04/01/2015

ڪتاب: اُسر اُڀن ڏانهن - ستار پيرزادو (Sattar Pirzado)

ڪتاب: اُسر اُڀن ڏانهن
ستار پيرزادو
حقيقت ۾ سرو آهي، هڪڙي ڪتاب جو ۽ ڪتاب جو خالق ۽ مترجم آهي، انجنيئر آسودو مل، واهه! سائين! ڪتاب اسلامي تصوف جي ڄاڻ جو درياهه ۽ ماڻهو چوندا ته لکندڙ غير مسلم، مان آسودو مل کي انهن ماڻهن ۾ ڳڻڻ چاهيندس، جن جي لاءِ سنڌ جي وڏي ڏاهي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي هيئن چوڻو پيو:
ڪهڙي ڪام ڪا پڙي، ٿا اهڙي روش رون،
نه ڪادل  دوزخ ڏي، نه ڪي بهشت گهرن،
نه ڪو ڪم ڪفار سين، نه ڪا مسلماني من
اُڀا ائين چون، پرين ڪج ٻانهن جو.
لڳندو اٿم ته آسودو مل چاند واڻيءَ ۽ سندس پورو خاندان جنهن نموني خدمت خلق ڪندو اچي، ڄڻ ”سفر در خلق“ واري زمري ۾ اچيو وڃي.
آسودو مل چاند واڻيءَ جي ٿورڙي سڃاڻپ ڪرائڻ ضروري ٿو سمجهان، هو پاڻ اصل ۾ سائنس يا انجنيئرنگ جو طالب علم آهي، مئٽرڪ جو  امتحان ڏوڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ انٽر سائنس مخدوم نوح سائنس ڪاليج هالا مان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري، ان وقت جي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو مان روڊس ۽ بلڊنگس ۾ انجنيئرنگ پاس ڪري، حڪومت ۾ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، سنڌ حڪومت سندس خدمتون تڏهوڪي ڪي ايم سيءَ جي واٽر ۽ سيوريج بورڊ حوالي ڪيون ۽ هو اتان 2010ع ۾ خير خوبي سان رٽائر ٿي، هاڻي به ڪن خانگي ۽ حڪومتي پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي.
آسودو مل چاند واڻيءَ جو خاندان يعني سندس والد موهن داس ۽ ڏاڏو هرچند راءِ اصل م ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جا ويٺل هئا ۽ پوءِ پنهن جي سونارڪي ڌنڌي خاطر لڏي وڃي ڏوڪريءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، سندس خاندان وارا اڃا به انهي ڌنڌي سان واڳيا اچن ۽ پنهنجي تر ۾ بيحد مشهور ۽ ايمانداري جي لحاظ کان هاڪارا آهن.
آسودو مل جو خاندان سنڌ جي صوفي هستي نقشبنديءَ جي مهندار خواجه محمد انور الزمان لواريءَ وارن سان واڳيل رهيو آهي ۽ اڄ تائين اها واٽ نه وساري اٿن، ان ڪري سندن خاندان ۾ اهو هندو-مسلم وارو نظريو ڪا اهميت نه رکندو آهي، هنن لاءِ انسان وڏي ڳالهه آهي.
آسودو مل چاندواڻيءَ کي پنهنجي پڙهائي جي دوران صوفي هستي سان لڳاءُ شروع ٿيو ۽ هو پنهنجي انجنيئرنگ جهڙي سخت تعليم مان وقت ڪڍي صوفي هستي بابت وڏن وڏن نالي وارن صوفين جون لکڻيون حاصل ڪري نه صرف پڙهندو رهندو هو، اڃا به ائين چوڻ ۾ ڪو هرج نه ٿيندو ته هو انهن کي حفظ ڪندو رهيو، صوفين جي مخصوص ٻولي، لهجي، اصطلاحن ۽ اشارن، ڪناين کي پاڻيءَ جيئن پيئندو رهيو، ان دوران جتي هنن ايران، عرب، هنڌ ۽ ٻين ملڪن جي صوفي ڏاهن کي اردو ۽ انگريزيءَ وسيلي پڙهيو ۽ پرجهيو، اتي هن خواجه محمد الزمان جي شاعري ۽ ملفوظات کي به پنهنجو اوڙهڻو ۽ وڇاڻو ڪري ڇڏيو.
مٿي ذڪر ڪيل عنوان  پڻ خواجه محمد الزمان جي هن بيت مان حاصل ڪيو اٿس، بيت هن ريت آهي:
اُسِرُ اُڀَـن ڏانهن، مَ ڇڻ رَهين رُڃُـن ۾،
جزي جائز ناهه، ڪُـل ريءَ ڪَـٽـِڻ ڏينهڙا.
