06/03/2023

محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”روشنيءَ راهون“ تي لکيل پيش لفظ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

روشني ته زندگي آهي!

(محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”روشنيءَ راهون“ تي لکيل پيش لفظ)

 سوچي ئي رهيو هيم، ته سائين محمد علي پٺاڻ جي هِن ڪتاب ”روشنيءَ - راهون“ جي ’پيش لفظ‘ جي شروعات ڪيئن ڪيان، ڪٿان سِلسلي جي سِري کي پَڪڙيان... ٻه ٽي جملا... پُورا/اڻپورا لکيم... نه وڻيا... ڊاهي ڇڏيم... وري ٻيو جملو لکڻ جي شروعات ڪيم ته ”زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪتاب نه هجن مختلف موضوعن ۽ صنفن جا...“ ته ليپٽاپ تي ئي ”واٽس ايپ ويب“ جي ميسيج جي ’ٺِڙِڪ‘ ٿي. لفظَ هونئن ئي سِڌائيءَ ۾ نه پئي آيا، تنھنڪري ’ميسيجُ‘ ڏٺم، ته ”سنڌ سلامت ويب سائيٽ“ جي سرواڻ ۽ سٻاجهي ساٿي، محمد سليمان وساڻ جو ميسيج هو، جنھن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جو مقولو لکيل هو ته

زندگي نه ڀڙڪو کائڻ جو نالو آهي، نه وِسامي وڃڻ جو. زندگي نالو آهي، دُکيل رهڻ جو.

ٿَڏي تي ئي، مون کي خيال آيو ته ”واهه! شروعات ملي وئي.“

مون به زندگيءَ جي حوالي سان ڳالهه جي شروعات ڪرڻ پئي گُهري پر ڪتابن کي بنياد بڻائي، ته ”ميسيجَ“ به زندگيءَ کي روشنيءَ سان سلهاڙي، ٻاٽ ۾ لاٽ پکيڙِي... ۽ حُسنِ اتفاق، ته محمد علي پٺاڻ جي هِن ڪتاب جو نالو به آهي ”روشنيءَ راهون“. واهه! مُنڊيءَ تي ٽِڪَ! مُنھن تي مُرڪ! روشني ته زندگي آهي، ۽ زندگي روشني! روشني نه هجي، ته زندگي ڪٿان لڀي. ٻئي طرف، روشنيءَ جون راهون يعني اُهي واٽُون جيڪي جَرڪي رهيون آهن، جن تي هلي سفر کي سولو ڪري ۽ ماڳ کي ماڻي سگهجي ٿو. اها واٽ، اها راهه، زندگي ئي ته آهي، جنھن ۾ روشني ڪندڙ وکرن ۾، هڪ اهم ترين وکر جو نالو آهي ڪتابُ. مختلف قسمن ۽ موضوعن جي ڪتابن جو ڏاڍو وڏو ۽ اهم ڪردار آهي اسان جي زندگين ۾ روشنيون ڪرڻ جو. ٻئي طرف، اهي روشنيون پکيڙيندڙَ، راهون اجاريندڙَ ۽ اهي ڪتاب لکندڙ، اسان جا ليکڪَ پاڻ کي ۽ پنھنجين زندگين کي دُکيل رکندا اچن ٿا، درد سھندا اچن ٿا ۽ ڏکَ ڏوريندا اچن ٿا ته جيئن عوام جي اجتماعي ڀلائي ٿي سگهي، انسانذات کي فائدو رَسِي سگهي ۽ سڀ ڪنھن جِي زندگيءَ ۾ جوتِ جَلِي سگهي، ته جيئن نه صرف اُهي آئيندي جا اُجرا سپنا ڏسندا رهن، پر انهن جَرڪندڙ ۽ سُندر سپنن جي ساڀيان ڀري حياتي جِي به سگهن.

جان جِيين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلڻ ري،

تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻ جِي. (شاهه سائين)

”جِيئڻُ، جَلڻُ، هَلڻُ، ويلَ نه ويھڻُ“ اهو ئي ته اَمُلهه ورثو آهي جنھن جا پرچارَ عالمن، اديبن، مفڪرن، محققن ۽ سڄاڻ شخصيتن وقت بوقت پئي ڪيا آهن ۽ پاڻ کي ”جَليَل ۽ دُکيَل“ پئي رکيو آهي، صرف ان ڪري ته چوڏسا روشني ٿي سگهي، زندگي بھتر کان بھترين ٿي سگهي، ماڻهو ماڻهپي جي معراج کي ماڻي سگهي ۽ راهون روشن ٿي سگهن!

***

محمد علي پٺاڻ جو شمار سنڌ جي انهن معروف ۽ مقبول اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن مسلسل لکيو آهي، گهڻو لکيو آهي، سٺو لکيو آهي ۽ ڀرپور لکيو آهي، ته اوترو ئي وري ڇپجندو به رهيو آهي، اخبارن ۽ رسالن ۾ به ته ڪتابن جي مجموعن جي صورت ۾ به. هُن نثرِي صنفن مان ڪھاڻين، ڊرامن، مضمونن، مقالن، پيش لفظن، مھاڳن، تاثرن، تقريرن، ڪالمن، تبصرن وغيره ۾ لکيو آهي ۽ شعرِي صنفن مان خاص ڪري نظمن، آزاد نظمن، نثري نظمن، غزلن، چوسٽن، بيتن، دوهن، وائيُن، گيتن کي سَرجيو آهي. هُو خاص ڪري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامانگار جي حيثيت، بنا ڪنھن وڌاءَ جي، لھڻي ٿو. هُو ادبي طور تي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۽ تنظيمن ۾ متحرڪ رهيو آهي، جنھن جا سڄيءَ سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر تمام گهڻا سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي اديبن سان ادبي لڳ لاڳاپا رهيا آهن. هُن نوَن لکندڙن جي هميشه همت افزائي ڪئي آهي، کين ادبي واٽون ڏَسيون آهن، رسالن ۾ ڇپرايو آهي ۽ واکاڻيو آهي، ته جيئن اهي ادبي زندگيءَ جي ابتدا ۾ ئي مايوس ٿي لکڻ ڇڏي نه ڏين، پر اتساهه سان وڌيڪ لکڻ جي جستجوءَ ۾ رهن. جيئن هِن ڪتاب ۾ شامل عبدالحق ساريي جي نثري نظمن جي ڪتاب جي ’مھاڳ‘ ۾ لکيو اٿائين: ”اسان جو ته ڪم ئي ڏيئي مان ڏيئو ٻارڻ آهي.“ هو سينئر اديبن سان ساٿ ۾ رهيو آهي ۽ اهي جيڪڏهن ڪنھن به ڪارڻ، لکڻ کان پرڀرو ٿي ويا آهن ۽ سندن هٿن مان قلم ڇڏائجي ويو آهي، ته هُن انهن کي شديد زور بار ڪري، ايلازن ۽ منٿن سان، ٻيھر لکڻ تي راضي ڪيو آهي، ۽ پوءِ جڏهن انهن لکيو آهي، ته وهه واهه ٿي وئي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ انتھائي ڪارائتو واڌارو ٿيو آهي. سنڌ جي ادبي منظر تي نظر ڪرڻ سان خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو، ته محمد علي پٺاڻ جھڙا جاکوڙي ۽ کاهوڙي اديب آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آهن. سندس هڪ وڏي خوبي چئجي (جيڪا ڪنھن ڪنھن وقت خامي به محسوس ٿيندي آهي) ته هُو جنھن جي به تعريف ڪندو آهي ته ان کي ستين آسمان تي پڄائي ڇڏيندو آهي، ايتري قدر جو اهو صاحب پاڻ به شرمسار پيو ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ محمد علي پٺاڻ جي نيت نيتي هوندي آهي، پر حد کان وڌيڪ واکاڻ به ايئن ئي نقصانڪار هوندي آهي، جيئن حد کان وڌيڪ (منفي) تنقيد، ڇاڪاڻ ته اهڙي تعريف به اڳلي ماڻهوءَ ۾ اڊنبر پيدا ڪري وجهندي آهي، جيڪا اوس ان لاءِ ئي نقصانڪار هوندي آهي. ٻئي طرف، جڏهن اسان محمد علي پٺاڻ جي پنھنجي شخصيت کي ڏسون ٿا، ته پَڪ سان چئي سگهون ٿا ته وڏيءَ محنت، پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ کان پوءِ مٿاهِين ادبي حيثيت تي رَسڻ باوجود، سندس شخصيت ۾ ڪنھن به قسم جي ڪا به مَڳي، شوخي، لئه، آڪڙ يا گهمنڊ موجود ناهي.

محمد علي پٺاڻ جو ادبي پورهيو ڇويھن تخليقن ۽ ترجمن جي ڇپيل ڪتابن جي صورت ۾ اسان اڳيان موجود آهي، جيڪو سندس ادبي قدر ۽ ڪارج جي ڪَٿ لاءِ تمام گهڻو ۽ بھترين آهي. ان جو تفصيل هن ريت آهي:

شاعريءَ جا ڪتاب: (1) اکيون آلا چنڊ (1988ع)، (2) عاشورا آهن (1995ع)، (3) اَگهيا اوجاڳا (2000ع)، (4) ڀَڳو آرس اکڙين (2001ع)، (5) مون کي آهَه اُٿاريو (2016ع)، (6) وقتُ بيھي نه ٿو (2018ع)، (7) جان جيئان تان پاڙيان (2019ع)، (8) گهائي ٿي تنھائي (2020ع)، (9) منظر مھڪي ٿو (2021ع)، ۽ (10) وڇوڙي وايون (2022ع).

ڪھاڻين جا ڪتاب: (1) ميندي لھڻ کان اڳ ۾ (2016ع)، (2) سئو لفظ سئو ڪھاڻيون (2018ع)، (3) دنيا کان اڳتي (2019ع)، (4) طوفان ۾ ڪکائون گهر (2020ع)، (5) اميد جو ڪِرڻو (2021ع)، ۽ (6) نئون مثال (2022ع).

ڊرامن جا ڪتاب: (1) اڇي رات ڪارو چنڊ (ٽِي وِي ڊراما سيريز) (2016ع)، (2) سامين سمر سور (ٽي وي ڊراما سيريل) (2018ع)، ۽ (3) اوڌر جي ماءُ (ٽي وي ڊراما) (2022ع).

ڪوِتا ناول: (1) مسافتون ياد جون (2013ع).

ترجمو ٿيل ڪتاب: (1) Fluttering Feelings (2011ع. ”اکيون آلا چنڊ“، ”عاشورا آهن“ ۽ ”ڀَڳو آرس اکڙين“ مان چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ترجمو: ڄام جمالي)، (2) مسافتيں ياد کي (2015ع. ڪوِتا ناول جو اردو ترجمو: ننگر چنا)، (3) تيسرا لباس (2020ع. ”ميندي لھڻ کان اڳ ۾“ جي ڪھاڻين جو اردو ترجمو: ننگر چنا)، (4) دنيا سے آگے (2020ع. ”دنيا کان اڳتي“ ۾ شامل ڪھاڻين جو اردو ترجمو: ننگر چنا)، (5) Ray of Hope (2021ع. ڪھاڻين جي مجموعن ”ميندي لھڻ کان اڳ ۾“، ”سئو لفظ سئو ڪھاڻيون“، ”دنيا کان اڳتي“، ”طوفان ۾ ڪکائون گهر“ ۽ ”اميد جو ڪِرڻو“ مان مختلف ڪھاڻين جو انگريزي ترجمو، مختلف مترجمن پاران)، ۽ (6) طوفان ميں جھوپڑي (2022ع. ”طوفان ۾ ڪکائون گهر“۾ شامل ڪھاڻين جو اردو ترجمو: ننگر چنا).

هيءَ سٺي ڳالهه آهي، ته محمد علي پٺاڻ جو نه صرف پنھنجن تخليقي ڪتابن جي ڇپائڻ تي ڌيان آهي، پر هُو انهن جا ترجما پڻ ڪرائيندو اچي پيو. انهن ترجمن جِي ڪَٿ به اڳتي هلي ضرور ٿيندي ۽ انهن جو قدر ٿيندو.

***

محمد علي پٺاڻ جو لکيل هيءُ ايڪويھون تخليقي ڪتابُ ”روشنيءَ راهون“ پنھنجيءَ نوعيت موجب ڇپجندڙ سندس پھريون ڪتاب آهي، جنھن ۾ 2 عدد ’پيش لفظ‘ ۽ 17 ’مھاڳ‘ سھيڙيل آهن، جيڪي محمد علي پٺاڻ صاحب ڏهن شعري ۽ نوَن نثري ڪتابن تي لکيا آهن.

اڳتي وڌڻ کان اڳ ٻه چار لفظ ’پيش لفظ‘ (foreword) ۽ ’مھاڳ‘ (preface) بابت لکڻ ضروري ٿو سمجهان، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ سنڌي ڪتابن ۾ انهن لفظن جي وچ ۾ موجود فرق کي غير ضروري ڄاتو ويو آهي ۽ ٻنهي اصطلاحن (terms) کي هڪٻئي جا مترادف سمجهي، انهن جي معنوي فرق کي درگذر ڪيو ويو آهي. انهن اصطلاحن بابت جڏهن ”سنڌي-انگريزي“ يا ”انگريزي-سنڌي“ لغتن ۾ ڏسجي ٿو، ته اتي پڻ مغالطو نظر اچي ٿو. پرمانند ميوا رام جي جوڙيل معروف ”انگلش-سنڌي ڊڪشنري“ (ٽيون ڇاپو 1994ع) ۾ ’Foreword جون معنائون ’مھاڳ ۽ ڀُومڪا‘ ڄاڻايل آهن، جڏهن ته ’Preface‘ جون معنائون ’منڍ، ديباچو، مقدمه، آڀاس، ڀومڪا، مَھَندُ‘ لکيون ويون آهن. حيدر بخش عزيز گوپانگ جي جوڙيل ”سنڌيڪا ڊڪشنري: سنڌي-انگريزي“ (پھريون ڇاپو 2008ع) ۾ ’پيش لفظ‘ ته درج ناهي، باقي ’مھاڳ‘ لاءِ ’Preface‘ لکيل آهي. مشھور ”اوڪسفرڊ انگريزي سنڌي ڊڪشنري“ (پھريون ڇاپو 2010ع) ۾ ’Foreword جون معنائون ’ڪتاب جو مھاڳ، ڀُومڪا، ليکڪ کان سواءِ ٻئي ڪنھن جو لکيل پيش لفظ، ديباچو‘ ڄاڻايل آهن، جڏهن ته ’Preface‘ جون معنائون ’ڪتاب جو تعارفي مھاڳ، ڪتاب جو ديباچو جنھن ۾ اُن جي موضوع ۽ اهميت جو بيان هجي‘ لکيون ويون آهن. ”اوڪسفرڊ ڊڪشنريءَ“ جي مٿين معنائن ۾ لِيڪ ڏنل فقرو ته صحيح لکيو ويو آهي، پر ’preface‘ ۾ وري اڻ چِٽائي رکي وئي آهي يا ان کي آزاد ڇڏيو ويو آهي ته مصنف پاڻ لکي يا ٻيو ڪو ليکڪ به ڀلي لکي! مختيار احمد ملاح جي جوڙيل ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“ (ڇاپو پھريون 2015ع) ۾ ’پيش لفظ‘ جي داخلا ته آهي، پر ’مھاڳ‘ جي موجود ناهي. اتي ’پيش لفظ‘ بابت هيءَ داخلا ملي ٿي: ”پيش لفظ (Preface): پيش لفظ کي ’مھاڳ‘ به سڏيو ويندو آهي جنھن ۾ ليکڪ يا ڪو ٻيو اديب پنھنجي ڪتاب جي سلسلي ۾ ضروري وضاحت ۽ لکڻ جي ضروري ڄاڻ ڏيندو آهي.“ ان لغت ۾ ’مھاڳ‘ جي داخلا آندل ناهي، البت ’پيش لفظ‘ جو مترادف ’preface ۽ مھاڳ‘ لکيا ويا آهن!

’پيش لفظ‘ ۽ ’مھاڳ‘ يا ’foreword‘ ۽ ’preface‘ جي ڏنل انهن وصفن ۾ مُنجهائڻ جو پورو پورو انتظام ڪيل آهي. ان ڪري، مون ضروري ڄاتو ته انٽرنيٽ تي ٻنهي اصطلاحن کي جاچيو وڃي. ان سلسلي ۾ خاص طور ”dictionary.com“ تي ’foreword‘ (پيش لفظ) جي هيٺين وصف ملي:

“A short introductory statement in a published work, as a book, especially when written by someone other than the author.”

يعني: ”ڪتاب طور ڇپيل تصنيف ۾ مختصر تعارفي بيان، خاص ڪري جيڪو مصنف کان سواءِ ڪنھن ٻئي پاران لکيو ويو هجي.“

اهڙيءَ طرح ”dictionary.com“ تي ’preface‘ (مھاڳ) جي هيٺين وصف ملي:

“A preliminary statement in a book by the book's author or editor, setting forth its purpose and scope, expressing acknowledgment of assistance from others, etc.

يعني: ”ڪتاب ۾ مصنف يا ايڊيٽر پاران ابتدائي بيان، جنھن ۾ ان جو مقصد ۽ وسعت  ٻڌايل هجي ۽ ٻين پاران ڪيل سھڪار جي آگاهي ڏنل هجي.“

مٿين ٻنهي وصفن ۾ به ليڪيل لفظ ڌيان لھڻن ٿا.

