22/12/2020

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اٺ جو ذڪر - ڊاڪٽرعلي اڪبراسيرقريشي (Dr Ali Akber Aseer Qureshi)

 ڊاڪٽرعلي اڪبراسيرقريشي

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اٺ جو ذڪر

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ڪيترن ئي جانورن جهڙوڪ: مينهن، ڏاند، خچر، گڏھ، گهوڙو، ڪتو، سانُ، رڍون، ٻڪريون، مرون، ھرڻ ۽ اُٺ سان گڏ ڪجھ پکين جو ذڪر مذڪور ملي ٿو. اهڙن جانورن ۽ پکين مان شاھ لطيف جي ڪلام جي حوالي سان اٺ جو ذڪر ڪجي ٿو. اٺ کي شاھ ڀٽائيءَ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ پنهنجي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز بڻايو آهي. مڙني جانورن ۾ اُٺُ نهايت طاقتور ۽ قداور جانور جي حيثيت رکي ٿو. اُٺ کي بار ڍوئڻ جو بادشاھ چيو وڃي ٿو. اٺ لاءِ جابلو پنڌ کان وڌيڪ سولو ريگستاني پنڌ آهي. اٺ هڪ ئي وقت پنهنجي پٺيءَ تي اٽڪل ڏهاڪو مڻ وزن کڻي سگهي ٿو، پر جڏهن اٺ کي ڪنهن گاڏي ۾ جوٽبو ته هڪ سئو مڻن کان ويندي 150 مڻن کان زياده وزن کڻي ٿو. باقي عام ڪري هونئن ته ڏهن مڻن جي وزن کڻڻ جي سگھ رکي ٿو.

ڀِٽ جي گهوٽ اٺ کي ڪيترن ئي نالن سان ياد ڪيو آهي. جهڙوڪ: گورو، توڏو، دوڪ، ميو، متارو، بوتو، بودو، چانگو، ڏاگھو، مهري ليڙو، ڪنواٽ، شتر، جماز، روڏو، ڪرهو، ناقو، گنگو ۽ گونگو وغيره. ٻين مڙني جانورن کان وڌيڪ اٺ کي نالا ڏنا ويا آهن. جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو، پر هڪ ٻن نالن کان سواءِ سڀ نالا ٺيٺ سنڌيءَ ٻوليءَ جا آهن. شتر فارسي ٻوليءَ ۾ اٺ کي چوندا آهن. عربي ٻوليءَ ۾ اٺ کي جمل ۽ جماز سڏيو وڃي ٿو. سنڌي لوڪ داستانن مومل راڻو ۽ عمر مارئيءَ ۾ اٺ جو هڪ اڻ وسرندڙ ڪردار ڪنهن کان به ڳجھو ڪين آهي. انهن کان علاوه ڀٽائي گهوٽ اٺ کي سُر کنڀات ۾ پڻ ذڪر هيٺ آندو آهي. راڻو روز رات جو مومل سان ملڻ لاءِ اٺ تي چڙهي ويندو هو. ڪي لکن ٿا ته راڻو ڏاچيءَ تي چڙهي مومل سان ملاقي ٿيندو هو. ڏاچي اهڙي ڀلي هوندي هئي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته ڏاچي هڻي ڏھ ته توڏي هڻي تيرهن، اهڙيءَ طرح راڻو راتو واھ يا رات و رات ۾ ئي مومل سان ملي واپس ورندو هو. عمر مارئيءَ جو قصو به مشهور آهي. عمر بادشاھ مارئيءَ کي کوھ تان اٺ تي کڻي اچي پنهنجي ڪوٽ ۾ قابو ڪيو ھو. ان ئي لحاظ کان شاھ سائينءَ کان علاوه ڪيترن ئي شاعرن اٺ کي پنهنجي پنهنجي ڪلام جي زينت بڻايو آهي. اهڙن شاعرن جي قطار ۾ ھي بندو (راقم) به شامل آهي. اٺ سان ڪيتريون ئي ڳالهيون / روايتون مشهور ۽ منسوب آهن. اهڙيءَ ريت پھاڪا يا چوڻيون به مشهور ۽ منسوب آهن. جيئن جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا، اٺ جو پتڻ تي ڪُٽجڻ، اٺ تڏهن ٿي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا وغيره.

اٺ جيڪو سواريءَ کان علاوه بار ڍوئڻ، هر ڪاهڻ، کوهن مان پاڻي ڪڍڻ، نچڻ ۽ ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ به ڪم ايندو آهي. اٺ جي ماديءَ کي ڏاچي چئبو آهي. ڏاچيءَ جي کير پياڪ ڦر کي گورو /گوري سڏبو آهي. هڪ سال جي اندر واري ڦر کي توڏو / توڏي چيو ويندو آهي. ڏاچيءَ جي ڦر جي کير ڌائڻ جي عمر اٽڪل ٻه سال آهي. کير ڇڏيندڙ ڦر کي اٺوڙ ۽ بعد ۾ ڏهاڻ يا ڌپڙ به سڏيو ويندو آهي. ٻن سالن واري ڦر کي ڪنواٽ چون. ٻڙاندي/ٻن ڏند ڪڍندڙ کي دوڪ پڻ سڏين. ٻن سالن واري کي ٻهاڻ، ٽن سالن واري ڦر کي ٽهاڻ، چوس ۽ پنجوس به ڪوٺين. پنجن سالن جي عمر کي اٺ پهچندو ته دوڪ سڏبو انهيءَ ئي عمر ۾ اٺ کي ٻه ڏند ايندا آهن. چار ڏند ڪڍندو ته کيس چوڳو ۽ ڇھ ڏند ڪڍندو ته کيس ڇڳو چئبو آهي. چانگو ۽ ڄانگهو ڊگهين ڄنگهن واري کي سڏين. اٺ کي بي عقل، جاهل ۽ شتر بي مهار به سڏبو آهي. ليڙو ان ڪري کيس سڏبو آهي جو نھايت سست ۽ ڪاهل آهي، ڇو ته هلڻ ۾ تمام ڍرو ۽ صفا هوريان هلندو آهي. ٿلهو متارو هوندو ته کيس ميو سڏبو. وري عمر کان موٽيل کي ڏاگھو يا ايرموش ڪوٺين. ننڍي جوان کي بوتو يا بودو چون. اٺن سالن جي عمر کي پهچندو ته نيش سڏبو. اها اٺ جي ڦوھ جواني آهي. جڏهن اٺ پوڙهو /ڪراڙو ٿيندو آهي ته ڏاگھو سڏبو آهي. اٺ وري وڏي قد بت ۽ وزن وارو هوندو ته کيس پربت سڏيو ويندو آهي. جنهن اٺ کي ٽڪڻ يا مٿي تي وار نه هجن ته ان کي روڏو، گنجو ڪوٺجي. مھري اٺ جي معنيٰ آهي نهايت ڀلو يعني مھري اٺ عام اٺ جي مقابلي ۾ تمام تکو ڊوڙندو آهي. ناقو/ناقه عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڏاچي. عام اٺ کي لاڏو به چون، جيڪو عام طور تي بار ڍوئڻ ۽ بار کڻڻ جي ڪم ايندو آهي.

شاھ لطيف مومل راڻي، عمر مارئي ۽ سُر کنڀات کان وڌيڪ سسئيءَ جي پنجن ئي سرن ۾ اٺ کي نهايت خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هنن ئي سرن ۾ ڀٽائيءَ اٺ جا مختلف نالا آڻي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

اُٺُ: ج. اٺ[پرا. ا ُٽَ؛سن. اُشٽر، ف. اشتر، شُتر] شتر، ميو، ليڙو، ڪرهو، چانگو، بوتو، توڏو، موڳو، اوڳو، بي وقوف، جاهل، بي عقل.

اٺ کي جاڏي به منهن لڳندو تاڏي هليو ويندو، جنهن ڪري کيس جاهل، بي عقل ۽ بي وقوف سان ڀيٽيو ويو آهي. عام طور تي جاهل ماڻهوءَ کي به اٺ سان تشبيهه ڏني ويندي آهي.

اٺن جا نسل:

سنڌ ۾ اوائلي دور ۾ ٻن ٿُوهن وارا اٺ به هوندا هئا، جن جو نسل ختم ٿي چڪو آهي. ڪجھ سال اڳ مون ٻن ٿوهن وارا اٺ ڪراچيءَ جي سفاري پارڪ ۾ ڏٺا هئا. هن وقت خبر نه آهي ته اهي اٺ آهن به يا نه!!!

هڪ ٿوهي وارا اٺ ته جتي ڪٿي عام جام آهن. جيڪي اٺ سامونڊي پٽيء سان رهن ٿا، انهن کي کارائي سڏين. سنڌ جي ريگستان يعني ٿر ۾ به اٺ پاليا وڃن ٿا. کين ريگستاني ۽ ڍاٽي سڏين ٿا. سنڌي اٺ بار کڻڻ ۾ ٻين اٺن کان گهڻو مضبوط آهي. ڍاٽي اٺ وري تمام گهٽ بار کڻن، پر هلڻ ۾ سنڌي اٺ کان نهايت زور آهن. مهري اٺ سفر جي لاءِ لاڏو اٺ کان گهڻو بهتر آهن ۽ پنڌ ۾ نبيرو پڻ اٿن. هڪڙا اٺ وري جابلو پٽيء سان پاليا ويندا آهن جن کي جابلو اٺ سڏبو آهي. هي اٺ جبل ۾ هلڻ ۾ ٻين اٺن کان ڪجھ زور آهن. اٺ پاليندڙ ذاتين ۾ جت گاڏهي، رند، ڀنڊ ۽ زرداري وغيره شامل آهن. ٿر۾ وري ريٻاري ۽ آريسر اٺ ڌارين.

اٺ جي عمر 30/40 سال کن ٿيندي آھي ۽ بار ڍوئڻ جي قابل هوندو آهي. ان کان وڌيڪ به عمر يعني 50/60 سالن تائين اٺن جي ٿئي. ڏڪار جي حالت ۾ اٺ، هر جانور کان تمام سخت ۽ ڏاڍو آهي، ڇو ته بک برداشت ڪرڻ جي قوت منجهس گهڻي آهي. ڀاڳين يا اوٺيوالن / اوٺارن جي چوڻ موجب اٺ مهيني کان به مٿي کائڻ پيئڻ کان سواءِ رهي سگهي ٿو.

ڏاچيءَ جو کير ڪيترين ئي بيمارين لاءِ مفيد آهي. ڏاچيءَ جي کير جو ولوڙو هرگز ڪونه ٿئي. ڀاڳين جي چوڻ مطابق ان کير ۾ مکڻ ٺهڻ جي نه خاصيت آهي ۽ نه وري ڪا صلاحيت، ڇوته هيءُ کير صفا اڻڀو آهي. ڏاچيءَ جو کير جلندر، ساول، تلي، سنڌن جو سور، جيري-رت جو گهٽ ٺهڻ ۽ هاضمي وغيره لاءِ نهايت ڪارائتو ۽ لاڀائتو آهي. جنهن ماڻهوءَ جي دل جا وال بند هجن ته اهو به هيء کير واپرائي سگهي ٿو۽ شگر جي مريضن لاءِ به فائديمند آهي. جيڪو به ماڻهو ڏاچيءَ جو کير پيئندو ته مٿين بيمارين کان محفوظ رهندو، ڇوته اٺ/ڏاچي جهنگ ۾ هر گاھ کائيندڙ جانور آهي. اٺ/ڏاچي ڪانڊيرو، ڪرڙ، ٻٻر، ٻير، ميندي، لئو، لاڻي، ڪنڊي، ڄار، کبڙ، کپ، سڱر۽ کاراهو وغيره شوق سان کائين. چندن به اٺ کي چاريو ويندو آهي.

اٺ جو مست ٿيڻ:

اٺ سياري جي مند ۾ مست ٿيندو آهي، ليڪن سرنهن جي ڦولار ۾ نهايت گهڻو مست ٿيندو آهي. اهڙي مست اٺ کي هڏتري هنئي ويندي آهي. هڏتري ان کي چئبو آھي يعني مست اٺ جو هيٺيون ۽ مٿيون چپ پاڻ ۾ سبي ڇڏبا آهن. اها هڏتري مست اٺ کي لڳي ته مستي ڇڏي ڏيندو آهي ۽ گھُ يا گيسر بلڪل ڇڏي ڏيندو. اٺ جي مستيءَ جو مدو اٽڪل مهينو ڏيڍ مس ٿئي. مستيءَ دوران اٺ کي هڪ جاءِ تي ٻڌو ويندو آهي.

اٺ جو وير:

اٺ جو وير/دشمني به مشهور آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو ستايل هوندو ته ان کي هرگز بخش نه ڪندو. ويري اهڙو جو مالڪ کي به نه سڃاڻندو. اٺن کي جتي رهائجي يا ٻڌجي، ان جاءِ کي جهوڪ يا وٿاڻ چئبو آهي.

اٺ جي بيماري :

اٺ کي خاص طور تي زڪام، کامڻ، کارس (خارش)، گر، مٿي ۾ ڪيئان پوڻ، واء لڳڻ جهڙيون بيماريون ٿين. ڀاڳين جو چوڻ آهي ته کامڻ جي بيماري اٺ کي مڇرن جي ڪري ٿيندي آهي.

اٺن جي ملس:

اٺن جي وارن کي ملس سڏيو ويندو آهي، جنهن مان رسا ۽ کٿا وغيره ٺاهيا ويندا آهن. ملس مان ڏاچين جا جالنگ يا اڻاھ به ٺاهيا ويندا آهن. جالنگ يا اڻاھ ڏاچيءَ جي ٿڻن کي ٻڌندا آهن ته جيئن سندن ڦر ڌائي نه وڃن. اٺن کي سيءَ گهٽ پوڻ يعني بهار جي مند ۾ ڪتريو ويندو آهي.

اٺ جي قيمت :

عام طور تي اٺ جي قيمت پنجاھ هزار کان شروع ٿي ٻه اڍائي لکن تائين پهچي ٿي، پر ڀلي ۾ ڀلا اٺ چار پنج لکن کان به مٿي وڪامن. اهڙيءَ ريت اٺن جي قيمت ٻين جانورن جي ملھ وانگر يا بازار (پڙي) جي حساب سان لهندي ۽ چڙهندي آهي، ليڪن ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ڪونهي.

اٺن جا رنگ :

اٺن جا رنگ مختلف ٿين. جن ۾ سفيديءَ مائل، اڇا، ڀورا، ڪارا، بگا، ڪڪا ۽ ڳاڙها وغيره شامل آهن.

اٺ چارڻ ۾ ٻين جانورن کان تمام ڏکيو آهي. اٺ هلندي هلندي چرندو ويندو آهي، تان جو ڪٿان جو ڪٿ وڃي نڪري ۽ سندس مالڪ /اوٺار به پويان ڊوڙندو ڊڪندو ويندو آهي.

اٺن جي سينگار جو سامان:

ٻين جانورن يعني ڏاندن وانگر اٺ جي سامان ۽ سينگار ۾ جُهلون، ڪوڏ، ڇيريون، چڙا ۽ رومال وغيره شامل آهن. جڏھن اٺن جي ملس/وار ڪتريندا آهن ته ڀاڳيا اهي وار/ملس اهڙيء طرح لاهيندا آهن جنهن سان گلڪاري ظاهر ٿيندي آهي. اهي وار ڪينچيءَ سان ڪتري گلڪاري ۽ چٽسالي ٺاهيندا آهن، جيڪا نهايت خوبصورت لڳندي آهي. ڪنهن به ٻئي جانور تي اهڙي گلڪاري ڪڏھن به ڪا نه ڏٺي آهي.