انسان اصل ۾ ان ڪل جو جزو آهي، جنهن کيس پنهنجو پاڻ سڃاڻپ لاءِ تخليق ڪيو آهي.
هاڻي اچون ٿا اصل ڳالهه يعني ڪتاب جي تعارف ڪرائڻ ڏانهن. ڪتاب ”اُسِرُ اُڀـَن ڏانهن“ پهريون ڀيرو آڪٽوبر 2013ع تي لواري شريف ادبي ڪميٽي ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪل 16 مختلف ليکڪن جا مضمون ترجمو ڪيل ۽ ٽي مضمون سندس لکيل ۽ ٽي مضمون ڊاڪٽر عاشق حسين البدويءَ جا، هڪ مضمون سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ، سائين غلام محمد گرامي صاحب جو ۽ چار مضمون پروفيسر يوسف سليم چشتيءَ جا ڏنا اٿس، پروفيسر يوسف سليم چشتي جو ڪتاب ”تاريخ تصوف“ اسان وٽ مٿس نور احمد مسٽر، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڇپرائي پڌرو ڪيو هو.
هي 16 ئي مضموم صوفي هستي جي واکاڻ ۾ لکيل آهن، اسان جي سنڌ ۾ صوفي جي هستي جي ڄاڻ اٽي ۾ لوڻ برابر هئڻ ڪري، هنن اوتارن ۾ ويٺل، ٽوٽي، سست، ڪاهل، چرس ۽ ڀنگ جو استعمال ڪندڙ ۽ راڳ سان لنوءُ لائيندڙ ماڻهو ڄاتو وڃي ٿو، جڏهن ته صوفي اهو آهي، جيڪو اسلام جو ڏسي ٿو، عمل ڪري ٿو يا اهرو، ”داناءُ عاشق آهي، جيڪو خدا جي رازن ۽ رمزن جو ڄاڻو، جهانن لاءِ رحمت آهي، اي سڄڻ اها علم جي نشاني آهي“. اها راءِ مولانا روم جي آهي، هن ڪتاب ۾ ٻه آيل ليکن لاءِ پبلشر جو نوٽ ۾ آسودو مل لکي ٿو، ”هي صاحب علم ۽ ادب جي خدمت ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندا رهيا آهن، عربي، فارسي، اردو، هندي ۽ ٻين ٻولين تي عبور رکندڙ آهن، هنن جو تقابلي مطالعو، تصوف تي عالماڻي ڄاڻ سندن مشغلو رهي آهي“ صوفين بابت معتزلي ابو القاسم الڪلبيءَ جو چوڻ آهي ته ”اديب کانئُن علم لغت حاصل ڪن ٿا. نثر نگار کانئن اظهار جا نت نوان انداز سکن ٿا، فيلسوف سندن خيالن مان فيضياب ٿين ٿا، شاعر وٽائن فن شاعري جي خوبين جو اڀياس ڪن ٿا، عالم وٽائن علم جا نڪتا پرائن ٿا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هي آهي ته سندن ڳالهه ٻولهه ٻڌندڙن جي ذهن ۽ علم کان مٿانهين هوندي آهي“.
هاڻي مٿين انتهائي وڏن صوفين پاران صوفين بابت اهڙا رايا پڙهڻ کان پوءِ ته سمجهه ۾ اچي ٿو ته اسان جي سنڌ جي اهڙن صوفين جي ساٿارين جي درگاهن تي رهندڙن کي صوفين جي قطار ۾ بنهه آخر ۾ بيهاري نه ٿو سگهجي ته پوءِ کين انهن جي متي ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪري سگهجي. صوفين بابت شاهه لطيف جو بيت آهي ته:
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تيهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
صوفين بابت ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”عرفانيت (تصوف) سڄي علم کي سولي عمل سان سهڻي سريلي عرفان پرائڻ جو نالو آهي، صوفيت، چاهت، چاهنا، پريم رس، رحمت ئي رحمت آهي، هو اڳتي هلي ان ڳالهه جو به اقرار ۽ افسوس ٿو ڪري ته هن دور ۾ نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان ۾ صوفي اسڪالرن جي اڻاٺ محسوس ٿئي ٿي، ويندي تصوف تي صحيح معنيٰ ۾ لکڻ وارا به گهٽ آهن.“
