01/12/2020

وحيد محسن جو ڪتاب ڪورونا جنگ جهڙي آ - ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (Dr Kamal Jamro)

 ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

وحيد محسن جو ڪتاب ڪورونا جنگ جهڙي آ

2019ع جي پڇاڙيءَ ۾ سڄي دنيا جراثيمي جنگ جي ور چڙهي وئي، هيڪڙ ٻيڪڙ ملڪ کي ڇڏي، باقي هر هنڌ ڪورونا جراثيم ڪاهي پيو ۽ ڌڙا ڌڙ ماڻهو مارڻ لڳو.

فيبروري 2020ع تائين پاڪستان تي به اچي ڪڙڪيو ۽ نتيجي ۾ سنڌ لاڪ ڊائون شروع ڪيو. تاريخ ۾ اهڙو لاڪ ڊائون اڳ ڪنهن به نه ڏٺو هو، هيو ته اُهو بچاءَ لاءِ پر ڪورونا کان وڌيڪ لاڪ ڊائون اسان جا حال هيڻا ڪري ڇڏيا. ان صورتحال ۾ اديبن ۽ شاعرن پنهنجين تخليقن ۽ لکڻين جو رُخ به ان طرف موڙيو،

وحيد محسن جو هيءُ ڪتاب ڪورونا جنگ جهڙي آبه ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ان موضوع تي لکيو ته گهڻن ئي اديبن آهي پر هيل تائين پروفيسر بخش علي چانڊيي ۽ وحيد محسن جا ڪتاب مان سمجهان ٿو، سنڌي شاعريءَ جا پهريان ڪتاب آهن. وحيد محسن پنهنجيءَ شاعريءَ وسيلي ڄڻ تاريخ لکي آهي؛ لاڪ ڊائون سبب اسان جي غريبن سان ڇا وهيو واپريو، ان بابت سندس هن شعر مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

اسان جا ٻار مانيءَ لئه،

امڙ جي جهول ۾ روئن،

اُهو اڄ وقت آيو آ،

حياتيون درد ٿيون پوئن.

اسان جي لوڪ ادب ۾ واقعاتي بيتن جي هڪ صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن واقعي تي شاعري ڪري، ان جي تاريخ لکڻ سان گڏ شاعر پنهنجا احساس، جذبا، ڏک ۽ سور به بيان ڪندو آهي. وحيد محسن جي هيءَ شاعري به واقعاتي شاعريءَ ۾ ڳڻي سگهجي ٿي. هن ڏک جي هنن ڏينهن ۾ ماڻهن کي دلداري به ڏني آهي ته؛ سندن آسون ۽ اميدون پڻ جاڳايون آهن. هو اها به ترغيب ڏئي ٿو ته؛ ڏکيا ڏينهن نيٺ گذري ويندا آهن، تنهن ڪري همٿ حوصلي ۽ بهادريءَ سان، منهن ڏيڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي جي سار به لهڻ گهرجي:

ڀلا ڪا ڏي وڃن ماڻهو!

ڪمائي روز کائن ٿا

لهو ڪا سار ساٿين جي

بچائي روز کائن ٿا،

بندو راضي، خدا راضي،

ڪورونا ڪو سبب آهي.

وحيد محسن جي نظم توڙي نثر ۾ تمام گهڻي پختگي آهي. هو ٻارڙن لاءِ به ڏاڍو سُٺو لکي ٿو. شاعريءَ جي بحر وزن کان به چڱيءَ ريت واقف آهي. سندس سڀئي نظم نه رڳو موضوع تي آهن پر هڪ مخصوص وزن مفاعيلن مفاعيلن تي آڌاريل آهن، جيڪا پڻ هڪ خوبي ۽ نواڻ آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ منفرد شعري مجموعي آڻڻ تي وحيد محسن، مرتضيٰ لغاريءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ اڪيڊميءَ کي واڌايون ڏيان ٿو.

No comments:

Post a Comment