سنڌي ڪتابن ۾ شامل ’پيش لفظن‘ ۽ ’مھاڳن‘ کي گهڻي ڀاڱي ڪتابن جي مصنفن کان سواءِ ٻين ليکڪن لکيو آهي ۽ مصنفن ’پنھنجي پاران‘ جو اصطلاح گهڻي ڀاڱي ڪتب آندو آهي. منھنجي خيال ۾، هاڻي اسان کي انهن اصطلاحن جي صحيح واهپي طرف ڌيان ڏئي بين الاقوامي طور انهن اصطلاحن جي مفھوم پٽاندر، ’پيش لفظ‘ ۽ ’مھاڳ‘ جو اصطلاح ڪتب آڻڻ گهرجي.

اها ڄاڻ پڻ انٽرنيٽ تان حاصل ٿي ته ڪتاب ۾ پھريائين ’پيش لفظ‘ ۽ پوءِ ’مھاڳ‘ رکڻ گهرجي، جنھن کان پوءِ ’تعارف‘ (introduction) ڏجي (جيڪڏهن ڏيڻو آهي ته). ’مھاڳ‘ جيئن ته ليکڪ پاران هوندو آهي، ان ڪري اهو مختصر هجي يعني هڪَ يا ٻن صفحن تي مشتمل هئڻ گهرجي، جنھن ۾ مصنف پاران پڙهندڙن واسطي ڪي ضروري نُڪتا/ڳالهيون ڄاڻايل هجن. جڏهن ته ’پيش لفظ‘ ۾ ڪتاب ۽ مصنف جو تعارف، اهميت، ڪارج وغيره بابت لکڻ گهرجي، جنھن ۾ مصنف سان ذاتي لاڳاپن ۽ ڪتاب سان پنھنجي وابستگيءَ جي باري ۾ به لکي سگهجي ٿو.

هاڻ اچون ٿا محمد علي پٺاڻ جي لکيل ’پيش لفظن‘ ۽ ’مھاڳن‘ تي. انهن جو تفصيل هن ريت آهي:

شاعريءَ جا ڪتاب:

(1)  اوسيئڙو ۽ آس (شاعر: جبار تاثير سومرو)

(2)  سنڌو ڌارا (شاعر: ڊاڪٽر ظفر پيرزادو)

(3)  درد سان گفتگو (شاعر: منٺار سولنگي)

(4)  اکيون ڏيلا مَنُ گهايل (شاعر: مُرلي ڌر)

(5)  ڪِرچيون ڪِرچيون اُڌما (شاعر: مُرلي ڌر)

(6)  لُڙڪن جي زبان (شاعر: عبدالحق ساريو)

(7)  ڳوڙها ڳوڙها ڳل (شاعر: مور مغيري)

(8)  هلي آ يار ڪاڇي ۾ (شاعر: نور حسين ڪلهوڙو)

(9)  جدائي جي جزيري تي (شاعر: شھمير سومرو)

(10)خيال (شاعر: زيد پيرزادو)

ڪھاڻين جا ڪتاب:

(1)  انور پيرزادي جون ڪھاڻيون (ڪھاڻيڪار: انور پيرزادو)

(2)  نفيس خواب ريشمي خواهشون (ڪھاڻيڪار: بادل جمالي)

(3)  ماءُ منھنجو جندڙو (ڪھاڻيڪار: جھان آرا سومرو)

ناولن جا ڪتاب:

(1)  ننڍڙو چنڊ (ناول نويس: انور ابڙو)

(2)  دنيا دم درياهه (ناول نويس: دادلو زهراڻي)

ڪالمن جا ڪتاب:

(1)  تاريخ ڳالهائي ٿي (راوي: سوڀو گيانچنداڻي، لکندڙ: محمد علي پٺاڻ)

(2)  رپورٽر جي ڊائري (ليکڪ: مرتضى ڪلهوڙو)

ناوليٽ جو ڪتاب:

(1) ٽي ناوليٽ (ليکڪ: روشن علي تنيو)

ڪتابن تي تبصرن جو ڪتاب:

(1) محبت پائي من ۾ (مبصر: سرمد کوسو)

انهن ڪتابن مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ بادل جماليءَ جي ڪتابن تي ’پيش لفظ‘ جو عنوان آهي، باقي ٻين سڀني ڪتابن تي ’مھاڳ‘ ڄاڻايو ويو آهي.

شاعريءَ جي ڪتابن جا مھاڳ لکڻ ۾ محمد علي پٺاڻ شاعريءَ بابت پنھنجي مطالعي، علمي ڄاڻ ۽ ڇنڊڇاڻ کي خوب ڪتب آندو آهي. هن انهن مھاڳن ۾ شاعريءَ بابت ڪيترائي خوبصورت ۽ اهم رايا ڏنا آهن، جن جي ترتيب سان شاعريءَ جي وصفن ۽ سمجهاڻيءَ بابت هڪ مضمون به جُڙي سگهي ٿو. اهي رايا انهن مھاڳن ۾ سُونھندڙ اضافو ڪندڙ آهن. مثال طور ڊاڪٽر ظفر پيرزادي جي شعري مجموعي جي مھاڳ ۾، محمد علي پٺاڻ شاعراڻي ماحول کي چِٽِڻ کان پوءِ شاعريءَ بابت ڏاڍي پياري ڳالهه لکي آهي ته:

شاعري ڪائنات جي جُزَ سان ڪُلَ وانگر ڳنڍيل آهي، سڏ سان پڙاڏي جيان شامل آهي ۽ ساھَه سان پَساھَه وانگر گڏ آهي.“

اهڙيءَ طرح، منٺار سولنگيءَ جي شعري مجموعي جي مھاڳ ۾ هيٺيون رايو ڏسجي:

”شاعري اتانھين عشق جي چوٽَ ۽ پيار جي وڇوڙي واري روح کي رسيل زخم جي گھِري عميق واري غم مان جنم وٺي ٿي. تڏهن ئي ھن کي وڍيلن جي ’وائي‘ ۽ ’ڪُٺلن‘ جي ڪوڪارَ پڻ سمجهيو ۽ چيو ويندو آهي. ھي پين پنو ھٿ ۾ کڻي لکڻ سان نه لکجندي آهي، پر پاڻ مُرادو الائي ڪھڙي دنيا مان دانھُنِ ۽ ڪُوڪُنِ جا جَھان کڻي طوفاني لھر بڻجي اڏندي ايندي آهي ۽ پنن جي ڍنڍ پاڻيءَ تي پکين جيان لھي اھڙيون اھڙيون پُرِ سوزِ ٻوليون ٻوليندي آهي، جيڪي آوازن جي ڪائنات کي جرڪائي جهومائينديون آھن ۽ سازن کي ڳولي پاڻ سان رَلائي، سر مستيءَ ۽ وَجَدَ ۾ آڻي ڇڏينديون آهن.

يعني شاعري عشق جي تقاضا ڪندڙ آهي. ان ۾ وڇوڙو اڻٽر آهي، جيڪو ڏک ۽ درد سان گھرو تعلق جوڙي ٿو. شاعري زور جي ميندي ناهي پر اڻ ڏٺي جھان مان اڀري اچي ٿي ۽ ساز ۽ سوز جو سنگم آهي. اهڙيءَ طرح مور مغيري جي شعري مجموعي جي مھاڳ ۾ محمد علي پٺاڻ لکي ٿو:

”شاعري ڪائناتي ڏک جو نوحو آهي. مسلسل وسڪاري کان پوءِ اُڀ تي نمودار ٿيندڙ انڊلٺي رنگن جو پرتوو آهي. جذبن جي آويءَ ۾ جلندڙ ۽ پڄرندڙ دلين جي دانھن آهي. ڪويل جي پرسوز ڪوڪ آهي، جيڪا المين جي اڪيچار ڪيفيتن مان جنم وٺي، ڪنھن اهڙي دل مٿان ئي مھربان ٿي ان سان پنھنجي نينھن جو ناتو ڳنڍيندي آهي، جيڪا حياتيءَ جي سفر ۾ ڳوڙهن جي ننڍڙي ڍنڍ کي پاڻ ۾ سمائي هلندي آهي، ٻئي جي اهنجن کي پنھنجو ڪري ليکيندي آهي ۽ هر وک جو سفر سورن جي سمر سان ڪندي آهي.“

ڏک شاعريءَ جي سگهه آهي، ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ تاثير تڏهن ٿو اچي جڏهن اها ڏکن کي پنھنجو محور بڻائي ٿي. جيئن شھمير سومري جي شعري مجموعي جي مھاڳ ۾ محمد علي پٺاڻ لکيو آهي ته:

”شاعريءَ جي دنيا جو خاص محور ڏک آهي ۽ جڏهن ڏک شاعر جي اندر جي ڪائنات کي ڏنءُ ڏيندا آهن، ته هن جي خيالن جا جھانَ ڏونگرن ۾ ڀڀڙ ٿي ڀڙڪندا آهن. جنھن کان پوءِ لفظ پڪن گهڙن جيان راس ٿي پنن تي ٻيڙين جو روپ وٺي سانوڻ جي سنڌوءَ ۾ جهومندا ۽ ترندا پنھنجي منزلن جو پنڌ ڪندا آهن. ان لاءِ نه ڪنھن سونھين جي ضرورت هوندي آهي، نه ناکئي جي. سڀڪجهه پاڻ مرادو ٿي وڃي دنگ تي رسندو آهي ۽ شاعري پنھنجي ڪاڪ محل کي، شاعر جي ڳچيءَ ۾ راڻي جي ڪاميابيءَ جي مالها پھرائي گد گد ٿيندي آهي.“

يا ڊاڪٽر مرلي ڌر جي شعري مجموعي جي مھاڳ ۾ ڏکن جي اثر جي حوالي سان محمد علي پٺاڻ لکي ٿو:

”ڪيئي ڏک آهن، تڙپ جون ڪيفيتون آهن، دانھون آهن، ڪوڪون آهن، ڳوڙها آهن، پارَ، اوسارا آهن، جيڪي هر وقت ڪنھن انتھائي حساس دل رکندڙ شاعر جي دل ۾ مانڌاڻ مچائيندا رهندا آهن. هو ڪنھن بيگناهه جي مٿان ڪا آپدا، ڇِپَ ڪريل ڏسندو آهي، ته هن کي ڪنھن ٻئي جي نه، پنھنجي دل ئي سورائتو ڪندي آهي. ان ڇِپَ جي هيٺان دٻيل محسوس ڪرائيندي آهي. تڏهن پيڙا اکرن جو ويس ڍڪي، ٽِمِ ٽِمِ ٽانڊاڻا بڻجي، شاعر جي تخليق جي ڪائنات کي جلترنگ بڻائي عيان ڪندي آهي.“

ڏک ته ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ به آهي، تڙپ، دانھون ۽ ڪُوڪُون ته ناٽڪن ۽ مضمونن ۾ به آهن، پر جڏهن اهي ئي ڏکَ مڪمل نفاست ۽ لطافت سان شاعريءَ سان سلهاڙجن ٿا، ته شاعريءَ جي جماليات اڳيان اڀري اچي ٿي. ان حوالي سان محمد علي پٺاڻُ ڊاڪٽر مرلي ڌر جي پھرئين شعري مجموعي جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته:

”شاعري نفاست، نزاڪت ۽ لطافت جي گهرجائو هوندي آهي. جنھن جي سِرجڻھاري مرحلي ۾ شعور کان وڌيڪ لاشعور جو عمل دخل هوندو آهي، جيڪو فڪر جي به پَلٽان پَلِٽَ ڪندو آهي، ته فن جو ڏوريون به ڇِڪي وڃي ان کي پنھنجي منزل تي رسائيندو آهي. جي ڪنھن شاعر جي سرگرميءَ ۾ ان ڪشمڪش جو اولڙو شامل نه هوندو آهي، ته پوءِ اهڙي شاعريءَ کي سطحي ٻوليءَ ۾ ’ڊکاڻڪي‘ سان ڀيٽ ڏني ويندي آهي.“

پر شاعري مڃتا ۽ قبوليت به آهي. اها جيئن ڪنھن شاعر جي وجود ۾ اچي پنھنجو خاص لب و لھجو پڌرو ڪري ٿي، تيئن ان شاعر کي به مڃتا جي رِڻَ ۽ رُڃَ مان ٻاهر ڪڍي اچي ٿي. اسان جي پياري شاعر آسي زمينيءَ ڪھڙو نه خوبصورت بيت چيو آهي:

مون مڃتا جي رُڃ ۾، ڦَٽيا پنھنجا پيرَ،

ليڪن ديرِ سويرَ، پَٽيُون ٻَڌيون شاعريءَ.

شاعري درد جو تدارڪ ته آهي، پر محمد علي پٺاڻ جي لفظن ۾ شاعري عارضي پَڻي کان مستقل پَڻي ڏانھن سفر ڪرڻ جو ذريعو به آهي. هُو ان بابت جبار تاثير سومري جي شعري مجموعي جي مھاڳ ۾ لکي ٿو:

”شاعريءَ جي ديوي جو سفر به زندگيءَ وانگي اک ڇنڀ جو سفر هوندو آهي، جيڪا سُرَ جا سورهن  ئي سينگار ڪري، پر ڪيف هوا جي ڪلهن تي چڙهي الائي ڪٿان کان ’ڇَنِ... ڇَنن... ڇَن...‘ ڪندي  اوچتو شاعر جي دل ۽ دماغ جا دروازا کولي هڪدم مٿس سرمستيءَ جي ڪيفيت طاري ڪري پنن تي پنھنجي رقص جا اڻمٽ پيرا ڇڏي ساڳيءَ هوا ۾ تحليل ٿي زمين ۽ آسمان جي وسعتن ۾ گم ٿي  ويندي آهي. ان اک ڇنڀ ۾ شاعر اڏجي ويندو آهي. سندس نالي جي تاريخ جو سفر صدين جي سفر سان سلهاڙجي ويندو آهي ۽ هن جي عارضي زندگي، ابدي زندگيءَ جو اعزاز ماڻي وٺندي آهي.

اهڙيءَ طرح شاعر داخليت سان گڏ خارجيت کي به پنھنجي تَڪ تور ۾ رکندو آهي. هن جي نظرن آڏو پنھنجي تڪليف سان گڏ زماني جي تڪليف به نروار هوندي آهي. جنھن جي نتيجي ۾ هو ٻنهي تڪليفن کي هڪٻئي سان ڳوهي، اَهنجن کي سڀ لاءِ قابل قبول بڻائيندو آهي. زيد پيرزادي جي شعري مجموعي جي مھاڳ ۾ محمد علي پٺاڻ ان توازن کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

”شاعر جتي پاڻ جھڙن ٻين انسانن جي دردن کي پنھنجي محسوسات جي رت ۾ ملائي ۽ سمائي انهن جو اظھار ڪرڻ لازمي ۽ ضروري سمجهندو آهي، اتي پنھنجي سورن جون سوين صورتون به پڙهندڙن آڏو عيان ڪرڻ پاڻ تي فرض سمجهندو آهي. بعد ۾ پڙهندڙ هن جي خارجي ۽ داخلي احساسن کي پنھنجي سوچ جي ساهميءَ ۾ توري تڪي فيصلو ڪندو آهي، ته هو اظھار جي انهن ٻنهي پُڙَنِ ۾ ڪيترو توازن برقرار رکڻ جي سگهه رکي ٿو.“

محمد علي پٺاڻ پاڻ هڪ بھترين شاعر آهي، ان ڪري هُن نه صرف شاعريءَ جي باري ۾ پنھنجن مھاڳن ۾ لکيو آهي، پر انهن شعري ڳُٽڪن ۾ پيش ڪيل مختلف صنفن بابت به فني طور لکڻ سان گڏ فڪري طور شعرن جو مطالعو ڪندي، شعرن جي وڌ ۾ وڌ خوبين کي نروار ڪيو آهي. هن نه صرف انهن مھاڳن ۾، مختلف شعرن ۾ سمايل خيالن جي خوبصورتين جي عڪاسي ڪئي آهي پر اڻ سڌيءَ طرح ڄڻ ته قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان شاعر جي ٻِي شاعريءَ کي پڻ پيار ۽ پنھنجائپ سان پڙهيو وڃي. ٻِي اهم ڳالهه اها به آهي ته محمد علي پٺاڻ پنھنجي نُڪتي نظر ۾ واضح آهي. هيٺ ان حوالي سان ڪي مثال ڏجن ٿا:

·     ”هي ڪتاب [”اوسيئڙو ۽ آس“]، جنهن ۾ رڳو ئي غزل واري صنف کي شامل ڪيو ويو آهي، تنھن جو شروع کان آخر تائين مطالعو ڪندي سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا منھنجي اڳيان پھريان پھريان عيان ٿي، سا سائين جبار ’تاثير‘ جو سادو ۽ سلوڻو اظھار آهي. هو پنهنجي بيان کي لفظن جي علامتي يا تجريدي پوش پارائڻ بجاءِ سڌو سنئون ڪري پڙهندڙ کي آڇي ٿو، جنھن کي سمجهڻ لاءِ هر عمر جي ماڻهوءَ کي ذهن تي ذري جيترو به زور ڏيڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي.“ (جبار تاثير سومري جي شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ھر سِٽَ ۾ شاعر نه رڳو خيال کي اھميت ڏئي ھڪ طرفي شاعراڻي اُڏام ڪئي آهي، پر جيئن ڪو اوستو عمارت سازي ڪندي ھر سِرَ ڏورِ رکي، رکندو ويندو آهي، ائين ئي سائين ظفر پيرزادي به لفظ لفظ کي رڌم ۾ رکي، ڪَڙو منجهه ڪَڙي، لوھارَ جيان لَپيٽي گڏوگڏ شاعريءَ جي فني گهرجن جو به پورائو ڪيو آهي. (ڊاڪٽر ظفر پيرزادي جي شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ”ڦوهه جوانيءَ تي پھچندي ھُو [منٺار سولنگي] ’ڪُھنه مشق‘ شاعر جو مقام ماڻي چڪو هو ۽ ھن جي شاعري پَڪي گهڙي جي وَڄَتِ جو روپ وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجڻ لڳي ھئي.“ . (منٺار سولنگيءَ جي شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ڊاڪٽر مرلي ڌر جي شاعريءَ جو ڳوڙھو اڀياس ڪندي مون ھن جي بيان ۾ خاص ڪماليت اھا به ڏٺي آهي ته هو تمام ڏکين ۽ خوفناڪ موضوعن کي ڏاڍن نرم ۽ نفيس لفظن سان سينگاري ۽ گلڪاري ڪري اھڙي ته انوکي نموني پيش ڪري ٿو، جو ھڪ طرف ھن جي اھا فنڪاري موھي وجهي ٿي ته ٻئي طرف ھن جو لھجو پنھنجو ڪرڻ ۾ دير نه ٿو ڪري.“ (مرلي ڌر جي پھرئين شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ”ڊاڪٽر مرلي ڌر به اسان جو اهڙو ئي تعارف رکندڙ شاعر آهي، جنھن پنھنجي اظھار جو دڳ پنھنجي زخميل خيالن کان ورتو آهي، جنهن، روايتي شاعريءَ جو پيچرو نه وٺي به ثابت ڪيو آهي، ته هو شاعر آهي- ۽ اهڙو شاعر آهي، جنھن جي ڏات کي مڃتا سُورن جي ديس جون هوائون گد گد ٿيندي پاڻ مرادو يا خودبخود ڏينديون رهنديون آهن.“ (مرلي ڌر جي ٻئي شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ”نثري نظم جي هيءَ صنف، جنھن کي منھنجو استاد انور پيرزادو ’خيال جي شاعري‘ ڪوٺيندو هو ۽ جنھن سان عبدالحق پنھنجو ناتو ساهه جي تند ٽٽڻ تائين جَرَ ۽ پکيءَ وارو رکيو، ان ۾ هن پنھنجي اڻکٽ سورن جون ۽ پيار واري جذبي جون سوين صورتون اڀاريون آهن ۽ پنھنجن خيالن کي لھرن وانگر لکين لباس پھرايا آهن، جنھن جو اندازو انتھائي نويڪلائيءَ ۾ هن جو زير نظر ڪتاب پڙهندي بار بار ٿئي ٿو.“ (عبدالحق ساريي جي شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ”وزن بحر جي پورائي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها لڳاءَ سبب مور مغيريءَ جي شاعريءَ ۾ جنھن سليقي سان لفظ لڙهيءَ ۾ پوئيل لڳن ٿا، ان ئي نموني تجنيس حرفيءَ جي سونهن به جا بجا پکڙيل محسوس ٿئي ٿي. گڏوگڏ خيالن کي پنھنجي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ انهن ۾ روانيءَ واري خوبيءَ کي برقرار رکڻ ۾ به هن جون صلاحيتون پنھنجو مَٽُ پاڻ ئي آهن.“ (مور مغيريءَ جي شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ”ايڏي وڏي ڪاڇي جي ذري پرزي ۾ آرڪيالاجيءَ جي لڪل خزانن، حسين ماڳ مڪانن، وهي ايندڙ نئين ۽ ٻين انيڪ لقائن ۽ حقيقتن جا پراسرار داستان سھنجن ۽ سولن لفظن جي موهيندڙ مانڊاڻ ۾ بيان ڪرڻ لاءِ هن ڪتاب جي تخليق جو ظھور ٿيو آهي، جنھن لاءِ نور حسين ڪلهوڙي شاعراڻين ادائن ۽ مستين سان ڪنھن به اهڙي شيءِ جي ذڪر کان غفلت نه ڪئي آهي، جيڪا ڪاڇي سان واسطو رکي ٿي يا لاڳاپيل آهي ۽ اهو سڀڪجهه هن نه رڳو وڏي عقل ريزي سان تحقيق جا جهنگ وارا ڏکيا رستا، لڪ، لڪيون ۽ پيچرا لتاڙي قلمبند ڪيو آهي، پر ان ۾ عشق جي آڳ سمائي ان کي آفاقي بڻائڻ جو به وڏو جُھد ڪيو آهي.“ (نور حسين ڪلهوڙي جي شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ”هن جا لفظ خيالن جون جھوپڙيون ٺاهي پاڻ ئي انهن جا ڏيئا بڻجي پون ٿا، جنھن جي سوجهري ۾ پڙهندڙ جو مَنُ مست ٿي رقص ڪرڻ لڳي ٿو ۽ آسپاس جي دنيا کي تَرڪ ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو... رچنا جي پنھنجي ۽ بنهين مختلف رڻ ۾ ٽاڪ منجھند به هو پنھنجي ٿو تخليق ڪري، ته ڇانوَ وارا وڻ به پنھنجي ئي اکرن مان ٿو پيدا ڪري. ڪنہن به ٻئي شاعر جي پيرن تي پير ڌري، ان جو پيچرو وٺي شاعري ڪرڻ هن جي خمير ۾ شامل ناهي.“ (شھمير سومري جي شعري مجموعي جو مھاڳ)

·     ”زيد پيرزادو پنھنجي شاعريءَ ۾ خيالن جي نواڻ ۽ اظھار جي جُداري دڳ تي هلڻ سان گڏ ’روشن خياليءَ‘ واري منزل کي اکين جي ماڻڪين ۾ ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان سانڍڻ کان ڪٿي به غافل نه ٿو ٿئي، جيڪا هن کي شاعرن جي ڊگهي قافلي ۾ ٻه ٽَڪا اڃا وڌيڪ نمايان ڪري ٿي.“ (زيد پيرزادي جي شعري مجموعي جو مھاڳ)

انهن مھاڳن ۾ ٻيو ته سڀ اکين تي، پر محمد علي پٺاڻ پنھنجيءَ اتساهڪ طبيعت جي ڪري، نه صرف شاعرن جي سَنهين ٿُلهين فني کوٽن ۽ فڪري ڪمزورين کي نظر انداز ته ڪيو آهي جيڪا وري به خير جي ڳالهه آهي، پر ڪن هنڌن تي هن واکاڻ کي ايڏي ته مٿاهين پد تي پھچايو آهي، جو حيرت ٿي ٿئي! اميد رکي سگهجي ٿي، ته آئنده هُو ان پاسي خاص ڌيان ڏيندو ۽ جيڪو جيترو حق لھڻي ٿو، ان کي اوترو ڏيندو، ڇاڪاڻ ته حتمي طور تي ته اسان کي وري به جوابدار سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ڏانھن ئي رهڻو آهي.

هن ڪتاب ”روشنيءَ راهون“ ۾ ڪھاڻين جي ٽن ڪتابن جا مھاڳ شامل آهن، جن ۾ انور پيرزادي، بادل جماليءَ ۽ جھان آرا سومرو جي ڪھاڻين جا مجموعا شامل آهن. ٽئي سنڌي ادب جا اهم نالا. جھڙيون سندن ڪھاڻيون بھترين ۽ سنڌي ادب جي افسانوي ادب جو سرمايو آهن، اهڙا ئي سندر ۽ مطالعاتي مھاڳ محمد علي پٺاڻ لکيا آهن، جن ۾ هُن انهن مجموعن جي چونڊ ڪھاڻين جي موضوعن، پلاٽن، ڪردارن ۽ ٻين فني گهرجن کي بھترين طريقي سان جائزي هيٺ آندو آهي. انهن مھاڳن جي اڀياس سان نوَن ڪھاڻيڪارن جي ڏاڍي سٺي رهنمائي پڻ ٿئي ٿي. اهو سڀ ڪجهه محمد علي پٺاڻ ان ڪري سٺيءَ طرح لکي سگهيو آهي، جو هُو پاڻ به هڪ بھترين ڪھاڻيڪار آهي، مسلسل ڪھاڻيون لکندو ۽ پڙهندو رهيو آهي ۽ ڪھاڻيءَ جي نبض تي سندس آڱر هوندي آهي.

هيٺ، ڪھاڻين جي ڪتابن تي لکيل ٽنهي مھاڳن مان ٽي پئراگراف پيش ڪجن ٿا، ته جيئن ان حوالي سان محمد علي پٺاڻ جي تجزيي جي جهلڪ يا تجلو ڏسي سگهجي:

انور پيرزادي جي ڪھاڻين بابت مجموعي رايو: ”هي ڪھاڻيون، جن کي لکيي ذري گهٽ پنجاهه ورهيه گذري چڪا آهن، سي جڏهن اڄوڪي زماني ۾ پڙهجن ٿيون ۽ انهن ۾ بيان ڪيل مسئلن ۽ ڳالهين تي غور ويچار ڪجي ٿو، ته توڙي جو وقت جي وڇوٽيءَ جو شدت سان احساس به ٿئي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي ائين ئي لڳي ٿو، ته هي اڄوڪي دور جون ئي ڪھاڻيون آهن، جن جي ماحول ۾ جيڪڏهن ٿورو گهڻو فرق آيو به آهي، ته اهو موبائيل، انٽرنيٽ جو ئي آيو آهي، نه ته لڳ ڀڳ حالتون اڄ به هوبھو ان دور جھڙيون ۽ ساڳيون ئي آهن، ڇو ته وقت اسان وٽ بدليو ناهي ۽ حالتن جي ڦيري سان ان جو ڳانڍپو ٿي نه سگهيو آهي.“

بادل جماليءَ جي ٽائيٽل ڪھاڻيءَ ”نفيس خواب ريشمي خواهشون“ بابت رايو: ”مجموعي جي اڪثر ڪھاڻين جيان توڙي جو هيءَ به طوالت رکي ٿي، پر هن جي به جادوئي لکت پڙهندڙ جي اکين کي جھڙوڪر اک ڇنڀ ۾ باهه جي حد نگاهه تائين ٻرندڙ وڏي جهنگل کي پار ڪري اچڻ ۾ مددگار بڻجي ٿي. ويتر بادل جماليءَ هر لفظ ۽ جملي ۾ ’سندس منھن تي پوندڙ ۽ اِميج کي اوهڙو ئي رکندڙ‘ جذبن ۽ احساسن جو مانڊاڻ سجائي ۽ تشبيھن جي ڊيڪوريشن ڪري ان طرح جو ئي قلعو فتح ڪيو آهي، جيڪو سندس قلم جي ڪمال کي هن ڪھاڻيءَ جي حوالي سان به ادب جي تاريخ ۾ اوچي پَدَ تي وٺي وڃڻ ۾ رتيءَ برابر فرق نٿو آڻي.“

جھان آرا سومرو جي ڪھاڻين بابت مجموعي رايو: ”ڪتاب جي ٻين [ڪھاڻين] ’عزت تو نه ڳالهايو‘،’ڪلپنا ۽ جيون ڌارا‘ توڙي ’ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻرين‘ ۽ ٽائيٽل ڪھاڻي ’ماءُ منھنجو جندڙو‘ سان گڏ ’آيل آئون ڪيئن جيئندي‘، ’لالوءَ جو سنگ‘، ’مئي جي ڪوسي چلڪڻي اس زندگي‘ ۽ ’ڪھڙي جنت ماءُ جي قدمن ھيٺان آهي‘ تائين سڀ جون سڀ منفرد موضوعن، ٻولي ۽ اسلوب ۾ ’جداگانه‘ ۽ ’پنھنجو مَٽُ پاڻ‘ واري حيثيت رکندڙ ڪھاڻيون اديءَ جي نالي ۽ حوالي سان پنھنجي يادن جي’آرٽ گيلري‘ ۾ تاحيات سجائڻ جو موقعو ماڻيندي اھا پڪ، اطمينان ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته ھي ڪھاڻي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ ۾ چند اعليٰ مقام وارن ڪھاڻي ڪتابن ۾ شمارجڻ جو اعزاز سدائين حاصل ڪندو رھندو ۽ ڪيترين ئي پي ايڇ ڊي ڊگرين جو ايندڙ وقت ۾ محرڪ ضرور بڻبو.

انهن ٽنهي ڪھاڻيڪارن مان، سائين انور پيرزادي سان ته محمد علي پٺاڻ جي خاص ويجهڙائي رهي ۽ سندس شخصيت کان هُو گهڻو متاثر رهيو، جنھن جو هڪ اظھارُ پيارَ منجهان سندس لکيل هيٺئين پئراگراف مان ڀرپوريت سان ٿئي ٿو:

”سنڌ جي ذري پرزي سان ڀٽائي سرڪار جھڙو عشق ڪندڙ ۽ هر وقت ان مٿان ساهه گهورڻ جھڙو جذبو رکندڙ، ويھين ۽ ايڪويھين صديءَ جي وڏي قد وارو جديد کان جديد، روشن خيال دانشور، شاعريءَ ۾ اسڪول آف ٿاٽ جو حوالو بڻيل، شاهه جو مثالي پارکو، بھترين ڪالم نگار، محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ اينٿروپالاجسٽ، نج ڳوٺاڻو، دل جو ڪونئرو، سخي، هر ماڻهوءَ کي ڀاءُ سمجهي انهن جي ڏک تي روئي پوندڙ ۽ سندن ڀرجهلو ٿيڻ ۾ هر جوکم سر تي کڻندڙ ڌڱ مڙس، منھنجو رهبر دوست، ساٿي ۽ ماءُ جھڙو حقيقي ۽ سچو پيار ڏيندڙ انور پيرزادو صاحب اڻڳڻين خوبين جو مالڪ هو.“

اهڙيءَ طرح بادل جماليءَ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ خاص زور بار، ايلاز ۽ منٿون ڪري ۽ مسلسل رابطا رکي، کانئس محمد علي پٺاڻ ٻيھر ڪھاڻيون لکرايون، جن کي پڻ سندس اڳ لکيل ڪھاڻين جيان ڀرپور موٽ ملي. حقيقت ۾ اها محمد علي پٺاڻ ۾ خاص خوبي آهي ته هو اديبن کان ٻيھر ڪھاڻيون، ڪالم ۽ آتم ڪٿائون لکرائڻ ۾ ڪاميابيون ماڻيندو رهيو آهي، جنھن ۾ ٻيو خاص نالو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو آهي، جنھن جو ذڪر اڳتي ايندو. بادل جماليءَ جڏهن نئين سر ڪھاڻيءَ جي دنيا ۾ پير ڌري، ڪھاڻي مڪمل ڪئي، ته فون تي ئي محمد عليءَ کي ٻڌائي، جنھن جي ڪٿا پڻ ”هڪ ڪھاڻيءَ“ جھڙو روپ ئي رکي ٿي. ڏسو:

”هُن ڪھاڻي شروع ڪئي. پڙهندو ويو، پڙهندو ويو. اڌ تائين پھتو، ته ٻنهي گڏجي سڏڪو ڀريو. کن لاءِ بيٺو. پاڻ سنڀالي وري اڳتي هليو. رڪيو. رنو. روئاريائين. پڄاڻيءَ جي جملي تي ٻئي وٺجي وياسين. ڳپل مھل روئندا رهياسين.“

ساڳيءَ ريت، جڏهن مئڊم جھان آرا سومرو رٽائر ڪيو، ته سندس مانَ ۾ محمد علي پٺاڻ دوستن سان گڏجي ساڻس پھرين رهاڻ رچائي ۽ کيس ڪھاڻين جو ڪتاب سھيڙڻ جي گذارش ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ سندس پھريون مجموعو ”ماءُ منھنجو جندڙو“ سھيڙجي پڌرو ٿيو.

محمد علي پٺاڻ جي هن مھاڳن جي ڪتاب ۾ ٻه مھاڳ، انور ابڙي ۽ دادلي زهراڻي جي ناولن تي به شامل آهن. انهن ناولن جي مھاڳن ۾ پڻ محمد علي پٺاڻ ناولن جو سٺو تجزيو لکڻ سميت ناول نگارن کي خراج پيش ڪيو آهي. هُن انور ابڙي جي ناول ”ننڍڙو چنڊ“ جي مھاڳ ۾، پھريائين ناول جي مرڪزي خيال کي بيان ڪري، پوءِ ناول جي خوبين کي بلڪل جامع طريقي سان ٻڌايو آهي، جنھن سان پڙهندڙن جِي ناول پڙهڻ ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. ان مھاڳ جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته منجهس ڪا به ڊيگهه ڪيل نه ٿي ٿئي ۽ ناول جي متن تي ئي مرڪوز ٿيل آهي. هُو ناول بابت لکي ٿو:

”[ننڍڙو چنڊ] جي ڪھاڻي ليکڪ خيالي ۽ تصوراتي سَگهه ذريعي نه جوڙي آهي، نه ئي ديوَن پَرِيُنِ ۽ بادشاھن، شھزادن ۽ شھزادين جي غير حقيقي ۽ عقل کان ماوِرا ڳالهين کي پنھنجي انداز ۾ ناول جي تاڃي پيٽي ۾ شامل ڪيو اَٿائين. ھر ڳالهه ۽ رَوايت کان ھٽي ھُنَ ھِنَ ناول جو دَڳُ ئي نئون ۽ پنھنجو ٺاھيو آهي، جيڪو پھريٽي پُٽَ عَنيق جي جنم کان وٺي ان جي پنجن سالن جي عمر کي رَسڻ تائين وارن واقعن، ٺينگن ٽَپَنِ، نَيُنِ نَيُنِ حرڪتن، معصوم معصوم سوالن ۽ عجيب عجيب ڳالهين جي تخليقي انداز ۽ جُداگانه ترتيب جي گُلن ٻوٽن سان سينگاريل آهي، جنھن ۾ فوٽو گرافڪ سُونھَن جا جَلوا به نظر اچن ٿا ته بيحد ئي سليقي سان سادي نوعَ ۽ روايتي رنگ روپ ۽ ڊيلَ ڊولَ ۾ پڙھندڙ اڳيان دل ۾ گَهر ڪري ويھندڙ ۽ دلچسپ قصو ۽ ڪھاڻي به آهي. ھن [ناول] ۾ شامل عَنيق جي مختصر سوانح جي سلسليوار واقعن ۽ ڳالهين پڙهڻ کان پوءِ انھن تي ٿورو به غور ويچار ڪجي ٿو، ته بظاهر ته اُھي ٻاراڻي نوعَ جا محسوس ٿِين ٿا، پر پنھنجي روحَ ۾ اُھي ھڪ ’نئين انسان‘ کي ڪيئن ھُجڻ گهُرجي؟، خاص طور ان جي اوسر جي حوالي سان ڏاڍا ئي اھم، چُڀندڙ ۽ ڪنھن گَھِري فڪري پس منظر سان سلهاڙيل نظر اچن ٿا.

ٻيو مھاڳ، جيڪو دادلي زهراڻيءَ جي ناول ”دنيا دم درياهه“ تي لکيل آهي، جيتوڻيڪ گهڻين يادگيرين کي بيان ڪري ٿو، جيڪو نه هئڻ گهرجي ها، پر جڏهن ناول تي اچي ٿو، ته ڪيئي تُز ڳالهيون اسان جي آڏو آڻي ٿو، جنھن سان ناول بابت هڪ خاڪو اسان جي ذهن ۾ اُڀري اچي ٿو، جھڙوڪ:

”’مھراڻ‘ جي سڀئي وصفين سھڻي ۽ سگهڙ ڪردار کي کڻي ناول نگارُ لوڪ ڪٿا جو انداز اپنائي آهستي آهستي اسان جي چَؤطرف پکڙيل سماجي براين وارين ٻھراڙين، انهن ۾ ٿيندڙ اجهاڳ ناانصافين، ڏاڍاين، ناسھپن، ناڪامين، نا اميدن، انائن، انتقامن ۽ اهڙين اهڙين اگرين ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ حقيقتن تان پردو کڻندو وڃي ٿو، جيڪي صدين کان وٺي سنڌ جي قومي تشخص کي نڀاڳ جي نائِي ٿي چھٽي پيون آهن، ان جي اڇي اجري پيشانيءَ تي بدنما داغ ٿي پيون آهن.“

محمد علي پٺاڻ جو هڪ مھاڳُ معروف ڪھاڻيڪار روشن علي تنيي جي ناوليٽن تي به لکيل آهي جيڪي ”ٽي ناوليٽ“ جي عنوان سان سھيڙجي شايع ٿيا. روشن علي تنيي سان پھرينءَ ملاقات جي يادگيري ڏاڍي وڻندڙ انداز ۾، خاڪي جي طرز تي، محمد علي پٺاڻ لکي آهي جيڪا پڻ محسوس ٿي ڪرائي ته روشن علي تنيو به ڄڻ ته ڪنھن ڪھاڻيءَ/ناول جو هڪ ڪردار ئي هو. ڏسو:

”ستر جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ پنھنجي شاعر دوست واجد جي صحبت ۾ لاڙڪاڻي جي ’فيض هوٽل‘ ۾ هن سان ڪيل پھرين ملاقات اڄ به منھنجي اکين کان اوجهل ناهي ٿي. واجد هن جو تعارف ’نسيم کرل کان پوءِ وڏيرو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار‘ چئي ڪرايو هو. قدآور، وڏا ڪارا ڪلهن تائين لڙڪندڙ وارَ، جن ۾ تيل پيل ۽ سڌي سينڌ نڪتل. اکين ۾ عقابي جوهَه ۽ گھرِي پري تائين چٽو ڏسندڙ نظر. مُنھن تي ٻاجهه ڀري مرڪ. پينٽ شرٽ ۾ ملبوس. مُٺِ ۾ دکيل پَنَ جي ٻيڙي. جنھن مان وڏا وڏا ڪَشَ هڻي هُو جڏهن ڪنھن به موضوع تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري رهيو هو ته سندس ڳالهين ۾ سنڌيءَ جا ٺيٺ ۽ سھڻا لفظ ڪَرَ کڻي ڄڻ ته پنھنجو نئون تعارف ڪرائي رهيا هئا.“

مٿئين مھاڳ ۾ محمد علي پٺاڻ ٽنهي ناوليٽن بابت الڳ الڳ ڏاڍي سٺيءَ طرح لکيو آهي، جنھن کان پوءِ پڇاڙيءَ ۾ هن ريت جامع نموني پڄاڻيءَ تي مھاڳ کي رَسايو آهي:

”ٽن ناوليٽن جو هي گڏيل ڪتاب مون کي پڪ آهي ته روشن علي تنيي صاحب جي ڪھاڻين جي يادگار ۽ شاهڪار ڪتاب ’منڇر ٻڏي ويو‘ کان پوءِ ڏات ۽ ڏانءَ جي مثالي سنگم جو حوالو ٿي ڪنھن املهه ۽ سدا حيات ڪتاب طور هر دؤر جي سنڌي ادب جي پڙهندڙن جي ذهنن کي ضرور سيراب ڪندو رهندو.“

شاعريءَ ۽ افسانوي ادب جي ڪتابن کان سواءِ ٻه مھاڳ ڪالمن جي ڪتابن تي به آهن، جن مان هڪُ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪتاب  ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ تي ۽ ٻيو مرتضى ڪلهوڙي جي ڪتاب ”رپورٽر جي ڊائري“ تي آهي.

ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي شخصيت ويھين صديءَ جي سياسي طور تي انتھائي متحرڪ ۽ اهم شخصيت رهي آهي، جنھن جي سوشلسٽ سياسي اڳواڻ سان گڏ ترقي پسند اديب طور سڃاڻپ پڻ آهي، پر هُو ڪنھن به سبب، لکڻ کان ڇڄي ويو هو. اها محمد علي پٺاڻ جي ڪاوش ۽ مسلسل ڪوشش ئي هئي، جنھنڪري هن محمد عليءَ سان ’هائوڪار‘ ڪئي، جنھن بعد ’راوي‘ بڻجي ڪامريڊ سوڀو ڳالهائيندو ويندو هو ۽ محمد علي لکندو ويندو هو، جنھن تي پوءِ ڪامريڊ سوڀو نظرثاني ڪندو هو، ۽ پوءِ اهو ’ڪالم‘ اخبار ۾ ڇپجندو هو. هُو پنھنجي ان جاکوڙ بابت لکي ٿو:

اُھو سوڀو، جنھن دنيا جي آمرن سان ٽڪر کائي پنھنجي بھادريءَ جا نوان مثال قائم ڪيا ھئا، جنھن جيلن جي بند سيخن پٺيان رتوڇاڻ ٿيندي به حوصلو نه ھاريو ھو، اُھو سوڀو اڄڪلهه خاموش آهي. ھن جي خاموشي تنھن زماني کان ئي منھنجي ذھن جو ھڪ اھڙو سوال بڻجي وئي، جنھن جي جواب جي حاصلات لاءِ مون کي خود ئي جاکوڙڻو پيو ۽ ڪامريڊ جي ڪڍ لُنگُ ٻڌي ان سفر جو سانباھو ڪرڻو پيو، جنھن تان موٽڻ مِھڻو ليکيو ويندو آهي ۽ مايوس ٿيڻ اھڙو طعنو، جيڪو تَرار جي زبري ڌڪ کان به وڌيڪ زورائتو محسوس ڪيو ويندو آهي.

