04/01/2015

هدايت بلوچ جو ڪتاب: سارو ڏيهه ڏکارو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هدايت بلوچ جو ڪتاب: سارو ڏيهه ڏکارو
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هدايت بلوچ صاحب، سچ پچ اهڙو شاعر ۽ شخص آهي، جيڪو پيڙهي وڇوٽيءَ کان سواءِ، اياز کان وٺي اڄ تائين مڙني ٽهين جو دوست به رهيو آهي ته همعمر پڻ!
اڄ جڏهن سندس ورهين پڄاڻا پهريون شاعريءَ جو ڪتاب ”سارو ڏيهه ڏکارو“ ڇپجي آيو آهي ته لڳ ڀڳ سڀني دوستن کي سرهائي ٿي آهي، جيتوڻيڪ اڄ سندس ٻه دل گُهر يا دوست ۽ شاعر، سائين شمشير الحيدري ۽ سائين تاجل بيوس هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر اهو يقين آهي ته عالم ارواح ۾ هو ٻئي به بيحد خوش ٿيا هوندا، هدايت بلوچ صاحب جي ڪتاب جي ڇپجڻ جي خبر ٻڌي،  ڇابه هجي نيٺ هدايت صاحب جو شاعراڻو ڪتاب آيو!

هدايت صاحب اڌ صديءَ جو عرصو شاعريءَ کي ڏنو آهي، هو ڪراچيءَ جي هر محفل ۾ شريڪ رهيو آهي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي سان هن جون ٻٽيهه دليون آهن.
هو دوستن جو دلبر دوست ۽ اديبن شاعرن جو پيارو ساٿي آهي. سندس پهرئين ڪتاب جي ڇپجڻ تي کيس رسمي طور مبارڪون ته هجن ئي هجن پر هيءُ ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي وچ جي هڪ اهڙي ڳنڍيندڙ ڪڙي آهي جنهن سان سنڌي شاعريءَ جو رستو سڌو ٿيندو، شمشير صاحب جي ٽهيءَ کان پوءِ واري ٽهيءَ جو هڪ اهم شاعر ڪنهن به اهم اڀياس ۾ رهجي وڃڻ جي امڪان رد ڪندي، ڪتاب ”سارو ڏيهه ڏکارو“ اڄ ڪنهن به شاعراڻي اڀياس کي مڪمل ڪندو. ان ڪري هن ڪتاب جي اهميت نهايت گهڻي وڌي وڃي ٿي، اڄ هدايت بلوچ صاحب کي ڪنهن همت افزائي کان وڌيڪ هڪ اهم ۽ سنجيده نقاد جي گهرج آهي. جيڪو سنڌي شاعريءَ جو ورهاڱي کان پوءِ هڪ اهم اڀياس لکي. ائين ڪرڻ سان اسان جي اهم شاعرن جو اڀياس ته ايندو ئي پر اڄ جي نوجوانن آڏو پنهنجي اهم شاعرن جي ڪٿ به سامهون اچي ويندي ۽ ان ۾ هدايت صاحب جي ڪتاب جي گهرج جو اندازو به ٿي ويندو.
هدايت بلوچ صاحب جا ڪتاب تيزيءَ سان اچڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته نثر توڻي نظم ۾ هو اهم لکندڙ طور تيزيءَ لکندڙ به رهيو آهي ۽ هن ايترو گهڻو لکيو آهي، جو هاڻ فقط هو پنهنجي ڪتابن کي ترتيب ڏيئي ڇپائي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو، پر ڪنهن به لکندڙ لاءِ اهو ممڪن ڪٿي آهي ته اهو قلم سيرانديءَ رکي ڇڏي ۽ هدايت بلوچ صاحب ته وري اهڙو ليکڪ آهي جيڪو سنڌ سان چوويهه ڪلاڪ جڙيل رهيو آهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو هر مسئلو، هن سنڌ دوست ليکڪ هجڻ جي ناتي پنهنجو سمجهيو آهي ۽ نه رڳو هن لکت ۾ مزاحمت ڪئي آهي، پر اديبن جي هر مزاحمتي محاذ تي هو سرفهرست رهيو آهي.
سرڪار سڳوريءَ جي نوڪري ڏيندي به هو ليکڪ طور اهو ئي بيباڪ ۽ بهادر ليکڪ رهيو آهي، جنهن جي زندگيءَ ۽ ضمير ۾ ڪامپرومائيز نالي ڪابه شئي نه آهي، جڏهن ته پنهنجين نوڪرين کي دوا ۾ بخشڻ لاءِ ڪيترن ئي اديبن عالمن ۽ شاعرن وڏن دروازن تي پيرين اگهاڙي حاضريون ڀريون آهن ڀريندا رهن ٿا.
هدايت شمشير جو دوست آهي هو ٽٽڻ وارو آهي، جهڪڻ وارو نه ۽ اهڙي سُتي ته سنڌي اديبن جي وڏي حصي کي پيتل آهي جن ۾ هدايت صاحب به شامل آهي.
شاعر طور هو نهايت عوامي لهجي جو شاعر آهي، سبب اهو آهي ته هو ڪن اخبارن جي معرفت به عام ماڻهن سان مخاطب ٿيندو رهيو آهي، هن هلال پاڪستان، جاڳو ۽ عوامي آواز ۾ وڏو عرصو لڳاتار قطعو لکيوآهي. ساڳئي وقت لڳاتار ڪالم به لکندو رهيو آهي، جنهن ڪري هو نثر توڻي نظم ۾ ماڻهن ۾ پسند پيل آهي، ادبي لڏي ۾ ته هُو اڳ به پسند جهڙو هئو ۽ هاڻ به اهم ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو.
مان سندس شاعر هجڻ جي ثبوت سندس ڪتاب مان ڪي شعر نٿو ڏيڻ چاهيان، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ڪاب ۾ موجود آهن، اهي پڙهندڙ پاڻ پڙهي سگهن ٿا،
چوڻو فقط اهم اٿم ته هدايت بلوچ صاحب جو پهريون ڪتاب ڇپيو آهي، ادبي حلقي ۾ هن ڪتاب جي هڪ اهم شاعراڻي ڪتاب طور آجيان ٿيندي اهڙي پڪ آهي، پر سندس ويجهو رهندڙ اسان سڀني جي هڪ پراڻي خواهش پوري ٿي آهي.
”سارو ڏيهه ڏکارو“ ڪتاب نالي مان ئي ٻڌائي ٿو ته ان ۾ اندر ڇا آهي، سمجهڻ گهرجي ته هن ڏيهه جو هر ڏک، ليکڪ/شاعر جو پنهنجو ڏک آهي، جنهن کي هن نه رڳو اظهاريو آهي، پر مختلف موقعن تي هن سدائين ٽهڪ ڏيندڙ شاعر جون اکيون آليون به ٿيون آهن ۽ ڳوڙها به ڳڙيا آهن جن جا اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون ۽ پڪ سان اهڙي شاهدي هيءُ ڪتاب پڙهندڙن وٽ پاڻ ڏيندو، ڪتاب جا ڪيترائي نظم، غزل ۽ چئوسٽا پڙهندڙن جي روح ۾ لهي ويندا ۽ اها ئي ڪنهن به شاعريءَ جي اصل سڃاڻپ هوندي آهي.

هدايت بلوچ صاحب جي هن ڪتاب ۾ نظم، غزل، چئوسٽا، وايون ۽ گيت شامل آهن، نهايت خوبصورت نموني ڇپيل هن ڪتاب ۾ پوڻا ٽي سئو صفحا آهن، ڪتاب بابت، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، عنايت بلوچ، عبدالغفار تبسم، شفقت کوسو، هدايت صاحب جي نياڻي ماهه جبين جا مضمون شامل آهن، جڏهن ته رسول بخش پليجو، تاج بلوچ، ادل سومري جا رايا شامل آهن، ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، اياز گل صاحب لکيو آهي ۽ چار سئو روپيا ملهه رکندڙ هيءُ ڪتاب ڇاپيو آهي، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور سنڌ، سڀني حوالن کان سانڍڻ جهڙو هڪ شاعراڻو ڪتاب سنڌي پڙهندڙن کي مليو آهي ۽ بس!

No comments:

Post a Comment