هتان جا اوٺار جڏهن واپار سانگي لاڙ طرف ويندا هئا ته اٺن کي سنواري سينگاري پوءِ ويندا هئا. اٺن کي گوڏن جي مٿان رنگين پٽيون ٻڌندا هئا جن کي ٻانهوٽا سڏبو آهي. ان کان علاوه کين گوڏن جي مٿان ڇيريون پڻ ٻڌندا هئا. اٺن کي ڪنڌ ۾ ڪنڍيون به ٻڌيون وينديون هيون. ڪنڍين کان سواءِ کين ڪنڌ ۾ چڙا به ٻڌندا هئا. اٺن جي منهن تي هڪ نختو چاڙهيو ويندو هو، جنهن ۾ ڪوڏ، مڻيا ۽ رومال پڻ لڳائيندا هئا.

اٺن جو پلاڻ /پاکڙو:

پلاڻ جي ڀڃ گهڙ ڪبي ته هيئن ٿيندي.

پلاڻ: (ف، پالان. گ. پلاڻ. پرا. پلاڻَ. سن. پلياڻ :پرياڻ)، اٺ جي سنجٽ جو پاکڙو. (تحقيق لغات سنڌي ص91. 1980ع)

اٺن جو پلاڻ، اٺن ڪاٺين مان ٺاهيو ويندو آهي. پلاڻ کي مٿان وري هڪ ڪاٺيءَ جو جوڙو ڏبو آهي جنهن کي ڪَتَب چئجي. ڪتب ٺاهڻ جو سٺو ۽ شاھ ڪاريگر محراب سومرو ڊکڻ هو، جيڪو ويجهي دور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. کانئس آسپاس جا اوٺي /اوٺار يا اوٺيوال اچي ٺهرائيندا هئا. پلاڻ ٺاهڻ وقت سرن جي پالر ڪم آڻيندا آهن. ان پالر کي سٽي ڪٽي سنهو ڪري پلاڻ ۾ وجهندا هئا. پلاڻ جي پاسن ۾ چار چار ڪاٺـيون ٻڌندا هئا جنهن ڪري پلاڻ نهايت سهڻو ۽ شاندار لڳندو هو. اٺ جي مٿان پلاڻ يا پاکڙو رکيو ويندو هو، جنهن تي ٻه چار ماڻهو آرام سان ويهي سگهندا هئا. اڄڪلھ انهن شين جي نهايت سخت اڻاٺ آهي. ان کان علاوه اٺ جي مٿان هڪ پالڪي رکي ويندي هئي جنهن کي ڪجائو چئبو هو. ڪجائو تمام سهڻو سينگاريل هوندو هو. ڪو وقت هو جو گهوٽ ڪنوار کي ڪجائي ۾ ويهايو ويندو هو. ڪجائو کبڙ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو هو. عام ڪري ڪجاوا مورو شهر ۾ ٺاهيا ويندا هئا. هن وقت اهو ڪاروبار ۽ رواج زوال پذير ٿي چڪو آهي، ڇو ته سائنسي ٽيڪنالاجي اسان کان گهڻيون روايتون کسي چڪي آهي.

اٺ کي نڪ ۾ هڪ ننڍڙي ڪاٺي هنئين ويندي آهي جنھن کي ناڪيلي چئبو آهي. اگر اٺ کي ناڪيلي نه هڻبي ته اٺ پنهنجي مرضيءَ سان پيو هلندو ۽ ڀڄندو، جنهن ۾ سوار کي تمام ڏکيائي ڏسڻي پوندي. اٺ کي ناڪيلي لڳل هوندي ته سوار جي مرضيءَ مطابق هلندو ۽ گوهيون نه ڪندو. ان ناڪيليءَ ۾ هڪ رسو ٻڌبو آهي جنهن کي مهار سڏبو آهي. ان مهار وسيلي اٺ قابو ۽ قبضي ۾ رهندو آهي.

