عرفان ڏاھري
عربي ادب ۽ شاعريءَ جو تحقيقي جائزو
عربن وٽ سڀ کان پهرئين لفظ ”ادب“ جو استعمال تعليم و تربيت،تهذيب و نفس ۽ اخلاق سيکارڻ وغيره جي معنيٰ ۽ مفهوم هيٺ وجود ۾ آيو.جنهن جو استعمال ساڳي ئي معنيٰ ۾ ايامِ جاهليت واري دور ۾ لکيل ڪجھھ خطن، شاعرن جي شعرن ۽ اسلامي دور ۾ ڪجھھ حديثن وغيره ۾ ملي ٿو،جيئن هڪ حديث ۾ اچي ٿو تھ، ” ادبني ربي فاحسن تاذيبي“ يعني منهنجي رب منهنجي تربيت احسن طريقي سان ڪئي! اهڙي ريت ” تحفتھ الادب “ وارو صاحب لفظ ”ادب“ بابت لکي ٿو تھ، ” ادب لفظ جي اصل تاريخ بنو اميه جي دور کان شروع ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تھ ان زماني ۾ ئي اهو لفظ رائج ۽ شايع ٿيڻ لڳو ۽ ان زماني کان ئي ان لفظ جو استعمال سڀ کان پهرئين تعليم و تربيت ڪرڻ جي معنيٰ هيٺ وجود ۾ آيو. (ص6،7)“ جڏهن تھ ٻي،ٽئين ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ ادب لفظ جي معنائن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون،جنهن جي نتيجي ۾ پنجين صدي هجريءَ ۾ ادب لفظ مڪمل طور تي هڪ علم جي صورت اختيار ڪئي،جنهن ۾ نثر ۽ شعر وشاعري سان گڏوگڏ لغت، صرف و نحو،اشتقاق،علم عروض ۽ علم معاني ۽ بديع وغيره جهڙا علم به شامل هئا،پر اڳتي هلي لفظ ادب جو دائرو الڳ مقرر ڪري ان کي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ڏني وئي. اهڙي ريت لفظ ادب ” مادبه “ مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ دعوت ڏيڻ آهي يعني ڪنهن کي طعام جي لاءِ ڪوٺڻ کي ”مدعاۃ “ يا ”مادبه“ چئبو آهي ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ ادب لفظ جو اطلاق ڪنهن سٺي شاعري يا ڪلام ۽ نثر جي لاءِ ٿيندو آهي،جنهن جي باري ۾ ”لسان العرب“ ۾ اچي ٿو تھ ”ادب “ ماڻهن کي هميشه ڀلائي جي لاءِ راغب ڪري ٿو جڏهن تھ برائي کان روڪي ٿو. اهڙي ريت سنڌي شعبي جي هڪ محسن استاد ” ڊاڪٽر فياض لطيف “ شعبي جي هڪ پروگرام ۾ چيو هو تھ ” اهو ادب ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائي ٿو!