04/07/2020

ممباسا شيدي باڇا ھمباشا - عاشق چانڊيو (Ashiq Chandio)


عاشق چانڊيو
ممباسا شيدي باڇا ھمباشا!
الطاف شيخ جو آفريڪا جو سفرنامو


لاڙڪاڻي جي لاڙڪاڻه سينٽر ۾ ويٺي ويٺي تنگ ٿي رھيو ھئس، سوچيم ڇو نه ڪو ڪتاب پڙھجي، سنڌ سلامت تي ڪتاب جانچڻ لڳس، سائين الطاف شيخ جو سفرنامو ممباسا شيدي باڇا ھمباشا نظر آيو، ڪلڪ ڪري مضمون جا عنوان ڏسي 'آفريڪا ۾ عورتن جي طُھر جو آزار' پڙھڻ لڳس. جيئن ته ھي مون لئه حيرت ڪُن ڳالھ ھئي ته ڪٿي عورتن جو طُھر به ٿئي ٿو! تنھنڪري دلچسپي سان پڙھڻ لڳم. مضمون پڙھي پورو ڪيم، ڊاڪٽر به آيو پنھنجي ڪم سان لڳي ويس، پاڻ ھيٺ مٿين مضمون بابت ڳالھائينداسين. تنھن ڏينهن کان مون کي سفرنامي پڙهڻ جي ھورا کورا لڳي ويئي. ڪتاب جاچڻ لڳس پر ڪتاب شايد مارڪيٽ مان ختم ٿيل ھو تنھنڪري ملي ڪونه پئي سگهيو پر پوءِ سائين الطاف شيخ پاڻ مھرباني ڪئي ۽ مون کي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ملي ويو. ھاڻي پاڻ ڪتاب بابت ڳالھايون ٿا.

آفريڪا جو نالو اچڻ سان ذھن تي ڪارن، شيدين جو ديس، جاھل، جھنگلي يا اونداھو کنڊ جو تصور ذھن تي تري اچي ٿو پر ڪتاب پڙھندي محسوس ٿئي ٿو ته ھاڻي آفريڪي جاھل جھنگلي نه رھيا آھن. ليکڪ پاڻ مٿيون تصور ڪري رھيو ھو پر ھو جڏھن آفريڪا ۾ آيو ۽ گھميو ته ھن جي ذھن ۾ ويٺل مٿيون تصور مٽجڻ لڳي ٿو.
الطاف شيخ آفريڪا ۾ ڊيوٽي ڪندي ۽ ان ڊيوٽي جي ڪمن دوران گھمندي ھي سفرنامو لکيو آهي. آفريڪا جو ھي سفرنامو خاص ڪري آفريڪا جي ملڪ ڪينيا ۽ يوگنڊا بابت لکيل آهي ۽ گھڻو تڻو ممباسا جون ڳالھيون ڪيل آھن. توھان کي حيرت ٿيندي ته آفريڪا جا ڪجھ شھر جھڙوڪ نئروبي شھر جن جي وجود کي صدي به ڪونه گذري آھي. اھي شھر يورپ جي ڪنھن ماڊرن شھر جو ڏيک ڏين ٿا! اھا حڪمرانن جي خوبي آهي پر پاڻ ان ڳالھ کان به قطعي طور انڪار ڪون ڪنداسين ته آفريڪا جي ملڪن ۾ ملٽن اوبوٽي ۽ عيدي امين جھڙا حاڪم به آھن ۽ ان ڳالهه کان به انڪار ڪونھي ته اڄ تائين به آفريڪا ۾ اھڙيون ڪي بيماريون موجود آهن جن تي دنيا مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪري چڪي آهي پر پاڻ آفريڪا تي ڪھڙي ٽوڪ ڪيون جو پاڪستان ۾ به اڃا اھڙيون بيماريون آهن، جن ۾ پوليو، ايڊز ۽ ٻيون بيماريون اچي وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ اڃا ھتي اسان وٽ امن جي صورتحال بھتر ڪونھي جڏهن ته آفريڪا جي ملڪن ۾ امن امان بھتر آهي جو ٻاھريان سياح گھمڻ اچن ٿا جيتوڻيڪ اسان وٽ سياح ته ڇا ڪو مقامي ماڻهو ڪاڏي گھمڻ نڪري ٿو ته به محفوظ ڪونھي تنھنڪري گھٽ ۾ گھٽ پاڻ ته آفريڪا کي اونداھو کنڊ ڪونه ٿا چئون! ان حوالي سان آءُ ڪتاب مان ڪجھ سٽون ڏيان ٿو.
"سئيڊن جي ڪجھ عورتن کان جيڪي ڪراچي مان مون سان گڏ ساڳي جھاز ۾ ڪوپن هيگن لاءِ سوار ٿي رھيون ھيون. مون پڇيو ته ”توھان جڏهن ڪراچي آيون آھيو ته 5000 سال پراڻو موھن جو دڙو ڏسڻ لاءِ اندروني سنڌ ڇو نٿيون وڃو“ ته ھنن مون کي ايئن گھوري ڏٺو ڄڻ ڪو چريو ھجان ۽ پوءِ چيو ”اسين خبرون نٿيون ٻڌون ڇا؟“
ھاڻي ڀلا ڪنھن کي کُٽي کنيو آهي جو جان جوکي ۾ وجھي ھتي ٽوئر ڪرڻ ايندو!
پاڻ ھاڻي ٿورو عورتن جي طُھر بابت ڳالھايون ٿا ۽ آءٌ ھيٺ اُن مضمون جا ڪجھ اقتباسَ پيش ڪيان ٿو ۽ پوءِ ھيٺ ان تي ٿورو ڳالھايون به ٿا.
”اھو ڪھڙو آفريڪا جو ملڪ آهي جتي عورتن جو طُھر(female circumcision)  نٿو ٿئي. سوڊان ۽ ايٿوپيا کان ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق تائين، گھانا ۽ سينيگال کان نائيجيريا ۽ ڪانگو تائين، ھر مذهب جا آفريڪي ماڻهو (ويندي مسلمان به) عورتن جو طُھر ضروري سمجھن ٿا، جنهن سان عورت معاشري ۾ عزت لائق سمجھي وڃي ٿي.
”ھتي ڪينيا ۽ ڪيترن آفريڪي ملڪن ۾ اڄڪلهه جي دور ۾ جيتوڻيڪ عورت جي ڪنھن به عضوي ڪٽڻ تي سخت سزا آهي پر عوام جو وڏو حصو اڄ به ان کي غلط ڳالھ يا ڏوھ جو ڪم نٿو سمجھي پر ھو سمجھن ٿا ته اھو ڪم ڇوڪرين لاءِ صحيح آهي.
”اھي عورتاڻي طھر جي حق ۾ ڪيترائي سبب ڏين ٿا، مثال طور ان سان عورت جي عصمت(virginity)  جو بچاءُ رھي ٿو. * عورت جي طھر ٿيڻ بعد ھو نيڪ ٿي رھن ٿيون، جو ھنن جون شھواني خواھشن گھٽجيو وڃن... "
ھاڻي مون جڏهن ان ڳالهه جو ذڪر الطاف شيخ جي ھڪ ٻئي سفرنامي ”برونائي کان برازيل تائين“ تي تجزيو لکيو ھو ۽ ان ۾ جيڪا مختصرن عورتن جي طُھر جي ڳالھ لکيل ھئي ان کي تبصري ۾ اڀاريو (high light) ڪيو ھو ته ھڪڙو بحث ڇڙي پيو ھو ته "عورتن جي طُھر بابت جيڪا اھا ڳالھ لکيل آهي ته "عورتن جي طُھر ڪرڻ سان سندن شھوت گھٽجي ٿي" اھا غلط ڳالهه آهي ۽ سائنس ان کي رد ڪري چڪي آهي. "آءُ به ان ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿو ته اھا ڳالھ غلط آهي پر مون آفريڪن جي رسم ۽ عقيدو بيان ڪيو ھو پر ان کي شايد منھنجو موقف سمجھيو ويو هو حالانڪه ايئن ناھي ۽ بحث جي جيڪا ٻي ڳالهه ھئي اُھا اِھا ته اھي جيڪي شھوت گھٽجڻ جا خيال ھئا اھي تمام پراڻا ھئا ۽ ھاڻي ختم ٿي چڪا آهن ۽ ڪنھن جھور پوڙھي کي اھي ڳالھيون ياد ھونديون جڏهن سندن زماني ۾ ايئن ٿيو پئي پر ھاڻي ناھي ۽ ان لاءِ سخت سزا آھي. "
مٿين نقطہ نظر کي جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته واقعي پراڻي زماني ۾ اھڙيون ڪڌيون رسمون ھيون ۽ جن جا حوالا اسان کي مختلف ڪتابن ۾ به ملن ٿا جيئن عطا محمد ڀنڀرو جي ترجمي ڪيل ڪتاب "سنڌو شينھن درياھ" جي صفحي نمبر 56 ۾ لکيل آهي ته "ٿٻيٽ جي ڪنھن ھڪ ماڻھو جيڪڏھن شادي ڪئي ٿي ته ان زال ۾ سندس ڀائر به اوترائي حصيدار ھئا جيترو سندس مڙس جو حصو ھو ۽ ھڪ زال سان ٻه ٻه مرد sex ڪندا ھئا ۽ اھا سندن رسم ھئي ۽ جنھن ۾ ھنن ڪا به شرمساري محسوس نه ٿي ڪئي. پوءِ ان تي پابندي لڳي. ته واقعي ماضي ۾ اھڙيون رسمون رھيون آھن ۽ جيڪا سخت سزا جي ڳالھ آھي توھان ان تي ٿيندڙ عمل بابت مٿي ڏنل ٻئي نمبر اقتباس مان پڙھي سگھو ٿا ۽ جيڪا ھتي عورتن جي طُھر بابت پراڻي زماني جي ڳالھ ڪيل آهي، اُھا به ايتري پراڻي نه ٿي لڳي جو جيڪو ڪتاب جي ڇپجڻ جو سال آھي اُھو 2011ع آهي ۽ ھي ڪتاب جو پھريون ايڊيشن آھي. کڻي جو ليکڪ ٻه ٽي سال اڳ ھي ملڪ گھميو ھوندو ۽ پوءِ سفرنامو لکيو ھوندو ان ۾ ڪجھ عرصو لڳو ھوندو پر اُھو پنج، ڇھ يا ست سال ٿي سگھي ٿو ۽ ڏھ ويھ سال ڪو ايترو عرصو ڪونھي جو ڪو جھور پوڙھو ئي اھي ڳالھيون ڪندو ھجي پر پوءِ به ان مونجھاري جو حَلُ ليکڪ وٽ ئي آهي ۽ جيڪر سائين پاڻ اسان جو ھي مضمون پڙھن ٿا ته اسان کين ان وضاحت ڪرڻ جو عرض ڪريون ٿا. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيل آهي.

No comments:

Post a Comment