08/01/2015

عارضي آهن حُسن جون آرسيون - ذوالفقار هاليپوٽو (Zulifqar Halepoto)

عارضي آهن حُسن جون آرسيون
ذوالفقار هاليپوٽو
سرد جنگ جي خاتمي جا ڏينهن ويجها هئا پر اڃا سنڌ ۾ سياسي تحرڪ يا سماجي سرگرمين لا "ڀاڙو اڳاڙيو" ڪلچر اڀريو ئي ڪونه هو، تنهن وقت ۾ سنڌ ۾ هڪ اهڙو سهڻو قدآور نوجوان شاعر اڀريو هو، جيڪو نه رڳو سموري سنڌ جو هو، پر هن  Constituencyجي سونهن، رومانس، نيچر ۽ انسانيت جا عالمي قدر ۽ لاڙا هئا سندس نالو حسن درس هو.
1985ع جي هڪ شام هئي، ڀاءُ نثار هاليپوٽو ٽنڊي مير محمود مان نڪرندڙ جماعتين جي پڙ جي نياز جي تيارين ۾ رڌل هو، گهر کان ٿورڙو ڀرسان پريان گل شاهه جي پڙ تي ستين محرم جي مناسبت سان ڪربلا جي شهزادي امام قاسم جي ميندي جون تياريون زورن تي هيون. ان وقت حيدرآباد شهر ۾ سياسي توڙي سماجي ورڪرن ۽ اديبن ۽ شارعرن جا تمام گهٽ ٺڪاڻا هوندا هئا. 

عوامي تحريڪ جو دفتر انهن جي سياسي فڪر سان لاڳاپيل دوستن جي ٽرانزٽ اسٽيشن هوندي هئي، سياسي ادب جو شوقين هيٺ ٺهيل ڪتاب گهر مان روس ۽ کاٻي ڌر جو ادب سستي اگهه وٺندا هئا. سياست کان پري رهندڙ اديبن جو واحد ٺڪاڻو سائين نثار حسينيءَ جو آگم پبليڪيشن هائوس هوندو هو. نصير مرزا جي پروڊيوسري ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي آفيس شهر کان ٻاهران ايندڙ دوستن جو "ساهه پٽڻ" جو گس هو. سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهرين ۽ اجلاس لاءِ سائين نياز همايوني ۽ ڪنهن مهل نجم عباسي صاحب جا چهرا منظور چئمبرس ۾ نظر ايندا هئا.
هڪ ٻيو ٺڪاڻو گل شاهه جي پڙ ۾ سائين ذوالفقار شاهه جي ڪيبين هوندي هئي، جيڪا هن پئسا ڪمائڻ کان وڌيڪ ان شوق ۾ کولي هئي ته دوستن يارن سان ڪچهري ٿي سگهي. ڀر ۾ واپڊا يونين جو دفتر هو، ضياءُ الحق جي مارشل لا خلاف گاڏي کاتي ۾ ليبر يونين جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ ذوالفقار شاهه کان پاڻ ٻيڙي وٺندي کيس سياسي صورتحال بابت مفت ۾ ڪمينٽري شيئر ڪندا هئا. حسن درس سان منهنجي پهرين ملاقات ستين محرم جي رات سائين ذوالفقار شاهه جي ڪيبن تي ٿي، جتي هو پنهنجن ٻن انهن دوستن سان گڏ آيل هو، جيڪي کيس پهريون ڀيرو ادبي يا سماجي سرگرمين ۾ حيدرآباد وٺي آيا هئا. هڪڙو دوست هو مقبول نظاماڻي ۽ ٻيو اڪبر سومرو. مون پهريون ڀيرو حسن کي انهن سان گڏ حيدرآباد ايندي ڏٺو هو. گل شاهه جي ميندي پوري سنڌ ۾ مشهور هئي.
