31/10/2020

د مظهر جي ڪتاب ”محبت ۽ مايا“ جو اڀياس - وحيد محسن (Waheed Mohsan)

 وحيد محسن

عابد مظهر جي ڪھاڻين جي ڪتاب

محبت ۽ مايا جو اڀياس

عابد مظهر جو تعارف ڪھاڻيڪار ; شاعر ۽ محقق جي حوالي سان ڪرايو وڃي ٿو. اڄ منهنجي مطالعي ھيٺ سندس ڪھاڻين جو ڪتاب محبت ۽ مايا آهي. ڪتاب کي نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 128 صفحن تي ڦھليل آهي. سندس ملھ 200 روپيا رکيو ويو آهي. جنهن ۾ 10 فليش ڪھاڻيون ۽ 25 مختصر ڪھاڻيون شامل آهن. پبلشر نوٽ سنڌي انعام لکيو آهي ۽ مھاڳ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب بابت ضياء ابڙي ۽ ساجده جبين پنھنجا رايا لکيا آهن. پنهنجي پاران ۾ ڪھاڻيڪار عابد مظهر لکي ٿو تهھن مجموعي ۾ منھنجون نينو ۽ فليش ڪھاڻين سان گڏ دعا جي چمي کان وٺي محبت ۽ مايا تائين نيون ڪھاڻيون آهن جن ۾ محبت، تصوف، دھشتگردي ۽ مايا جي اڻت ۾ اڻيل جديد جذبن جو رنگ شامل آهي.“

ڪھاڻيءَ جو تعلق اسان جي زندگي سان سنئون سڌو سلھاڙيل ھوندو آهي جنهن ۾ ڪھاڻيڪار انهيَ وقت جي حالتن کي پنهنجي تحرير ۾ آڻي ٿو. عابد مظهر سھڻو ڪھاڻيڪار آهي. ان جي ڪھاڻين ۾ اسان کي سماج جا ڪيترائي پاسا نظر اچن ٿا. ھن تخليقي ڪاريگريءَ سان ڪردارن کي بھتر نموني پيش ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ھو اسان کي ڪامياب نظر اچي ٿو.

بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته ڪھاڻيڪار ۽ شاعر پنهنجي دور ۾ سماجي سائنس جا وڏا عالم ھوندا آهن. سندن ڪھاڻين ۽ شاعريءَ مان قاري کي سماج ۾ پلجندڙ اھڙن ڪردارن جا عڪس ملن ٿا ۽ اھي پنهنجي ادراڪ سان سماج جي چٽي تصوير دنيا جي سامهون کڻي اچن ٿا !

عابد مظهر ھن سماج جو سجاڳ ڪھاڻيڪار آهي. سندس اکيون کليل آهن ۽ ھتان جي ماحول ۾ رھندي ڪيتريون ئي ڪھاڻيون تخليق ڪري ٿو. گهڻو تڻو ھو اسان کي انهن ڪھاڻين ۾ پاڻ به نظر اچي ٿو ۽ مان سمجھان ٿو ته اھا ان جي پنهنجي وطن سان ڪمٽمينٽ آهي جنهن جي ڪري ھو بيباڪي سان ڪھاڻين ۾ ڪردارن جي اڻت جو ھنر به رکي ٿو ۽ سندس ڪھاڻين جو مقصد فلسفي جي پوشاڪ سان نروار ٿئي ٿو ! اھا تخليقي حس ان کي ٻين کان مختلف ۽ الڳ رکي ٿي جيڪا وڏي ڳالھ آهي.

