رايو: ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
ڪتاب ”گلابي اڳتي ويندڙ راهه“
تحقيق ۽ ترجمو: علي آڪاش
سنڌي ادب جي پڙهندڙن ۽ شاگردن، خاص ڪري سنڌي شاعرن کي، 2019ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران شايع ٿيل هيءُ بھترين ڪتاب ”گلابي اڳتي ويندڙ راهه“ ضرور ۽ ڌيان سان پڙهڻ گهرجي. هِيءُ ڪو رواجي طريقي سان ترتيب، تدوين ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب نه آهي، پر منجهس دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين، خاص ڪري انگريزيءَ جي جَڳ مشھور ۽ مکيه شاعرن جي حياتين ۽ تخليقن جا تعارفي ۽ تجزياتي جائزا، انگريزيءَ ۾ لکيل يا ترجمو ڪيل سندن چونڊ تخليقن ۽ انهن جي سنڌي ترجمي سان ڏنل آهن. انهن شاعرن ۾ ترتيبوار هِي اهم شاعر شامل آهن: وليم ورڊس ورٿ، چارلس بودليئر، پابلو نرودا، ماياڪووسڪي ولاديمير، ائنا اخمتووا، ٽِي ايس اِليَٽ، محمود درويش، لارڊ بائرن، پرسي بش شيلي، جان ڪيٽس، املي ڊڪنسن، والٽ وٽمئن، فروغ فرخزاد، احمد شاملُو، رابندر ناٿ ٽئگور، گوئٽي، پُشڪن اليڪساندر، جان ڊن، خليل جبران، ڪولرج، ايڊگر ايلن پو، وليم بليڪ، والس اسٽيونز، رابرٽ فراسٽ، وليم بٽلر ييٽس، مايا اينجلو، چارلس بُڪووسڪي، جان ڪليئر، ڪونراڊ ايڪن، لينگسٽن هيوجز ۽ بلي ڪولنس.
شاعرن جي خاڪن مان ڪيئي ٻڌڻ ۽ ٻڌائن جوڳيون سٽون،
مترجم توڙي شاعرن جون، پڙهڻ ۾ دلچسپي پيدا ڪندڙ آهن. مثال طور، پابلو نرودا جي
خاڪي ۾، سندس هڪ سانيٽ جون هي سٽون فرحت بخش احساس اُڻن ٿيون:
”آئون تو سان محبت ڪريان ٿو،
”ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿان، کي ڄاڻڻ کان سواءِ
”آئون تو سان، سڌيءَ ريت، مسئلن ۽ وڏائيءَ کان سواءِ محبت ڪريان
ٿو
”آئون ان طريقي سان تو سان محبت ڪريان ٿو،
”ان ڪري جو مون کي پيار ڪرڻ جي ٻئي ڪنھن طريقي جي ڄاڻ ناهي.“
انهن ستاويھنِ شاعرن جي جامع خاڪن جوڙڻ ۽ سندن
ڪتابن بابت ڄاڻائڻ ۾ علي آڪاش جي ڪيل محنت تمام گهڻي داد لائق ته آهي ئي، پر هُن جنھن ريت شعرِي
ٻوليءَ ۾ سھڻا سنڌي ترجما ڪيا آهن، اهي تحسين ۽ تعريف قابل آهن. يقيني طور اهو ڪتاب
سنڌي ادب ۾ ملهائتو واڌارو آهي. ڪتاب جيتوڻيڪ سٺي ضخامت رکندڙ ۽ 343 صفحن تي مشتمل
آهي، تڏهن به جيڪڏهن منجهس اڃا وڌيڪ شعري ترجما شامل هجن ها، ته شاعريءَ جي تشنگي محسوس
نه ٿئي ها.
مون علي آڪاش جي ترتيب، تدوين ۽ ترجمي ڪيل هِن
اهم ڪتاب جو اڀياس ڪندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪئي ۽ ان جي پڙهڻ سان پنھنجيءَ ڄاڻ ۽
سوچ ۾ اضافو سمجهيو. علي آڪاشُ بھترين شاعر ته آهي ئي، پر هِن ڪتاب ذريعي سندس ترجمي
جي بھترين صلاحيتن جي قبوليت پڻ ڪجي ٿي.
No comments:
Post a Comment