اٺن جي گهڻائيءَ کي وڳ سڏبو آهي. اهڙيءَ ريت اٺن جي قطار کي گلو چئجي. اٺن تي بار ڍوئجي يا اناج وغيره کڻجي، ته ان کي به گلو سڏبو آهي. ٽيهارو چاليهارو سال ٿيندا جو ديرن تان اناج اٺن تي ڍوئبو هو. اسان جي تر ۽ آس پاس ۾ رئيس دائم خان چولياڻيءَ جو اناج نهايت ججھو ۽ جالارو ٿيندو هو جيڪو اٺن جي گَلن جي صورت ۾ ديرن تان ساريون يا ڪڻڪ کڻي ويجھي اناج منڊيء ۾ يا ڪارخانن تي پهچايو ويندو هو. ان کان پوءِ حاجي الهرکيو چولياڻي ۽ محمد صلاح چولياڻي وغيره جن جو اناج اٺن جي گلن جي صورت ۾ پڄايو ويندو هو. ڇو ته ماضيءَ قريب ۾ اڃا سائنسي ٽيڪنالاجي يا مشينري ترقي ڪو نه ڪئي هئي. هاڻي ته ان جديد مشينري، ٽيڪنالاجيءَ جو دور دورو آهي.

رئيس دائم خان چولياڻيءَ وٽ به ٻه چار اٺ نهايت ڀلا هوندا هئا، جيڪي خاص ڪري سواريءَ وقت ڪم آندا ويندا هئا. هاڻي ته ان جاءِ تي سڃ ۽ رڃ پيئي واڪا ڪري. هنڌ اهي ئي ماڳ، جَت نه پسان جوءِ ۾.“

اسان جي تر ۾ ڇتي خان جت (لاشاري) ۽ ٻين جتن وٽ به اٺن جا وڳ ھوندا ھئا. هن وقت ڇتي خان جو پٽ فضل محمد پنهنجي والد جي پر پاريون ٿو اچي. فضل محمد وٽ ڏهاڪو کن اٺ آهن جيڪي سندس گذر سفر جو ذريعو آهن. هن وٽ ڀلا اٺ ته ڪونه آهن پر جيڪي اٿس سي بار کڻڻ ۽ لڏلاھ ۾ ڪم آڻيندو آهي.

شاھ لطيف پنهنجي رسالي ۾ نه صرف اٺ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ شمار ڪيو آهي ليڪن سڀني کان وڌيڪ نالن سان اٺ کي نوازيو آهي. هتي ڀٽائيءَ جو هڪ ٻه بيت مثال طور پيش ڪيان ٿو.

دوڪ دهليا جت، گورا هلن نه گس ۾

چوسال ئي نه چلڻا، تنگ نھاري تت

سوڌي انهين سيد چئي، پوء پانجارين پرت

ان اڙانگي پنڌ جي، ڪا نيشن پوءِ نرت

سسئي وڏي ست، جا اھڙيءَ پر پنڌ ڪري.

........ ............ ......

اڳي اٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي

پلاڻيندي پاڻ ۾، ڪڇيو ڪين ڪٺن

ڪا جا مام مٺن، هن پڻ ھئي ھن سين.

مطلب ته شاھ ڀٽائيءَ اٺ کي تمام گهڻو ساراهيو آهي. اهو به پنهنجيءَ جاءِ تي نهايت سٺو ڪم آهي پر هن وقت اٺ جي نسل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، ڇو ته اٺ جو نسل ختم ٿيندو ٿو وڃي. هينئر اٺ جي چرڻ جي جوءِ سوڙهي ٿيندي ٿي وڃي. اٺ جو چارو اهو نه رهيو آهي، جيڪو اڳي هوندو هو. اهڙيءَ طرح ٻيلا به ختم ٿيندا ٿا وڃن. هر جاءِ آبادي وڌي رهي آهي. پوکي راهي عام جام ٿيندي پئي وڃي جنهن ڪري اٺ جو نسل پوئتي پوندو ٿو وڃي. جيڪڏهن اٺ جو چارو جالارو رهيو ته اٺ جو نسل بچي سگهي ٿو. مون هتي شاھ سائينءَ جي رسالي جي حوالي سان اٺ جو ذڪر ڪيو آهي. اٺ هڪ ريگستاني جهاز آهي ۽ بار کڻڻ جو به گهڻو ئي مضبوط آهي، سو ڪوشش ڪري ان جو نسل بچائڻ لاءِ خاص تحرڪ وٺڻ لازمي ٿي پيو آهي.

1 comment: