07/01/2015

فاطمه ڀرڳڙي جي ’احساس جا رنگ‘ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


فاطمه ڀرڳڙي جي ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ اردو ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”احساس جا رنگ“ ۾ موجود 10 ڪالم منهنجي نظر ۾
’احساس جا رنگ‘
مٺل جسڪاڻي
هر ڪنهن جي سوچ پنهنجي. اڪثر پڙهندڙ اخبار توڙي اخبار جي ڪالم جي عمر هڪ ڏينهن چوندا ۽ مڃيندا آهن، جڏهن ته پراڻي اخبار به نه رڳو سنڀالي رکي ويندي آهي، پر ضرورت وقت ڳولي ڳولي پڙهي به ويندي آهي. اڄڪلهه ئي نه، سالن کان، ناميارا توڙي نوان ڪالم نويس پڻ، سندن لکيل ۽ مختلف يا هڪ ئي اخبار يا رسالي ۾ ڇپيل ڪالم سهيڙي، مجموعا به ڇپرائيندا رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه نامياريون اخبارون وري مستقل سلسلي طور، سندن پراڻي ڪاپي جو مواد ٻيهر ڇپينديون رهيون آهن.
اخباري ڪالم جو ڪو هڪ نه، ڪيترائي گهاڙيٽا آهن. ڪالم هڪ رخا به ٿيندا آهن، ته گهڻ رخا به هوندا آهن. گهڻ رخا ڪي ڪالم ترتيب ۾ هوندا آهن، ته ڪي وري ترتيب ۾ نه هوندا آهن. ڪالم رکا به ٿيندا آهن، ته سڻڀا، مصالحي دار، چٽ پٽا، مزيدار به ٿيندا آهن. ڪي ڪالم سخت سڏبا آهن. ڪي ڪهر جا ڪالم به ٻڌا آهن. هڪڙا ڪالم اهڙا، جيڪي بلڊ پريشر وڌائيندا آهن، ته ڪي وري گهٽائيندا آهن. 

ڪالم کي تڪبو توربو، ته اهو ليکڪ جي قدبت، سرت، سمجهه، ساڃاهه جي نسبت سان هوندو آهي. ڪي ڪالم پڙهڻ کان سواءِ سمجهه ۾ اچي ويندا آهن، ته ڪن کي سمجهڻ لاءِ ٻه ٽي دفعا پڙهڻ کان پوءِ به، ڪو ڏاهو ڳولڻو پوندو آهي.
اخبارن ۾ ڪالم پڙهڻ تمام پراڻي عادت اٿم. ڇپيل ڪالم سهيڙي، ڇپرايل ڪتاب ڏسي، ڪوفت ٿيندي اٿم. ڇو ته روز مختلف اخبارون ڏسي، پنهنجي پسند وارا ڪالم پڙهڻ جي عادت سبب، منهنجو ڀلي ته ڪالم تي مشتمل ڪتاب ۾ ڪو هڪ به ڪالم، منهنجو اڳ ۾ پڙهيل نه هجي، پر بنا پڙهڻ جي لڳندو اٿم، ته پڙهڻ جهڙو هوندو ته پڙهيل هوندو، پڙهڻ جهڙو نه هوندو ته اڳ ۾ نه پڙهيم ته هاڻ ڇو پڙهجي؟
مون هي جيڪا ڊيگهه ڪئي آهي، تمهيد لکي آهي، ٿلهه ٻڌو آهي، اهو در اصل فاطمه ڀرڳڙي جي ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ ڪهاڻين تي مشتمل، تازي ڇپيل ڪتاب ”احساس جا رنگ“ ۾ موجود 10 ڪالم پڙهي، انهن تي منهنجي ذاتي راءِ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. هاڻ هاڻ، هي ٻه اکر لکندي، مون کي عقل آيو آهي ته آئون ڪير ٿيندو آهيان، جو پنهنجي راءِ لکان. پڙهندڙ پاڻ سياڻا آهن، پنهنجو عقل پاڻ استعمال ڪن، ٿورو وقت ڪڍي فاطمه ڀرڳڙي جا سڀ ڪالم پڙهي، ان لاءِ پنهنجي راءِ قائم ڪن. البت، ايترو لکڻ ضروري ٿو سمجهان، ته هن مجموعي ۾ ڇپيل اڪثر ڪالم منهنجا اڳ ۾ به پڙهيل آهن. هاڻ ٻئي دفعي به پڙهيم. اڪثر ڪالم طنز ۽ مزاح سان ڀريل، بامقصد ڪالم آهن. اهڙا ته گهڻ رخا آهن، جو ڪڏهن به پوڙها نه ٿيندا. دلچسپ به اهڙا آهن، جو هر عمر وارو، جڏهن به ڏسي، پڙهيل نه هجن ته ضرور پڙهي، کيس پراڻو مواد محسوس نه ٿيندو.
”ڪارين رڍن جو آپريشن ڪيو وڃي“ ۾ گهڻن جي دلچسپي جو مواد آهي، ”سنبارا“ به تمام سٺو ڪالم آهي. جڏهن ته شاعرن توڙي شاعري پسند ڪندڙن کي صلاح ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، ته هو ڏهون ڪالم ”شاعرن جا ٺڪاءُ“ ضرور پڙهن.

ياد رهي ته فاطمه ڀرڳڙي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندي رهي آهي ۽ گهڻو ڪري مزاحيه انداز ۾ لکڻ سبب پهرين خاتون مزاح نگار طور سڃاڻپ ماڻي رهي آهي. سندس هي ڪتاب ”احساس جا رنگ“ ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران، نومبر 2014ع دوران، سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ماجد علي ڪاڪا جي پرڪشش رنگين ٽائيٽل ڊزائين واري ڊيمي سائيز جي هن مجموعي جي ڪمپوزنگ بشير جمالي ڪئي آهي، اداري پاران ٻه اکر پرهه پروين گل، پنهنجي پاران قلمڪار فاطمه ڀرڳڙي، ليکڪ بابت راءِ نواز ڀٽو ۽ مهاڳ ”ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم“ شبنم گل لکيو آهي، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪه جي تصوير به آهي ۽ حيدرآباد واري غلام مصطفيٰ سولنگي پاران ليکڪه جو لکيل تعارف به آهي.

No comments:

Post a Comment