06/03/2023

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي تصوير (تاثراتي لفظ) - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

 ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

نوجوان ۽ لائق محقق دوست

ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو

(ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي جي ڪتاب ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي تصوير“ تي محبت منجهان لکيل تاثراتي لفظ)

علي جان جو نالو به پيارو ۽ دل وارو، ته پاڻ به پيارو ۽ دلبر دوست آهي. سُٺي نموني، شانَ ۽ مانَ سان ڳالهائيندڙ به، ته ورتاءُ ڪندڙ به. سندس ڳالهائڻ ۾ پنھنجائپ ڀرپوريت سان سمايل هوندي آهي، ته ساڻُ هوندي، سندس اُٿا ويٺيءَ ۽ قرب-ڪچھريءَ مان سِڪ ۽ ساٿ به پيو پاڻ پَسائيندو آهي. پاڻ، سنگت ۾ هر طرح ميٺ محبت سان هلندڙ ۽ ملنسار شخصيت جو مالڪ آهي. سندس دل ۽ زبان جي ٻوليءَ ۾، انڪار جي ٻوليءَ بدران اقرار جي ٻولي لفظ لفظ منجهان اڀري ايندي آهي. هن جي ورتاءَ ۾ شامل آهي ته جتي به، جيترو به، سندس وَس ۽ اختيار هلندڙ هوندو، اوترو وس ۽ اختيار هلائيندو، جتي ۽ جيتري به ڪوشش سندس وس ۽ اختيار ۾ هوندي، اوتري ڪوشش ضرور ڪندو، ته جيئن دوست، يار، سنگت، ساٿيءَ، مِٽ، مائٽ، اوڙي پاڙي ۽ واسطي واري جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ واسطي رُڪيل يا اٽڪيل ڪم، روڪَ ۽ اَٽڪ مان نڪري، اڳتي وڌي ۽ نبري سگهي. پر جيڪڏهن ڪو اوپرو ۽ اڻڄاڻ ماڻهو به هن جي مدد جو گهرجائو هوندو، ته هو ضرور سندس ڪم اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو سندس سڀاءَ ۾ شامل آهي. مون ڏٺو آهي ته هو پنھنجي سِر تي ڏکيائي سھڻ ته برداشت ڪري ويندو آهي، پر دوست جي سِر تي ڏکيائي سَھي نه سگهندو آهي.

مون کي خوشي آهي، ته علي جان جو ڪٽنب منھنجي شھر قنبر جي ڳوٺ ”دفر ٻرڙا“ سان تعلق رکندڙ آهي. سندس والد صاحب، محمد خان ٻرڙو، ايم اي (سياسيات) ۽ ايل ايل بِي، هڪ لائق فائق انسان ۽ سابقه جج آهي ۽ هاڻ وڪالت پيو ڪري، جنھن پنھنجن ٻارن جي بھترين تعليم ۽ تربيت ڪئي آهي. سندس وڏو ڀاءُ، ڊاڪٽر حاڪم علي ٻرڙو پڻ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ نامور محقق آهي. سندس ننڍن ڀائرن مان طفيل احمد ٻرڙو ايم اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بِي آهي ۽ وڪالت پيو ڪري، فراز حسين ٻرڙو بِي اِي ڪمپيوٽر سائنس ڪيل ۽ ڪمپيوٽر انجنيئر آهي ۽ شيراز حسين ٻرڙو ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان وڪالت پڙهي پيو، ۽ پاڻَ علي جان 3-فيبروري 1982ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هُن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم قنبر مان 2001ع ۾ پِرائڻ کان پوءِ، گريجوئيشن، ماسٽرس ۽ ڊاڪٽريٽ (پي ايڇ ڊي) سنڌيءَ ۾، 2017ع ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ڪئي آهي. جڏهن ته بي ايڊ پڻ 2012ع ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي آهي ۽ گذريل پنجن سالن کان بيڪن هائوس پاران هلندڙ اسڪول ”دَ ايجوڪيٽرس“ ۾، سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي. هُو ان کان اڳ، ڪانٽريڪٽ تي ٻه ڀيرا ـــــ نومبر 2009 کان ڊسمبر 2010ع تائين ۽ جنوري 2013ع کان ڊسمبر 2015ع تائين ـــــ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد طور پڙهائي چڪو آهي. ٻين لفظن ۾، هيءُ سڄو ڪٽنب تعليم، علم، ادب ۽ قانون سان لاڳاپيل آهي. هيءُ اهو ڪٽنب آهي، جنھن ڪراچيءَ کي لڳ ڀڳ گذريل اڌ صديءَ کان مستقل طور پنھنجو ڪيو آهي ۽ ڊوميسائيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ اتان جا ئي ٺھرايا آهن، جنھن تي کين جَس ۽ مبارڪباد هجي.

مون کي اها پڻ خوشي آهي، ته علي جان منھنجو سٺو دوست آهي، جيتوڻيڪ هُو مون سان ننڍي ڀاءُ وانگر پڻ پيش ايندو آهي. جيڪڏهن هُو وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي عبدالحق ڪئمپس ۾ واقع سنڌي شعبي ۾ 2013ع دوران مقرر نه هجي ها، ته شايد مان، سندس اتساهه بنا، اُتي، پياري سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي وٽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ داخلا به نه وٺان ها، جيڪو اُن وقت سنڌي شعبي جو چيئرمئن هو. مان ان ڏُک جو اظھار پوريءَ طرح نه ٿو ڪري سگهان جيڪو ڊاڪٽر ڪمال صاحب جي اوچتي وڇوڙي سبب، 16 ڊسمبر 2020ع تي، اسان سڀني کي سَھڻو پيو. سنڌي شعبي ۾ علي جان جي مقرر هئڻ جي ڪري، اتي پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل ڪندڙ اسان سڀني دوستن جا انتظامي معاملا علي جان ئي اڳتي وڌائيندو هو ۽ اسان جا ڪاغذ پَٽ سنڀاليندو ۽ چالان وغيره جمع ڪرائيندو هو، جنھنڪري اسان جِي انهن سڀني جهنجهٽن مان جند آجي هئي. ان کان سواءِ، هُو ڊاڪٽر ڪمال صاحب جو، سنڌي شعبي ۾ هر لحاظ کان ٻانھن ٻيلي ۽ سنڌي شعبي جي ڇماهي تحقيقي جرنل ”ڪارونجهر“ جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. منھنجي خيال ۾، سنڌي شعبي مان سندس عليحدگي، شعبي جي لاءِ بيحد نقصانڪار ثابت ٿي.

ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي جو تحقيقي کيتر ۾ پير پائڻ کان اڳ ۾ لڳاءُ شاعريءَ ۽ افسانوي ادب سان رهيو آهي. هن جا سرجيل شعر هڪ ڪشش رکندڙ آهن، ته لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪھاڻيون پڻ وڻندڙ آهن. جڏهن ته هُن  ڏهاڪو کن ڊراما اسٽريٽ ڪرائيم تي لکيا آهن. منھنجي نظر ۾ هن جو پختو پاسو تحقيق جو آهي، جيڪو سندس مقالن ۽ مضمونن مان پڌرو آهي.

تحقيقي کيتر ۾ ڊاڪٽر علي جان جو اهم ترين ڪم سندس پي ايڇ ڊي جو لکيل تحقيقي مقالو آهي، جنھن جو عنوان ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي تصوير“ آهي. اسان وٽ ”ورهاڱو“ (Partition) هڪ اصطلاح (term) جي حيثيت رکي ٿو يعني آگسٽ 1947ع ۾، ننڍي کنڊ جو ورهاڱو، جنھن ۾ هندستان جي ورڇ ٿي، پاڪستان قائم ٿيو جنھن ۾ سنڌ شامل ٿي، ۽ انگريز-راڄ جِي ننڍي کنڊ ۾ پڄاڻي ٿي. ان ورهاڱي سنڌ واسين کي پڻ ورهائي ڇڏيو ۽ هتان هزارين سنڌي، هندو مذهب جي ڪري، پنھنجي سنڌ ڌرتي ڇڏڻ ۽ لڏڻ تي مجبور ٿيا. انهن سنڌ ڇڏيندڙ هِندن ۾ پڙهيل لکيل ۽ ليکڪ هندو اديب پڻ شامل هئا، جنھن سبب هتي سنڌ ۾ وڏو ادبي ۽ تعليمي خال پيدا ٿيو ۽ سنڌي ادب کي نئين سِر شروعات ڪرڻي پئي. ان پس منظر ۾ جيڪي اثر سنڌي سماج تي پيا ۽ انهن جو اظھار سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ڪيو ويو، هن مقالي ۾ انهن ٻنهي ڳالهين جو زبردست اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. مثال طور، باب پھرئين ۾ سماج جي ڇنڊڇاڻ سميت ڪھاڻيءَ جي سماج تي اثرن ۽ سماجي تبديليءَ ۾ ڪھاڻيءَ جي ڪردار کي بيان ڪيو ويو آهي، جھڙوڪ: ”سماج ۾ جڏهن به ڪا نواڻ ڪا نئين سوچ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ان ۾ پھرين ڪھاڻي جو يا قصي جو سھارو ورتو ويو آهي.“ باب ٻئي ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي افساني جا 1947ع کان وٺي 2014ع تائين ٽي دَور مقرر ڪري، هر دَور جو اڀياس ڏنو آهي. ٽئين باب ۾ سنڌي سماج جي 30 ڪھاڻيڪارن ۽ پنجن ڪھاڻيڪارائن جي ڪھاڻين جو تجزيو پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو هن مقالي جو اهم ڀاڱو آهي. چوٿين باب ”طبقاتي ڪشمڪش“ ۾، طبقي کي واضح ڪرڻ کان پوءِ سنڌي سماج جي ٽن طبقن جو مطالعو ڪرڻ دوران، مختلف ڪھاڻيڪارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن انهن طبقن کي پنھنجين ڪھاڻين ۾ آندو آهي. پنجون باب ”ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي تصوير“ ڄڻ ته حاصل مطلب باب آهي، جنھن ۾  مختلف مسئلن، جھڙوڪ سياسي، سماجي، مذهبي، قومي، عورتن، ڪارخانيدارن، پورهيتن ۽ هارين جا مسئلا شامل آهن، تن جو ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين ۾ اڀياس ڪيو ويو آهي. مثال طور، ”سماجي مسئلا“ واري عنوان هيٺ، قمر شھباز جي هڪ ڪھاڻيءَ ”راڄي جو روح“ جي حوالي سان، علي جان لکي ٿو: ” سنڌي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڪھاڻيون لکيون ويون آهن، جن کي پڙهڻ سان سماج جي حقيقي تصوير اکين اڳيان اڀري اچي ٿي. هڪ سجاڳ ليکڪ پنھنجي سماج سان مڪمل طور ذميوار هوندو آهي. هو پنھنجي سماج جي خوبين، خامين، رهڻي ڪھڻي ۽ ثقافت کان مڪمل طور واقف هوندو آهي، ۽ پنھنجي تحريرن ۾ پنھنجي سماج جي مڪمل عڪاسي ڪندو آهي. ائين قمر شھباز جي ڪھاڻي راڄيءَ جو روح سنڌي سماج جي عڪاسي آهي، جنھن ۾ هڪ پير، معصوم نياڻي سان زيادتي ڪندي کيس قتل ڪري وجهي ٿو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بي وس نظر اچن ٿا، اها اسان جي سماج جي حقيقي تصوير آهي جنھن ۾ قانون هميشه اميرن جي حاضري ڀريندو آهي ۽ غريب کي ڪاٺ جي گهاڻي ۾ پيٺو ويندو آهي. هن ڪھاڻي ۾ سنڌي سماج جي جھالت جي به ڀرپور عڪاسي ملي ٿي.“ آخري ڇھون باب ”نتيجن“ تي مشتمل آهي، جيڪي تحقيقي مقالي جو لازمي حصو هوندا آهن، جن ۾ سڄيءَ تحقيق جو تت ڏنو ويندو آهي. مثال طور هڪ نتيجو هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: ”هن تحقيق مان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته سنڌي ڪھاڻيءَ جو دامن وسيع کان وسيع تر ۽ ڪشادو آهي، جنھن ۾ اسان کي ڀانت ڀانت جون موضوعاتي ڪھاڻيون ملن ٿيون، جھڙوڪ: پير پرستيءَ، وهم پرستيءَ، رجعت پسنديءَ ۽ مدي خارج ريتن ۽ رسمن جي خلاف مجاهداڻه مھاڏو اٽڪائيندي نظر اچي ٿي. ته وري ٻئي پاسي پنھنجي ڌرتيءَ سان محبت، ننگ ۽ دنگ جي حفاظت، تھذيب ۽ تمدن سان گڏ پنھنجي ٻوليءَ کي بچائيندي قومي تشخص لاءِ مورچا بند پڻ ٿئي ٿي. جڏهن ته هاري، ناري، پورهيت، ڌنار، مزدور سان گڏ بيھندي زميندار، ڪمدار، ڀوتار، جاگيردار ۽ سرمائيدار خلاف ڏاٽا اڀا ڪري ٿي.“ بھرحال، ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي جو لکيل هيءُ تحقيقي مقالو سنڌي ڪھاڻيءَ جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ان جي اڀياس سان موجوده سنڌي ڪھاڻيڪارن کي نوان گس ۽ ڏس معلوم ٿيندا جن تي اڳتي وڌي، هُو سنڌي ڪھاڻيءَ کي وڌيڪ مٿڀري سطح تي آڻي سگهن ٿا.

پڇاڙيءَ ۾، مان پنھنجي ننڍي ڀاءُ جھڙي پياري دوست، ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي کي تمام گهڻيون مبارڪون پيش ٿو ڪريان، جنھن وڏي محنت ۽ وسيع اڀياس سان هيءُ تحقيقي مقالو لکيو آهي. مون کي خوشي آهي، ته ان مقالي تي هڪ نظر وجهڻ ۽ لي آئوٽ ٺاهڻ ۾ منھنجون محنتون به شامل آهن، جنھن سان ان مقالي جي ڪتابي بيھڪ تي سيڙايل منھنجو وقت پڻ لاڀائتو ٿيو آهي ۽ مقالي جو اڀياسُ منھنجي علم ۽ سمجهه ۾ واڌاري جو سبب بڻيو آهي.

سدائين گڏ،

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

7 جولاءِ 2021ع، لاڙڪاڻو

No comments:

Post a Comment