دعا جي چمي: ھيءَ ڪھاڻي علامتي انداز سان پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪھاڻيڪار دنيا جي سياست تي گھري نظر رکي ٿو ۽ ان سان گڏ دنيا جي ماڻهن جا تبديل ٿيندڙ نظريا، خيال ۽ انهن جي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو! فڪشن ادب ۾ عابد مظهر ھن ڪھاڻي ۾ اھڙي نئين ۽ نڪور ٿيم پيش ڪئي آهي جنهن کي قاري دلچسپي سان پڙھندو ڪھاڻي جي ڪلائيميڪس تي اچي وڏو ڇرڪ ڀريندو! ھن ڪھاڻي ۾ ٻه پروف جون غلطيون آهن لفظ داراغا - داروغا صحيح آهي ٻيو لفظ چپڙي. - چنبڙي صحيح آهي.

پناھ جي ڳولا: ھن ڪھاڻي ۾ مون کي عابد مظهر چٽو نظر اچي ٿو جنهن جو روح پناھ جي ڳولا ۾ رمندو رهي ٿو. حسن ۽ محبت جي ڳولا ۾ انسان پنهنجي سموري حياتي ائين گذاري ٿو ڄڻ ڪي زندگي ڪجھ پل آهي!

شراب ۽ انسان جي جنگ ڪا صدين کان وٺي ٿيندي اچي ٿي ۽ حسين عورت جي تمنا مرد جي وجود تي حاوي رهي ٿي ۽ اھو سرابن ۾ ڪنهن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو !

ھو شراب کي پنهنجي وجود ۾ اوتي ٿو ته ان جي وجود ۾ ازلي عشق داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ھو پنهنجي رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿو. ڪھاڻي جو ڪلائيميڪس شاندار آهي جنهن ۾ پٺاڻي خان جا ڳايل ٻول ڪنن ۾ ٻرن ٿا ته :

ميڏا عشق ڀي تون؛ ميڏا يار ڀي تون !

اھي ٻول ڪردار جي ڪنن تي پھچن ٿا ۽ ھڪ ھٿ ان کي پنهنجي پناھ ۾ اچڻ جي واڌائي ڏئي ٿو. اھا ڪھاڻي ٽريٽمينٽ جي حوالي سان منفرد ڪھاڻي آهي ۽ ھن ڪھاڻي ۾ ٻه ٽي پروف جون غلطيون آهن.

محبت ۽ مايا: ھي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي آهي. ھن ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيڪار اسان کي منفرد نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻي جو اسلوب بلڪل انوکو آهي. ڪھاڻي جي ٽريٽمينٽ به خوبصورت آهي جنهن جي ٻولي سليس ۽ ڊائيلاگ سوچ جي ڀاڪر ۾ ويڙھي ڇڏين ٿا ۽ سڄي ڪھاڻي مايا ۽ محبت؛ عورت ۽ مرد جي نفسيات تي ٻڌل ڪھاڻي آهي ۽ ان سان گڏ دنيا جي ماحول جي نفسيات کي عيان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ھو اسان کي ڪامياب نظر اچي ٿو.

ٽٽل عڪس: ھن ڪھاڻي ۾ عابد مظهر ماڻهوءَ جي ويڳاڻپ کي بھترين نموني سان پينٽ ڪيو آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي سوچ ۽ فڪر کي عيان ڪيو آهي ۽ ڪھاڻي ۾ خود ڪلامي وارو رجحان به ڪافي دلچسپ لڳي ٿو. ھڪ ڪمزور انسان کي حوصلي جي سگھ ڏيئي جيئڻ لاء اتساھي ٿو، جيڪا ھن ڪھاڻي جي وڏي خوبصورتي ۽ جان آهي ۽ ان کان علاوه ڪردار کي پنهنجي ڀيڻ جي نصيحت ۽ وچن به ياد ڏياري ٿو جنهن سان ڪھاڻي وڌيڪ اثرائتي بڻجي وڃي ٿي.

مجموعي طور تي ھي ڪتاب محبت ۽ مايا ھڪ بھترين پڙهڻ جھڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪھاڻيڪار جي فڪري سگھ به سامهون اچي ٿي ۽ پنهنجي سماج جي منفي ڪردارن کي ھن بيباڪي سان وائکو ڪيو آهي.

No comments:

Post a Comment