07/07/2014

تنهن عشق کي شاباس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ اديب کي محفوظ ڪندڙ ڪتاب
تنهن عشق کي شاباس
رکيل مورائي

اسان جي نسل کي جيڪي لاتعداد سٺا شاعراڻا ڪتاب پڙهڻ نصيب ٿيا انهن ۾ هڪڙو ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ به شامل هئو، ۽ اها ئي منهنجي پهرين سڃاڻپ هئي، اسان جي دلبر شاعر عنايت بلوچ سان ۽ ٻي اهم سڃاڻپ ڪراچيءَ جي ڪربلا جهڙي شهر ۾ جيڪي ٿڌي ڇانوَ جهڙا چهرا اکين آڏو آيا، انهن مان هڪ چهرو هدايت بلوچ جو به هئو، جنهن سان ملڻ ۽ ويجهو ٿيڻ کان پوءِ منهنجي زندگي ۽ زبان مان پيڙهي وڇوٽيءَ وارو جملو سدائين لاءِ گم ٿي ويو. هن شخص عمر جي وڏي فرق باوجود ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪرايو ته اسان کانئس عمر ۾ ننڍا آهيون. هو اسان سڀني سان دوستن وانگر هليو ۽ اڄ به ائين ئي آهي. ها البت سندس دلبر دوست سائين شمشير ۽ سائين تاجل بيوس نه رهيا آهن، جنهنڪري هو پنهنجي اندر ۾ بيحد اڪيلائي محسوس ڪري رهيو آهي ۽ سندس وڏي ڀاءُ هجڻ سبب منهنجو وري سائين عنايت بلوچ سان اهو ئي احترام وارو تعلق بڻيو، صحبت ۽ ڀوڳ چرچي وارو بنهه نه! اڄ به اهو احترام دل ۾ ائين آهي جيئن هجڻ گهرجي.

عنايت بلوچ صاحب جا ادب ۾ هڪ شاعر کان سواءِ ٻيا به حوالا آهن، سندس سفرناما، مقالا ۽ مضمون، لطيفيات، هڪ مرتب توڻي هڪ مترجم طور هُو اسان کان جيڪا مڃتا لهڻي، اها مڃتا اسان سڀني پاران محترم عثمان منگي صاحب هن کي ارپي آهي، هڪ لاجواب ڪتاب جي صورت ۾. هيءُ ڪتاب جنهن جو نالو آهي ”تنهن عشق کي شاباس.“ ان جو مرتب محترم عثمان منگي آهي. هن اديبن کي اهڙي مڃتا ڏني آهي، جنهنڪري هو گهڻي جس جو ڀاڳي آهي ۽ اسان جو احترام لائق عنايت بلوچ صاحب، جنهن سان سنڌ جا اڻ ڳڻيا اديب، شاعر، عالم ۽ اسڪالر بيحد پيار ڪن ٿا. جنهن جو اظهار انهن سڀني پنهنجن انهن مضمونن، مقالن ۽ ٻين لکڻين ۾ ڪيو آهي، جيڪي ليک هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جن مان عنايت بلوچ صاحب جي نه رڳو ادبي، علمي ۽ شاعراڻي، شخصيت اڀري اچي ٿي پر هن جي هڪ شخص طور ظاهر ٿيل ڳڻن جي به چٽائي سامهون اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪو به شخص پهرئين شخص آهي. ۽ ان کان پوءِ ٻيو ڪجهه ان ڪري، اول ان شخص کي ئي ظاهر ٿيڻ گهرجي.

۽ سچ پچ هن ڪتاب مان عنايت بلوچ صاحب، هڪ شخص طور به اڀري بيٺو آهي ۽ هڪ اديب/شاعر/براڊ ڪاسٽر/مرتب/مترجم طور پڻ سندس ڪيل ڪم جو وچور انگن اکرن کان سواءِ گهڻو سامهون اچي وڃي ٿو. ائين ڪنهن به شخص/اديب لاءِ هن قسم جو دستاويز اڳتي هلي ريفرنس بڪ/حوالاتي ڪتاب ثابت ٿئي ٿو ۽ اهو عنايت بلوچ صاحب بابت پڻ سڀ ڪجهه ظاهر ڪندڙ ڪتاب ٿي سامهون آيو آهي. ڪتاب ۾ لکندڙ پنهنجي پنهنجي پيار ۽ تعلق جو ذڪر ڪندي به عنايت بلوچ صاحب جي عملي/ادبي خدمتن کي گهڻو ياد به رکيو آهي ته پنهنجي طرفان مڃتا جو اظهار به ڪيو آهي، ائين هيءُ ڪتاب هڪ سانڍڻ جهڙو دستاويز بڻجي پيو آهي، جيڪو سدائين حوالي طور استعمال هيٺ رهندو، اهڙي پڪ آهي، هن ”تنهن عشق کي شاباس“ نالي واري ڪتاب ۾ جن عنايت بلوچ جي شخصيت ۽ علم ادب بابت اظهاريو آهي، انهن ۾ حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، مهتاب اڪبر راشدي، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر قاضي خادم، پروفيسر اعجاز قريشي، مير عبدالرسول مير، الطاف شيخ، جامي چانڊيو، هدايت بلوچ، تاج جويو، ادل سومرو، نثار ميمڻ، نصير مرزا، ڪوثر ٻرڙو، نفيس احمد ناشاد، ماڪن شاهه رضوي، انور ساگر ڪانڌڙو ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. ساڳي وقت ڪتاب ۾ شامل ڪن اهم تصويرن ڪتاب کي وڌيڪ اهم بڻايو آهي. سڀ گڏي عثمان منگي صاحب کي جس هجي جنهن اسان جي دور جي هڪ اهم ادبي شخصيت کي هڪ لاجواب ڪتاب ۾ محفوظ ڪري اسان سان وڙ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ماڻڪ موتي تنظيمن پاران ڇپايو ويو آهي ۽ پنج سئو چوئيتاليهه صفحن جي ڪتاب جو ملهه پنج سَو رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment