25/12/2020

ادريس لغاريءَ جو ڪتاب ”مونکي ماريو سڄڻين“ - نور احمد نظاماڻي (Noor Ahmed Nizamani)

 نور احمد نظاماڻي

ادريس لغاريءَ جو ڇپيل ڪتاب

مونکي ماريو سڄڻين“

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا شهيد بينظير ڀٽو هجي، هي ٻئي پيءُ ۽ ڌيءُ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت لاءِ هڪ حد کان پوءِ ڄڻ ته ڪنهن وليءَ جو درجو رکن ٿا، ان ڪري هنن جي تعريف ته سدائين پئي ٿيندي آهي پر هنن سياست جي ميدان ۾ اقتدار کان ٻاهر هجڻ جي صورت ۾ ڇا پئي ڪيو؟ ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڇا پئي ڪيو؟ هنن جو اسٽيبلشمينٽ سان ڪهڙو سهڪار هو؟ ۽ هنن عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي؟ شهيد ڀٽي جو بنگال ڌار ٿيڻ وقت ڪهڙو ڪردار هو؟ آمريڪا لاءِ سندس اصل پاليسي ڪهڙي هئي؟ روس سان سندس اصل رويو ڪهڙو هو؟ سوشلزم لاءِ سندس سوچ ۽ عمل ۾ ڪهڙو تضاد هو؟ هو آمريڪا لاءِ ڪيترو خطرناڪ هو؟ عوامي طاقت تي کيس ڪيترو يقين هو؟ سنڌ لاءِ هن ڇا ڪيو؟ بلوچ ڀائرن سان هن ڪهڙا ڪلور ڪيا؟ ولي خان وارن سان هن ڪهڙو رويو اختيار ڪيو؟ اهي ۽ ٻيا به انيڪ سوال آهن جن جي جواب ۾ ڪو حقيقت کي ويجهو تجزيو اسان کي نٿو ملي، بس گهڻو ڪري هنن جي تعريف پڙهبي ۽ ٻڌبي آهي، پر هنن ٻنهي پيءُ ۽ ڌيءَ جيڪي سياسي بلينڊر ڪيا ان تي تنقيد تمام گهٽ ٿي آهي. ان جو هڪڙو سبب ته اسان کي اصليت جي آگاهي به ڪانهي ٻي ڳالھ ته سچ لکڻ ۾ جان ۽ مال جي نقصان جو هر وقت انديشو رهي ٿو ۽ ٽيون نمبر ڳالھ هي آهي ته هنن جي سياست تي تنقيد ڪري پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن کي ڇيهو ڪير رسائي؟

سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان ليکڪ، محقق، تجزيه نگار، تنقيد نگار ۽ ڪيئي ڪتابن جي مصنف سائين ادريس لغاري صاحب انهن سمورن مفادن ۽ امڪاني خطرن کان بالاتر ٿي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو جي سياست تي وڏي تحقيق ۽ جاکوڙ کان پوءِ هڪڙو تنقيدي جائزو پيش ڪندي، مونکي ماريو سڄڻين جهڙو زبردست ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ توهان کي مٿين سوالن جي حقيقي جوابن سان گڏ ٻين انهن سوالن جا جواب به ملي ويندا، جن جي باري ۾ يا ته اسان هوائي ڳالهيون ڪندا آهيون يا ان باري ۾ اسان جي معلومات ذيرو آهي. جيڪڏهن پڙهڻ وارا عقيدي پرستيءَ کي هڪ طرف رکي، هن ڪتاب کي پڙهندا ته آئون سمجهان ٿو ته ليکڪ جو پورهيو سجايو ٿي پوندو.

سياست سان دلچسپي رکندڙن ۽ خاص طور تي شهيد ڀُٽي جي سياست سان دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو کي پهرين فرست ۾ هن ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment