان ڏس ۾ ڪن ھڪ پئراگراف تي مشتمل ڪھاڻي متعارف ڪرائي. ڪن ان کي سؤ لفظن ۾
محدود ڪيو. ڪن اڃا به گھٽائي چند سٽن تي ان کي آندو. ڪن ته اڃا گھٽائي ايترو ننڍو
ڪيس جو اڳي جنھن کي لطيفو يا ٽوٽڪو سڏبو ھيو، تنھن کي ڪھاڻي سڏيائون. ڪي اڃا وڌي
وڃي، ٻُڙي-لفظ-ڪھاڻيءَ جا دعويدار ٿيا.
بھرحال جيترا وات،
اوتريون ڳالھيون. ان چوڻيءَ جي ذمري اندر ائين چئي سگھجي ٿو؛ ”جيترا ڪھاڻيڪار،
اوترا ڪھاڻيءَ جا روپ.“
ڪھاڻي اختصار جا چوغا
بدلائي ۽ مختلف روپ مٽائي، اڄ ننڍڙي ڪھاڻيءَ(Short short story) وارو
روپ ڌاري چڪي آھي. اڄ جي جديد تقاضا اھا آھي ته ڪھاڻي ننڍڙي ھجي، جنھن لاءِ لکندڙ،
پنھنجي مصروف ترين وقت مان ٿورڙي گھڙي ڪڍي، لکي سگھي. پڙھندڙ، پنھنجي محدود فارغ
وقت مان چند لمحا ڪڍي، ان کي پڙھي، پڄائي، مطلب ۽ مفھوم سمجھي سگھي.
ان نئين روپ واري صنف
تي جديد دور جا ڪيئي ڪھاڻيڪار ڪاربند آھن ۽ پنھنجي وقت مان ڪجھ ساعتون ساري،
ٻوليءَ ۽ نئين نسل جي ذھن جي آبياري ڪن ٿا. سٺو ۽ وڻندڙ لکن پيا. ان ميدان ۾، واھ
جو پاڻ موکيو اٿائون.
مٺل جسڪاڻي پڻ انھن
ليکڪن منجھان آھي. ان به ڪھاڻيءَ جي صنف تي جديد تقاضائن سارَ، پاڻ ملھايو آھي. نه
رڳو پاڻ ملھايو اٿائين پر ان سان گڏ اھا به ڪوشش ڪئي اٿائين ته پاڻ کي ھڪ موضوع ۾
بند رکي. جيئن منظور ڪوھيار صاحب، سال ۲۰۰۹ع ڌاري ڇپيل پنھنجي
ڪھاڻي-ڪتاب، ”سچا ڪوڙا رشتا“ ۾، ”ڪلاسيڪل ڪھاڻيون“، ”صوفي ڪھاڻيون“ ۽
”گرو چيلو ڪھاڻيون“ لکيون. عنايت ميمڻ پوئر پرسن پروفائيل تحت ڪھاڻيون لکيون آھن.
انور
ابڙي ڪورونا
جي موضوع تي ڪھاڻيون جوڙيون آھن.
ان کان علاوھ منظور
ڪوھيار صاحب وري ننڍڙين ڪھاڻين جو مجموعو بعنوان، ”ڀنئورن جي انتظار ۾“ ، افسانوي ادب جي
ميدان ۾ سال ۲۰۱۲ع ڌاري آندو. جڏھن ته انور ابڙو ۽ عنايت ميمڻ پڻ ننڍڙيون ڪھاڻيون
لکن پيا. محمد
علي پٺاڻ،
سؤ-لفظي ڪھاڻين يا اڄ جي ننڍڙين ڪھاڻين ۾، پاڻ کي معاشري جي ناسورن تي محدود رکيو.
سؤ لفظن تي مشتمل سؤ ڪھاڻيون لکي، ”سؤ لفظ سؤ ڪھاڻيون“ جي نالي سان ڪھاڻين
جو ڳٽڪو پڻ پيش ڪري چڪو آھي.
آھي ته پاڻ پڏائڻ واري
ڳالھ، جيڪا ڪرڻ نه گھرجي. پر ڳالھ ڳالھ تان چُرندي، ڍاڪ تي چڙھي آئي آھي ته ڪري ٿا
ڇڏيون. راقم جو ڪتاب ”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“، سال ۲۰۰۴ع ڌاري جو ڇپيل
آھي. بظاھر ته پھاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل آھي پر حقيقت واري نظر ڪجي ته انھن پھاڪن جو
بنھ، موزون ڪھاڻيون آھن. انھن ڪھاڻين کي ھڪ صفحي يا ان کان گھٽ حصي تي، محدود ڪيو
ويو ھيو. ان لحاظ کان ان ڪتاب کي پڻ ننڍڙين ڪھاڻين جي ذمري ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. ان ئي
طرز جون ٻيون ننڍڙيون ڪھاڻيون، راقم جي ٻئي ڪتاب، ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ پڻ شامل آھن، جيڪو
سال ۲۰۱۹ع ڌاري ڇپجي ادب جي ميدان تي نروار ٿيو آھي.
جڏھن ته ننڍڙين ڪھاڻين/
آکاڻين جي تاريخ گھڻي آڳاٽي آھي. ان ڏس ۾ منظور ڪوھيار صاحب جي ڪتاب، ”ڀنئورن جي انتظار ۾“ جي مھاڳ منجھ گھڻو
تذڪرو آيل آھي. تحقيق سان وابسته ۽ صاحب ذوق پڙھندڙن کي، اوڏانھن رجوع ڪرڻ جي صلاح
ڏجي ٿي.
ساڳئي موضوع تي اڪيچار
ڪھاڻيون، سواءِ تحقيق ۽ اڀياس جي لکڻ، ناممڪن آھن، ڇو جو جڏھن ساڳئي موضوع تي لکبو
آھي ته ھڪجھڙائيءَ جو شڪار اڻيھي ٿي پئبو آھي، جيڪو وري پڙھندڙ جي دل کڻائي ڇڏيندو
آھي. اھو ڪنھن ھوشيار ۽ ڏاھي قلمڪار جو ڪم آھي جو پنھنجا پلؤ، انھيءَ عيب کان آجا
رکي وڃي. اھو تڏھن ممڪن آھي، جڏھن موضوع تي پوري پوري تحقيق ٿيل ھجيس، ان فيلڊ جي
ٽرمينالاجيءَ کان واقفيت ھجيس، لفظن تي دسترس ھجيس. لفظن جي جوڙجڪ ۽ جادوگريءَ جي
ڄاڻ ھجيس. گرامر تي مھارت ھئڻ سان گڏ، منظرڪشيءَ جو ڏانءُ ھجيس. ڊائلاگ ڊليوريءَ
جي پوري پروڙ ھجيس. تڏھن وڃي ڪھاڻيڪار اھڙي ڪھاڻي جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، جيڪا
پڙھندڙ لاءِ جاذب، پرڪشش ۽ چنبڙي پوندڙ ثابت ٿئي ٿي.
اھڙيءَ طرح، مٺل جسڪاڻي
صاحب برسات يا مينھن، برساتي پاڻيءَ سان ٿيل ڇر ۽ ليٽ ۽ ان مان آيل ٻوڏ جي منظر تي
قلم کنيو آھي.
ان موضوع تي پاڻي يا اريگيشن
کاتي جي ماھر انجنيئرن جا ڪتاب بنياد طور تي اھم آھن. ان پھلوءَ تي گھڻن ليکڪ
انجنيئرن پڻ قلم جا واھڙ وھايا آھن. انجنيئر شير محمد عالماڻي عرف ايس ڪي بلوچ، ”پاڻيءَ منجھ پساھ“ نالي سان پڻ ڪتاب
تصنيف ڪيو آھي. انجنيئر محمد ادريس راجپوت صاحب جي آرٽيڪلس ۽ ڪتابن
منجھ پڻ اھو موضوع زير بحث آھي. محترم انجنيئر شفقت وَڌي صاحب جو ڪتاب، ”سنڌونديءَ جي بيهڪ ۽ سنڌ
۾ ٻوڏون“
پڻ ٻه ھزار ڏھ جي ٻوڏ جي مشاھدي تي آڌاريل آھي. ضلعي قنبر-شھداد ڪوٽ اندر ٻه ھزار
ڏھ واري ٻوڏ جي مچايل تباھيءَ بابت مرحوم ڪامريڊ ولي محمد مڱڻھار پڻ مشاھداتي مضمون ڪٺا
ڪري، ڪتاب ڇپرايو آھي. ان کان علاوه، ٻه ھزار ڏھ جي پسمنظر ۾ ڪيترن ئي ليکڪن مختلف
مضمون لکيا، جيڪي محترم عزيز رانجھاڻي صاحب سال ۲۰۱۱ع ڌاري، سھيڙي ”مها ٻوڏ ۲۰۱۰ع (جيڪي سنڌ
سان ٿيو)“
نالي سان، ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا آھن.
فڪشن جي دنيا ۾ مرحوم روشن علي تونيو جو وڏو نالو آھي. ان
اوڻويھ سؤ ٻيانوي واري برساتي ليٽ ۽ ڇر، جنھن تعلقي وارھ ۽ ميھڙ منجھ وڏي تباھي
آندي ھئي، تي مشاھداتي ڪھاڻي، ”منڇر ٻڏي ويو“ نالي سان لکي آھي. ان
وقت ھيرالدين ڊرين ذريعي آيل برساتي پاڻيءَ جي زور سبب، سنڌ جي زمينن جو پاڻي ايم
اين وي ڊرين ذريعي ستت خارج نه ٿيو، جنھن ڪري اھو زمينن ۽ آبادين ۾ رنڊجي بيھي
رھيو. اتي ته تباھي ٿي پر ھيرالدين ڊرين ذريعي آيل بلوچستان جي علائقن جي زھريلي
پاڻيءَ، منڇر جي پاڻيءَ کي پڻ آلوده ڪيو، جنھن سان آبي جيوت تي ڏاڍا خراب اثر پيا.
ان پسمنظر ۾ روشن تونيو صاحب، اھا ڪھاڻي لکي جيڪا سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس
ڪھاڻين جي مجموعي جي سرموڙ ڪھاڻيءَ طور ڇپيل آھي.
اھڙيءَ طرح، امر لغاري صاحب پڻ مشاھداتي
ڪھاڻيون ۽ تاثرات، پنھنجي ڪتاب، ”جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وھي ٿو“ ۾ آندا آھن. اھي
ڪھاڻيون پڻ ساڳئي موضوع تي، وڏي ڄاڻ مھيا ڪن ٿيون.
ھن ڪتاب، ”برسات ۽ ٻوڏون“ ۾، مڙني ڪھاڻين جو
منھن، ان موضوع ڏانھن آھي. ليکڪ، پنھنجا پلو يڪسانيت کان بچائڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو
آھي، اھو اکرن جي عاشق ۽ چاکائو طبع پڙھاڪن جي سوچ ۽ موٽ مان پرکي سگھبو. ھاڻي
ڏسڻو اھو آھي ته پڙھندڙ، ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻين کي ڪيتري ۽ ڪھڙي موٽ ٿا ڏين.
نظم، پڻ ادب جي صنف
آھي، جنھن ۾ لفظ ڳُتي رکبا آھن. ٿورڙن لفظن مان وڏي مطلب ۽ مفھوم وارو ڪم ورتو
ويندو آھي. اھا به ڪمال جي صنف ۽ مغز چٽيندڙ پڻ آھي. ان ميدان ۾ جيڪو لٿو آ، سو
سندرو ٻڌي پوءِ لٿو آھي. مغز ماري ڪرڻ واري کان، بدني ڪم ته ڇڏائجي ويندا آھن پر
رشتا ناتا به پري ٿي ويندا آھن. ھو پنھنجي خول ۾ بند ٿيندو ويندو آھي. تنھن ھوندي
به ڪي مڙس مٿير اھڙا به آھن، جن ان ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آھي. نظم منجھ، شاعريءَ کان
علاوه، داستان، آکاڻيون، ڳاھ، ڏٺون، پروليون وغيره ته آڳاٽي وقت کان مروج آھن.
ابوالحسن جي سنڌي، الف اشباع ۾ لکيل
آھي، جيڪا پڻ نظم واري صنف آھي. سنڌي نورنامون پڻ اوائلي دور ۾ لکيل
آھي. مولانا
غلام رسول جتوئيءَ ته اڃا وڌي وڃي، سنڌيءَ منجھ خطبن جو ڪتاب نظم منجھ
جوڙيو آھي، جيڪو جمعي جي خطبي سنڌ اندر اڃا رواج ۾ آھي.
ان کان وڏو ڪارنامو مولانا تاج محمود
امروٽي صاحب
جن ڪيو، جو انھن سوره ياسين جو منظوم تفسير، ”تذڪير المؤمنين“ جي نالي سان ڪيو آھي.
ان کان اڃا مٿانھون ڪمال، حاجي احمد ملاح جن جو آھي، جنھن پوري قرآن مجيد جو سنڌيءَ
منجھ منظوم ترجمو ڪيو آھي. جيڪو ھزارن جي تعداد ۾ ڇپجي چڪو آھي. علمي ميدان منجھ،
ٻنھي کي پسنديدگيءَ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ پذيرائي پڻ ملي اٿن. خير، اھي ته وڏا
علمي بحث آھن. ھتي انھن جو برسبيل تذڪرو اچي ويو، سو ڪري ڇڏيوسين.
افساني جي دنيا اندر، جديد
تقاضائون اڃا گھڻو ڪجھ گھرن ٿيون. جديد دور جي اديبن ٻين ميدانن منجھ پڻ نظم جي
صنف تي تجربا پئي ڪيا آھن. جھڙوڪ، نثري نظم، آزاد نظم، ٽيڙو وغيره. مقدمو، منثور
صنف آھي. منظوم شڪل ۾ مشڪل ۽ ورلي ھوندو. جديد تقضائن تحت، ڪن ان تي پڻ طبع آزمائي
ڪئي آھي. ڊاڪٽر
نذير احمد جروار، مارچ ۱۹۹۱ع ڌاري، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان شايع ٿيل،
سائين گل
محمد شاھ بخاري صاحب جي ڪتاب ”سرور عالمﷺ“ ۾، ”مقدمو (نظم ۾)“ لکي منظوم مقدمي جي
شروعات ڪئي. ٻيو منظوم مقدمو، عاجز رحمت الله لاشاريءَ، ۲۰۱۹ع ۾ حسن درس اڪيڊمي
حيدرآباد طرفان شايع ٿيل ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“ ۾، ”لوڪ ادب جو منظوم
مقدمو“ نالي سان لکيو آهي.
اھڙيءَ طرح مٺل جسڪاڻي
صاحب، منثور ڪھاڻين سان گڏ ساڳئي برسات ۽ ٻوڏ واري موضوع تي، منظوم ڪھاڻين تي پڻ
طبع آزمائي ڪئي آھي. مڙني صنفن تي قلم وھائڻ سان گڏ، ياريون باشيون ملھائڻ، دوستن
يارن سان ڪچھريون ڪرڻ، وٽن ڀيرا ڀرڻ وارو ڪم به ڪندو اچي ٿو، جيڪو سندس سوشل ميڊيا
واري فيسبڪ مان ظاھر ٿئي ٿو. تنھن ھوندي به ان جدت جي بنياد وجھڻ ۾ کيس ڪيتري
پذيرائي ملي ٿا، سا پڙھندڙن جي سوچ ۽ موٽ تي منحصر آھي.
عادي پڙھندڙ، جن وٽ
پڙھڻ جو اشتياق ته آھي پر وقت گھٽ آھي، تن جي طبع تفريح لاءِ، ھن ڪتاب اندر جوڳو
مواد، سائنسي ڄاڻ سان گڏ، پڻ موجود آھي. جيڪو جديد مسئلن بابت ھئڻ سان گڏ جديد
تقاضائن موجب پڻ آھي. اھا اميد ٿي ڪجي ته اھا جدت، ٻين ڪھاڻيڪار ليکڪن لاءِ پڻ
اتساھ جو پايو وجھندڙ ثابت ٿيندي.
No comments:
Post a Comment