ان ريت، محمد علي پٺاڻ جي جاکوڙ جي نتيجي ۾، سنڌي ماڻهن سان ”تاريخ ڳالهائيندي هئي.“ ڪامريڊ سوڀي جا اهي ڪالم پوءِ ”تاريخ جا وساريل سبق“ (1992ع) ۽ ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ (1994ع) عنوانن سان سھيڙجي ڇپيا. نه صرف اهي اڻ ڳڻيا ڪالم، پر ڪامريڊ جي آتم ڪٿا ”روشنيءَ جي پنڌ ۾“ (2013ع) کي قلمبند ڪرڻ واري اِن ’تاريخي‘ ڪردار نڀائڻ تي، حقيقت ۾، محمد علي پٺاڻ کي سلام آهي، جنھن پنھنجي پوري سچائيءَ ۽ وابستگيءَ سان هڪ اڻ ٿِيڻو ۽ انتھائي اهم ڪم ڪري ڏيکاريو. ان محنت جو قدرُ ڪامريڊ سوڀي ان ريت ڪيو، ته هُن آتم ڪٿا جي ڪتاب جِي ارپنا محمد علي پٺاڻ جي نالي ڪئي، پر ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ جو مھاڳ لکڻ جو ڪم به محمد علي پٺاڻ کي سونپيو، جنھن کي هُن سٺيءَ طرح نڀايو. محمد علي پٺاڻ مھاڳ ۾ لکي ٿو:

”ھنن ڪالمن ۾، جيڪي ڪامريڊ سوڀو مون کي چوندو ويو ۽ مان لکندو ويس، سي پڙهڻ کان پوءِ توهان به يقينن منھنجي ان راءِ سان سھمت ٿيندا ته ھِي ان ذھن جي خيالن، عقل ۽ شعور جو نچوڙ آهن، جيڪو سنڌ جي حالتن تي ئي نه، پر دنيا جي ڦيرين گهيرين تي به گھري نظر رکي ٿو. منجهيل ماڻهن کي واٽون ٻڌائي ٿو ۽ ستلن کي ڌونڌاڙي جاڳائي ٿو.“

مرتضى ڪلهوڙي جي ڪتاب ”رپورٽر جي ڊائري“ جي مھاڳ ۾ محمد علي پٺاڻ تاثراتي نموني پڻ خيالن جو اظھار ڪيو آهي. مثال طور محمد علي لکي ٿو: ”هُو کِلي ته ڪائنات جهمريون هڻي. ڪنھن ڳالهه تي رُسامو يا ڪو انگل ڪري روئي پوي، ته سڀ ڏک جي چادر ۾ ويڙهجي وڃن. هڪدم هن کي راضي ڪرڻ جا جَتَن شروع، ۽ تيستائين سُڪون نه اچين، جيستائين وري نه مُرڪي.“ مرتضى سان محمد علي پٺاڻ جو نه صرف انتھائي قريبي تعلق رهيو آهي، پر هن جي ادبي ۽ صحافتي اوسر ۾ به سندس ڪردار آهي، جنھن جي ڪٿا مھاڳ ۾ مطالع ڪري سگهجي ٿي. هُو مرتضى جي ڪتاب بابت لکي ٿو:

”’رپورٽر جي ڊائري‘ نالي واري سندس هِن ڪالمن جي ڪتاب ۾ هُو پنھنجي سچائيءَ ۽ دردمند دل سان اکر اکر جي آئيني ۾ نمايان نظر اچي پيو. هر ڪالم هن جو ڌار تعارف ڪرائي ٿو، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ اوهان بي ڌڙڪ ٿي اها راءِ قائم ڪندا، ته واقعي هُن پنھنجي قلم جي حرمت جو مانُ ۽ شانُ مٿانھون ڪيو آهي.“

محمد علي پٺاڻ جي هن ڪتب ۾ شامل هڪ مھاڳ سرمد کوسي جي ڪتاب ”محبت پائي من ۾“ تي به آهي جنھن ۾ مختلف ڪتابن تي تبصرا ڇپيل آهن. تبصرو پڻ تنقيد جو هڪ قسم آهي، ان ڪري اهڙا ڪتاب پڻ تنقيد جي موضوع ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. ان ڪتاب جي حوالي سان محمد علي لکي ٿو:

”ان جي هڪ هڪ سِٽَ ۽ ورق ورق ۾ هن جي ذهين هجڻ جو عڪس نمايان آهي. هُن هي تبصرا آڱر ڪٽائي شھيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نه ڪيا آهن، پر ان ذميواريءَ کي پنھنجي ذهن تي انتھائي سنجيدگيءَ سان سوار ڪري ڪيا آهن، ته جيئن هلندڙ وقت جي ماڻهن/پڙهندڙن آڏو اها ڳالهه روز روشن ٿي بيھي ته اسان جا قلمڪار ڪنھن به ريت دنيا جي قلمڪارن جي سٿ کان هر حساب ۽ ڪَٿ ۾ پوئتي بيٺل نه آهن.“

 ان ريت ”روشنيءَ راهون“ جي نالي سان پيش ڪيل هيءُ ڪتاب پنھنجي موضوع ۽ مواد ۾ تنقيد جي شعبي ۾ اهميت وارو ڪتاب آهي، جنھن ذريعي 19 مختلف ڪتابن جو مطالعو اسان جي اڳيان اچي ٿو. ان مطالعي ۾ نثر ۽ نظم جون مختلف صنفون شامل آهن، جن جي فني اڀياس سان گڏ فڪري ڇنڊڇاڻ ۽ وياکاڻ ڪئي وئي آهي. گڏوگڏ انهن پيش لفظن ۽ مھاڳن ۾ ڪيئي ادبي يادگيريون، تاثر ۽ واقعا پڻ مطالع ڪري سگهجن ٿا. محمد علي پٺاڻ انهن ’مطالعن‘ ۾ ان ڪري به ڪامياب ويو آهي جو هن جو تعلق سنڌ جي اهم ۽ سينئر ادبي شخصيتن سان رهيو آهي، جن وٽان هن گهڻو ڪجهه تعميري تنقيد جي لحاظ کان پِرايو آهي. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ پڻ تنقيدي ڪلاسن جو ڪارج به اهو ئي هوندو آهي ته سٺي لکت جي ساراهه ڪئي وڃي ۽ جتي جتي اصلاح جي گهرج آهي، اتي ان جي نيڪ نيتيءَ سان صلاح ڏني وڃي.

سنڌي ادبي سنگت کي به هڪ اداري طور محمد علي پٺاڻ پنھنجن پيش لفظن ۽ مھاڳن ۾ هر ان هنڌ تي ياد رکيو آهي ۽ ان جو ذڪر پوري اهميت سان ڪيو آهي جتي ڪنھن به شخصيت جي ادبي اوسر ۾ ان اداري جو ڪردار رهيو آهي يا ان جي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ اديبن جي لکڻين کي سنوارڻ سان گڏ انهن کي مڃتا به ملي آهي، پوءِ اها هن جي پنھنجي شخصيت هجي يا ٻين اديبن جي. اهڙا ڪيئي مثال هتي ڏئي سگهجن ٿا، پر صرف هڪ مثال، بادل جمالي جي ڪتاب تي لکيل مھاڳ مان ڏيڻ تي اڪتفا ڪجي ٿي:

”زندگيءَ جي ڪيترن ئي لاهن چاڙهن مان گذري ۽ مختلف شوقن جي پورائي جا خواب ڏسندي اچانڪ ڪنھن دوست سان گڏجي بادل جماليءَ سنڌي ادبي سنگت، ڪراچيءَ ۾ پير ڌريو، ته ڪھاڻي لکڻ جي نئين شوق هن کي ٻڌي ٻارِ ۾ وڌو. جتان پاند نه پسائڻ جو پاڻ سان عھد ڪري ’خيرات‘ نالي سان پھرين ڪھاڻي لکي اتي ئي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ تنقيد لاءِ دل ڪشادي ڪري پيش ڪيائين، ته تاج بلوچ ۽ انور پيرزادي کان ويندي هر سڄاڻ اديب ۽ شاعر هن جي اندر جي فنڪار ۽ تخليقڪار کي تنقيد جي تارازيءَ ۾ پاءُ گلن سان توري، ساراهه جي سڳي ۾ پوئي، مالها بڻائي، ايڏي ته پيار ۽ پاٻوهه سان سندس ڳچيءَ ۾ پارائي، جو خوشيءَ جي سرهاڻ هن جي مَنُ کي ته ان ذريعي معطر ڪري ئي ڪري وئي، پر هميشه لاءِ اهڙي خوشي حاصل ڪرڻ جي جنون ۾ قابو ڪندي، متوالو بڻائي ڇڏيو.“

مانائتو محمد علي پٺاڻ جنھن ترتيب سان پنھنجا ڪتاب سھيڙيندو ۽ ڇپرائيندو وڃي پيو، ان تي کيس تمام گهڻيون مبارڪون پيش ڪيان ٿو. هِن موقعي تي، مان پنھنجي لکيل ’پيش لفظ‘ جي پڄاڻي، سائين محمد علي پٺاڻ کي اِن گذارش سان ڪرڻ گهران ٿو، ته هُو پنھنجي ستت ايندڙ ڪتابن جي فھرست ۾ ٻن قسمن جي ڪتابن کي ضرور شامل ڪري: (1) شخصيتن بابت لکيل تاثر، خاڪا ۽ انهن جي ادبي ڪم جا اڀياس، ۽ (2) اديبن ۽ عالمن ڏانھن لکيل ۽ سندن آيل خطن جا مجموعا. پڪ اٿم ته اهي ڪتاب پڻ سنڌي ادب ۾ بھترين اضافو ۽ پڙهندڙن لاءِ ملهائتو تحفو ثابت ٿيندا.

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

12 ڊسمبر 2022ع

لاڙڪاڻو

No comments:

Post a Comment