هن ڪتاب جا ٻيا ليکڪ، جن ۾ سنڌ ۾ ڄاتل سڃاتل ٻه شخصيتون آهن، هڪڙو آهي، سائين مولانا غلام محمد گرامي، جنهن جي مضمون جو عنوان ”سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ“ آهي، جيڪو سندس ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير تي“ تان ورتل آهي، هن مضمون ۾ گرامي صاحب جنهن سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ ڄاڻايا آهن، اها سنڌ سندس دور کان به گهڻو ماضي بعيد جي دورن جي اهڃاڻن جي نشاندهي ڪئي آهي، کيس پنهنجي دور ۾ به ڪو اهڙو صوفي نظر نه آيو هو ته پوءِ اسان اڄ جي هن اليڪٽرانڪ دور ۾ جنهن ۾ مادي پرستي چوٽ تي چڙهيل آهي، انهي دور ۾ ڪهڙي اميد رکي ٿا سگهون. هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي پر هن ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ تصوف جي ابتدائي ڄاڻ هجڻ بيحد ضروري آهي.
ٻي شخصيت آهي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، سندس مضمون جو عنوان آهي، ”ويدانت ۽ تصوف“ سندس مضمون جو حاصل مقصد آهي ته هن وقت جي ويدانت ۽ صوفي ازم، جيڪا مذهب اسلام جو روح سمجهي وڃي ٿي، اهي ٻئي ساڳيءَ منزل جون راهي آهن، سندس چوڻ آهي ته ”اسلام جي معنوي اصولن تصوف جي صورت ورتي جيئن ويدانت جو ٻج اصل کان ئي هندن جي ويدن شاسترن ۾ ڇٽيل هو، تيئن تصوف جا سَلا پڻ اسلام مان ئي نڪتا آهن“. اصل ۾ پنهنجي طور طريقن ۽ اصولن احوالن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، هن سائين جن وڏن صوفين جي وجداني ڪيفيتن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن پاڻ ئي پنهنجي عمل جو ظاهري طور انڪار ڪيو آهي ۽ چيو اٿائون ته ائين چوڻ بندي لاءِ جائز ناهي پر صوفي سالڪ جي اها وجداني ڪيفيت جڏهن هن تي طاري ٿي ويندي هئي ته هنن کي پاڻ کي ان جي ڄاڻ نه هوندي هئي. ”نڪي کڻن پاڻ کي، نڪي ساڻن پاڻ“، تصوف جي هن تعريف جي عنوان سان ڊاڪٽر عاشق حسين البدويءَ جو مضمون آهي، جنهن پوري ڄاڻ ڏني آهي ته صوفي ڪير آهي ۽ سندس مول متا ڇا آهن، مثال: ”تصوف مزار پرستي ناهي، ڪرامتن کي تصوف نه چئبو، پير پرستي سچو تصوف ناهي، نشو پتو صوفيت ناهي، سيريت به طريقت ناهي، تصوف غير مذهبي يا غير ديني ناهي، تصوف عقلي فلسفو به ناهي، تصوف جديد سائنس جي آڏو غلط ناهي، تصوف ڪو سياسي يا معاشي نظام ناهي، تصوف ڪا مافيا يا خفيه تنظيم ناهي، صوفيت ۾ رهبانيت ناهي، جيڪڏهن ايترو ڪجهه تصوف ناهي ته پوءِ ڇا آهي؟ ”تصوف (صوفيت- طريقت)، راهه، ماڳ، واٽ يا طريق آهي، جنهن کي راهه سلوڪه چوندا آهن“. صوفين وٽ سڀ کان اول پاڻ سڃاڻ آهي، ڇو ته جنهن پاڻ سڃاتو، تنهن رب کي سڃاتو، پاڻ سڃاڻ جا مرحلا آهن، علم اليقين، عين اليقين ۽ حق اليقين. تڏهن ئي وڃي بندو خالق جي سڃاڻ حاصل ڪري سگهندو. ”اول وڃائي پاڻ، پڇج پوءِ پريتنڻو.“

پروفيسر سليم يوسف چشتي، جي مضمون جو عنوان پڻ ويدانت ۽ تصوف آهي، هن يار پنهنجو تقابلي جائزو وٺندي لکي ٿو ته تصوف ڇا آهي؟ خدا سان ملڻ يا ان کي دريافت ڪرڻ يا ان کي ڏسڻ جي شديد ترين آرزوءَ جو ٻيو نالو آهي، يا ”انساني روح جو پنهنجي اصل خدا سان ميلاپ ماڻڻ جي چاهت“.

No comments:

Post a Comment