19/05/2025

”جديد سنڌي ناول“ - مختصر رايو / ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

 رايو: ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

جديد سنڌي ناول“ - مختصر رايو 


سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ نئين ٽھيءَ جي ليکڪه صنم جاگيراڻيءَ سان منھنجي پھرين ملاقات گذريل اياز ميلي ۾، ڊسمبر 2024ع ۾، خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي ادبي هال ۾ ٿي، جتي مان، پنھنجن ويجهن دوستن احسان دانش، فياض لطيف ۽ دولت رام کتريءَ سان ڪچھري ڪري رهيو هيم. ان موقعي تي، هوءَ هوا جي جهوٽي جيان آئي، ۽ پنھنجي استاد ڊاڪٽر فياض لطيف کي پنھنجو شايع ٿيل ڪتاب ”جديد سنڌي ناول“ [تنقيدي اڀياس] ڏيڻ سميت اسان کي به عنايت ڪيائين. اسان کيس مھرباني چئي ۽ يادگيريءَ طور ڪتاب جي مھورتي تصوير ڪڍي سين.

مھينو کن گذري ويو، مان پنھنجي ٿيسز جي فائنل سيٽنگ مان آجو ٿيس، ته مطالعي جي اوسيئڙي ۾ رکيل ڪتابن مان، سندس ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪيم. هيءُ ڪتاب منھنجي پياري دوست ساجد سنڌيءَ پاران سندس اداري سمبارا پبليڪيشن پاران 2024ع ۾ پڌرو ڪيل ۽ صرف 96 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي تقاضا هوندي آهي ته اهو پڙهيو وڃي، ۽ تحفي طور يا اعزازي مليل ڪتاب کي ته ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪنھن مثبت نسبت سان ئي ملندو آهي.

هيءُ ڪتاب ”جديد سنڌي ناول“ مون سڄو پڙهي ورتو آهي. هِن ڪتاب ۾ جيئن ته الڳ الڳ ناولن بابت لکيو ويو، ان ڪري مون به ان کي مختلف ويھڪن ۾ پڙهي پورو ڪيو. ڪتاب ۾ مختلف ناولن جي اڀياس کان اڳ ”اداري پاران“ ساجد سنڌيءَ، ”مھاڳ: سنڌي ناول: ڪلهه ۽ اڄ“ اختر حفيظ، ”جديد سنڌي ناول“ عبيد ٿھيم ۽ ”پنھنجي پاران: اندر جنين اڌ“ صنم جاگيراڻيءَ پاران لکيل آهي.

ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل ڊاڪٽر نواب ڪاڪا جو لکيل آهي، جنھن ۾ هن لکيو آهي ته صنم جاگيراڻي سنجيده ۽ گهڻ رخو مطالعو ڪندڙ شاگردياڻي رهي آهي.

پنھنجي پاران“ ۾ صنم لکيو آهي، ته سندس لکڻ جي شروعات 2008ع ۾ ٿي. هوءَ لکي ٿي: ”مون لکڻ ان وقت شروع ڪيو، جڏهن منھنجو اندر اڌ ٿي چڪو هيو.“ (ص 20) هن اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته هُن سنڌي شعبي سنڌي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي، ايم اي جو مونوگراف ”ڊاڪٽر درشھوار سيد جي علمي ۽ ادبي ڪم جو جائزو“ عنوان سان لکيو. اهو پڻ لکيو اٿائين ته هُن 2019ع کان مختلف ناولن تي تنقيدي مضمون لکڻ شروع ڪيا. (ص 21)

ڪتاب ۾ شامل ليکَن مان پھريون ليک ”جديد سنڌي ناول جا موضوع ۽ لاڙا“ عنوان سان آهي، جنھن ۾ اِيڪو فڪشن ناول، ميٽا لٽريچر/ميٽا فڪشن، ڊيسٽوپين ناول اصطلاحن کي ڪتب آڻيندي مختصراً لکيو ويو آهي. اهو مضمون موضوع جو تعارف پوريءَ طرح پيش ڪندڙ هجي ها ته بھتر ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته ان بعد 14 ناولن تي الڳ الڳ لکيو ويو آهي، جن ۾: ”اجهاميو ٻران“، ”ڪتا“، ”ڪراچي ڪالنگ“، ”هاويه“، ”ڪيفي ادب“، ”آمري“، ”وڻ“، ”موکي“، ”عشق تمام برهه تمام“، ”آخري اسٽيشن“، ”ريگل چوڪ“، ”مس ڪال“، ”بي خوف هوائون“ ۽ ”الي“ شامل آهن. اهي مضمون جيئن ته ’اخباري اسپيس‘ کي ڌيان ۾ رکي لکيل آهن، ان ڪري تفصيلي اڀياس کان وانجهيل آهن، ۽ عام طور ڪتاب جي چئن، پنجن، ڇھن صفحن تي مشتمل آهن، تڏهن به انهن ۾ ناولن بابت جامع تعارفي تبصرو ڪيل آهي، جنھن ۾ ناولن جي ڪھاڻين، پلاٽن، ڪردارن، گفتگوءَ، ماحول، منظر وغيره سان گڏ ڪن ناولن مان چونڊ جملا پڻ ڏنل آهن، جنھن سان ناول جو مواد اڳيان اچي ٿو. منجهن ڪٿي ڪٿي تنقيدي رايو پڻ ڏنل آهي. صنم جاگيراڻيءَ جي هيءَ مطالعاتي وک ان لحاظ کان پڻ اهم آهي، ته تحقيق ۽ تنقيد جي سنڌي شعبي ۾ ليکڪائون نه هئڻ برابر آهن، خاص ڪري ناولن تي ته اڃا گهڻي گهرج آهي. هيءَ پھرين وِک آهي، ان لحاظ کان هِن جي ته اهميت آهي ئي آهي، پر ان تسلسل سان هوءَ لکندي رهندي، تهہ يقيني طور ٻي وک اڃا وڌيڪ بھتر ۽ لاڀائتي هوندي، ۽ ناولن جي تنقيدي اڀياس ۾ وڌيڪ اهميت ماڻيندڙ هوندي.

مان هِن ڪتاب جي اشاعت تي مانائتي ليکڪه صنم جاگيراڻيءَ کي تمام گهڻيون واڌايون پيش ڪيان ٿو. هيءُ سندس پھريون قدم آهي، جيڪو واکاڻ لائق آهي. سندس ان قدم مان محسوس ٿو ته هوءَ درست راهن تي آهي. انهن راهن ۾ سندس آڏو ضرور ڪي ڏکيائيون ۽ ڪي رنڊڪون به آڏو اينديون، ته ڪي دل شڪسته رايا به اڳيان ايندا، پر اهي سفر جو حصو هوندا آهن. اميد ته هوءَ انهن کي ڪڏهن هٽائيندِي، ته ڪڏهن نظر انداز ڪندِي، اڳتي وڌندي رهندِي.

No comments:

Post a Comment