رات گهري ٿي رهي هئي ۽ ننڊ جا خمار وڌي رهيا هئا، ماڻهو ٽولين ۾ڪچهرين ۾ چانهه جي هوٽلن تي، روڊن رستن تي ويٺي ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا، جنهن گهڙيءَ ۾ هڪ وڏي نعري سان اونداهيءَ جو پيٽ چيريندي گل شاهه جي حويليءَ مان ميندي ۽ ميڻ بتين جو هڪ ٿال نمودار ٿيندو آهي ۽ پوءِ مولائي پنهنجي حصي جي ميڻ بتي ٻاري ان ٿال ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. وڏي رستي ۾ يا ته ٽيڪنڪ يا وري زورآوري کان سواءِ ٿال تائين رسڻ ممڪن نه هوندو هو ۽ مون کي ياد آهي ته حسن درس ڪيترن ئي دوستن سان گڏ پهريون ڀيرو اتي آيو هو ۽ هو پنهنجي حصي جي ميڻ بتي کڻي ٿال ڏانهن نهاري رهيو هو. 
"قاسم جي چاچي ڪئي دعا ميندي مبارڪ قاسم" جي مرثيي سان آسمان تائين رسندڙ اهو آواز حسن درس جي ڪنن تي پهريون دفعو پيو هو. اهو حسن درس سڀني جو هو، سهڻو، سنهڙو، چهري تي هر وقت مرڪ، هلڻ جو پنهنجو انداز. ان وقت کان پوءِ حسن سان ڪيترن ئي ٻين دوستن سوڌو منهنجي به واقفيت ٿي. هو دائرن ۾رهڻ وارو روح ئي نه هو ۽ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي متضاد ۽ مختلف مزاجن وارن ماڻهن سان گڏ هلڻ جي صلاحيت رکندو هو. هڪڙي پاسي ڊاڪٽر آڪاش انصاري ته ٻئي پاسي اڪبر سومرو ۽ مقبول نظاماڻي، هڪڙي پاسي اعجاز ته ٻئي پاسي سندس آئيڊيل ادل ڀاءُ. تڏهن اڃا ايتري نفسا نفسي به نه هئي، ڪنهن مهل هو سنڌ يونيورسٽي ۾ آغا رفيق ۽ عبدالقادر جوڻيجي سان ڪچهريون ڪندي ملندو هو ته ڪنهن مهل سندس ڏس ڪنهن ڳوٺ ۾ سگهڙن سان ڪچهريون ڪندي ملندو هو.
هڪ دفعو حسن مجتبيٰ خانم گوگوش ۽ ضياءُ الحق تي لکيل سندس شاعري انگريزي ۾ ترجمو ڪري فرنٽيئر پوسٽ ۾ ڏياري موڪلي هئي. سائين جي اين مغل ۽ حسن مجتبيٰ ان وقت ملڪ جي واحد ريڊيڪل نيوز ۾ ڪم ڪندا هئا. پر اهو ترجمو گهڻو اڳ ٿيل هو، ان وقت حسن منهنجو خيال آهي ته فري لانس ڪندو هو ۽ مون کي ياد آهي ته ان ترجمي ملڪ ۾ انگريزي پڙهندڙ ۽ اثر وٺندڙن مٿان وڏو اثر ڇڏيو ۽ فرنٽير پوسٽ جي مالڪ شاهه جي به حسن مجتبيٰ کان حسن درس بابت پڇيو هو.
هن جي فقيري طبيعت هئي، اثاثا ٺاهڻ، مستقبل جون منصوبا بنديون شايد ان جي ايجنڊا نه هئي سواءِ شاعري جي. جيڪا هن جي بنيادي سڃاڻپ هئي. اثاثا ٺاهڻ جو شوق نه هجڻ ڪري پنهنجي ڪيتري ئي خوبصورت شاعري به نه سنڀالي سگهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا چوندو هو ته هن گهڻو ڪجهه لکيو پر پنا ئي گم ٿي ويا ۽ ائين ئي هلڪي موڊ ۾ صفحا گم ٿيڻ تي گهڻي ڳڻتي ظاهر نه ڪندڙ حسن پاڻ به بي وقتو گم ٿي ويو. دوستن حسن جي شخصيت ۽ شاعري تي لکيو به آهي. اڃا به لکڻ گهرجي، هو پنهنجي مزاج ۾ هڪ لبرل ۽ روشن خيال ماڻهو هو. تنهنڪري کيس صوفي مزاج ڏانهن رغبت هئي. پر سندس اهو پاسو مذهبي رنگ ۾ پيش ڪرڻ بدران ان تناظر ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.
حسن جو هڪ دور هو، جنهن ۾ هو ڀرپور هو، پاڻ کي مڪمل سمجهندو هو، هر طرف دوستيون، مداح، واهه واهه جون صدائون، دعوتون ۽ سڏ وري هڪ دور اهڙو آيو، جنهن ۾ هن پاڻ کي صفا خالي محسوس ٿي ڪيو. اهڙو مزاج يا اهڙا دور هر ماڻهو جي زندگي ۾ اچن ٿا. جڏهن ماڻهو هٿن ۾ ڪجهه نه هوندي به هر شئي هٿ ۾ هجڻ جا احساس رکندو آهي ۽ وري ڪڏهن هر شئي هٿ ۾ هوندي به خالي محسوس ڪندو آهي. سندس زندگي جا آخري سال اهڙي ڪيفيت ۾ گذريا ۽ پوءِ هن زندگي جو پيٽرن تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان دور ۾ به حسن درس پنهنجي تخليق وٽين مان پنهنجي ماڻهن ۽ وطن جي خوشحالي جا گيت سرجيندو رهيو.
ڪنديون لوڏ سان هوڏ ڇا هي هوائون،
تنهنجي ٽور تي گهور ٿي پيون گهٽائون (حسن)
حسن يارن جو يار هو، هو درٻاري شاعر نه هو، تنهنڪري اڄ ڪيترائي شيخ اياز ثاني هجڻ جا خود ساخته ليبل لڳايل شاعر حسن درس جي خيال، ٻوليءَ جي استعمال، هن جي حسين جماليات ۽ لهجي کان سوين ميل پري بيٺل آهن. هن لطيف وانگر مشاهدي جي علم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ تنهنڪري سندس هرهڪ سٽ ۽ تخليق جي هرهڪ اکر ۾ اظهار جي انوکي ڪيفيت آهي. جيڪا سندس همعصر شاعرن ۾ ان طاقت سان موجود ناهي. 
هو جڏهن ڪراچي ۾ محمد حنيف، مصدق سانول ۽ ٻين دوستن اڳيان پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو ته عالمي ادب جا اهي پاڙهو پريشان ٿي چوندا هئا ته حسن جو مٽ ناهي. آئون هن مضمون ۾ سندس اهڙا سوين شعر ڪوٽ ڪري سگهان ٿو، جيڪي پنهنجي اظهار ۾ ڪو ثاني نٿا رکن.
مثال طور هڪ نظم اٿس" حامله عورت ڏي هڪ خط!
يا منهنجا خدا هڪ عورت جي Reproductivity جي قدرتي صلاحيت ۽ سندس پاران ٻيو ڪو ساهه Conceive  ڪرڻ جي صلاحيت تي اهڙي ڀرپور اظهار ڪالرج، شيلي ۽ ورڊورٿ ئي ٿي سگهي ٿو.
حسن جي هڪ زبردست خاصيت هي هئي ته هو ٻين جي ڪيفيت کي ٻاهرين ٻني تي ويهي محسوس نه ڪندو هو پر هو ٻين جي ڪيفيت ۾ داخل ٿي ان شخص، منظر، ڪيفيت کي اهڙو ٿي بيان ڪندو هو، تنهنڪري هو پسگردائي جي مشاهدي ۽ هر سطح جي مائيڪرو ڄاڻ کي به رومانوي انداز ۾ تخليقي صلاحيتن سان ايمپريس ڪندو هو، "کل جهڙا پيار پنهنجا، ٻار ڄڻ ٻئي اسين"
ميلان ڪنڊيرا جي ڪلاسيڪل لکڻي Laughable love بابت حسن کي شايد ان دور ۾ خبر به نه هوندي پر هن ڪيترائي سال اڳ انهيءَ ميدان تي هڪ شاهڪار نظم تخليق ڪيو.
حاضر جواب ۽ ڪمال جو في البديع شاعر هو، ويٺي ويٺي اهڙا خوبصورت نظم، ٽيڙو ۽ چوسٽا تخليق ڪندو هو جو واهه واهه. حسن پنهنجي ٽنڊي محمد خان جي هڪ پراڻي سنگتي اعجاز وٽ پٺاڻ ڪالوني حيدرآباد واري جاءِ تي رهندو هو. مون سميت ڪيترائي دوست اتي وڃي رهندا هئا ۽ حسن هر روز ڪيترائي نوان خيال ۽ في البديع ٽيڙو ۽ چوسٽا لکندا هو. اهو قيمتي تخليقي مواد به لڳي ٿو گم ٿي ويو ۽ حسن جي ائين ڪيتري ئي شاهڪار شاعري هاڻ اڻلڀ آهي.
شيخ اياز کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾ وري رديف ڪافيءَ جي زور بيان وارو لڏو اڀري ٿو ۽ ان کان پوءِ وري نئين نسل ۾ حسن درس جي صورت هڪ اهڙو ستارو سنڌ کي ملي ٿو، جنهن جي تخيل جو ڪينواس بي انتها وسيع ۽ حسين آهي. هن جو خيال به پختو آهي ته ٻيا پاسا به انتهائي جديد.
ڪٿي ڪٿي ته اياز جو حسن جماليات ڀل ته حسن کان ڀرپور هجي پر حسن انهيءَ موضوع تي اظهار جي ميدان ۾ وڌيڪ انسپائر ڪندڙ آهي. يعني سندس ايڪسپريشن بي انتها متاثر ڪندڙ آهي.
روز ٿي ڏانوڻ وجهين،
روز ٿو ڦاسي پوان!
حسن جي شاعري ۾ سندس آخري ڏينهن ۾ جيڪو مذهب ڏانهن لاڙي وارو پاسو آهي، تنهن کي آئون سندس سماجي ۽ معاشي بيهڪ يا جوڙجڪ جي لاهن چاڙهن تي تناظر ۾ ڏسان ٿو. ماڻهوءَ جي اندر جي رمزن جا راز ڪير به ڄاڻي نٿو سگهي، جيتوڻيڪ هن جي اندر ۾ هڪ صوفي موجود هو. هو هر مذهب جي عزت ڪندڙ ۽ انٽرفيٿ اصول تي عمل ڪندڙ هو پر هن وٽ تصور وجدان وارو هو. هن وٽ رودالي تصور نه هو، هو شين کي ڏسڻ جي جستجو، اسرار کي پرکڻ جي تمنا ۽ ڪائنات جي ڪيترين ئي رنگينن جي روحاني پهلوئن کي جاچڻ ڏانهن موٽيو هو پر کيس وقت نه مليو جو هو ان يوٽرن جي وضاحت ڪري سگهي. 
حسن جي زندگي توڙي شاعريءَ تي ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب لکي سگهجن ٿا، هي مضمون کيس هڪ اهڙي دوست پاران ڀيٽا آهي، جنهن رڳو ان حسن کي ڏٺو هو، جنهن جي اکين ۾ هر وقت ڳولا جي چمڪ هئي. خبر ناهي هن ڇا ٿي ڳولهڻ گهريو، شايد پنهنجو پاڻ کي......!؟
اچي ٿو واس وڻ وڻ مان اديون هن ڄام آريءَ جو،

کنيو آ جنهن ذمو پنهنجي هٿن ۾ سنڌ ساريءَ جو. (حسن)

No comments:

Post a Comment