22/06/2015

ڪٿا هڪ صديءَ جي - ممتاز لوهار (Mumtaz Lohaar)

ڪٿا هڪ صديءَ جي
ممتاز لوهار
اکيون بند ڪري ٿڌو ساهه کڻي، جڏهن دل ۾ ڪامريڊ سوڀي جو تصور آڻي، چپن کي چوري، ڪامريڊ سوڀي جو نانءُ ٿو وٺان ته ڀانيان ٿو ته ڌرتيءَ جا سمورا ابابيل رابيل جا گل چنهنبن ۾ کنيو مون مٿان اڇلائن ٿا، فضا ۾ سڳند جو واس رلجي ٿو وڃي ۽ منهنجي سوچ جا سمورا خانا خوشبوءِ سان ڀرجي وڃن ٿا. هڪ صدي، صوفيءَ جي رمز ۾ انالحق جا نعرا هڻي ساري سنڌ کي ”جو کيڙي سو کائي“ جو ورد ڪرائي، پاڻ ايندڙلمحن ۾ ڪنهن خوشخبري جي آس من ۾ رکي اڳتي وڌڻ جا ڪشالا ڪري ٿي. شيخ اياز سچ چيو آهي ته ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“.
اهڙي ئي هڪ تاريخي حيثيت جو مالڪ، سنڌو درياءَ جي ڪپ جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، پنهنجي ذات ۾ ڪئي ڪمال ساڍي، سنڌ، سچ، انقلاب ۽ پورهيت سان پيار ڪندي سنڌ جي بهتر ۽ خوشحال مستقبل جا خواب اڻي، ساڀائن جي سفر جو راهي ٿئي ٿو.

ڪامريڊ جي شخصيت جا ڪئي رخ آهن پر مان هتي بحيثيت ڪهاڻيڪار ڪامريڊ جي تخليقي پورهئي تي راءِ رکندس. ”ڪڏهن بهار ايندو“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو، نهايت ئي سادي اسلوب، سادي ٻوليءَ، منظر نگاري ۽ ڪردار نگاريءَ جي خوبصورت سنگم سان هڪ شاندار ڪهاڻي ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون 1940 کان 1946 تائين جي دور ۾ لکيون ويون آهن، جن ۾ ڪجھه ڪهاڻيون ته ڪامريڊ سوڀي انگريزيءَ ۾ لکيون هيون بعد ۾ انهن جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو. جيڪي انهن ڏينهن ۾ انڊيا جي ڪن مئگزين ۾ ڇاپيون به ويون هيون. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جنهن دور ۾ هي ڪهاڻيون لکيون، ان دور ۾ هتان جي حالتن ۽ سماجي بيهڪ جي اها گھُر هئي جو ڪامريڊ پنهنجي سياسي سفر سان گڏ، پنهنجي ئي نظريي تحت سماجي لقائن کي ڪهاڻين ۾ محفوظ ڪري ورتو.ان دور ۾ سندس همعصرن ۾ شيخ اياز، گوبند مالهي، سندري اتمچنداڻي، اي جي اتم ۽ آسانند مامتوراءِ پڻ ڪهاڻيون لکندا هئا.
ان دور جا روايتي موضوع ته فيوڊل سسٽم جي اثر ۾ ورتل هي سماج، وڏيرو، مُلو، بنيادي ضرورتون، بک، ڏوهه ۽ داخلي ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاهه ورتل عام توڙي خاص ماڻهو هوندا هئا. پر اها ڪامريڊ جي شعور جي پختگي آهي جو هن پنهنجين ڪهاڻين وسيلي 1940 واري دور ۾ به سنڌ کي امن، تصوف، انقلاب ۽ سيڪيولر نظام جي راهه ڏيکاري. شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ ”وڏي وٿ هئام“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”مان يقين سان چئي ٿو سگھان ته انقلاب کان اڳ، روسي ادب ۽ منشي پريم چند جي ڪردار نگاريءَ کان سواءِ، سوڀي جي ڪردارنگاري نهايت اوچي ۽ بي مثال آهي، هن غريب، ڳڻپ ۾ نه اچڻ جهڙا وچولي طبقي جا نهايت منفرد ڪردار پيش ڪيا آهن… سوڀو فيوڊل طبقي مان هو ۽ پنهنجي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۽ ان جي آسپاس جي خوبصورت عڪاسي ڪئي اٿس. هن ڪهاڻين جا ڪردار اهي ڏنا آهن جن سان هن جو زندگيءَ ۾ واسطو پيو آهي. هڪ حقيقت نگار اديب وانگر هن ڪردارنگاري ۽ منظر نگاريءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي “
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ هڪ صدي جي جيون سفر ۾ هتي سياسي هلچل، اٿل پٿل، انقلاب، مختلف تحريڪن سميت مذهبي انتهاپسنديءَ کان وٺي طبقاتي تضاد ۽ فيوڊل سسٽم جو نه رڳو اکين ڏٺو شاهد رهيو آهي انهن جي سورن جو درمان به ڄاڻيندو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪامريڊ سوڀي جون سموريون ڪهاڻيون هن جي ڪلاس ۽ ان جي آسپاس موجود ڪردارن جو داستان آهن. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پنهنجي جيون ۾ 1946ع واري هندو مسلم فساد کان وٺي، 1965ع واري جنگ جا هاڃا به ڏٺا ته وري ورهاڱي جا وڍ به سٺآ.هتي مان سندس ٽن ڪهاڻين تي پنهنجي راءِ اوهان آڏو رکندس.
سندس ڪهاڻي ”خودڪشي“ جيڪا 1940 ۾ انگريزيءَ ۾ لکي وئي اها انڊيا ۾ ڇپي وئي هئي، بعد ۾ ان جو ترجمو سنڌيءَ ۾ منظور بلوچ ڪيو هو. هيءَ ڪهاڻي هڪ اهڙي فرد جي داخلي ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاهه تي لکي وئي آهي، جيڪو دل ۾ سماجي تبديلي ۽ انقلاب جي اُڻ تُڻ رکي ٿو. مان ته ايئن چوندس ته هيءَ  هڪ ئي ڪهاڻي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي بحيثيت ڪهاڻيڪار، تعارف لاءِ ڪافي آهي. هن ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار نهايت ئي سادي انداز ۽ ٿڌي لهجي ۾ سماجي بيهڪ تي تنقيد ڪندي هڪ بهتر سماج جو عڪس ڏئي ٿو. جيئن هڪ جاءِ تي ڪردار کان چورائي ٿو ته ”مائٽ ته چاهين ٿا ته مان ڪمايان… پر هي پيڙا ڀريل زندگيون،…هي چهرا جيڪي ڳوڙهن سان ڀريل آهن. هي ڏرا ڏنل اکين سان ٻار ۽ پِن گھرندڙ هٿن سان ماڻهو، هي نوجوان جيڪي رڳو پورهيو ڪري هِڄي مرڻ لاءِ تيار آهن. هي جيڪي اڇي-خاڪي ڏاڙهيءَ وارا پوڙها، جيڪي ڏٻرن ڏيلن ۽ گھنجيل چهرن سان آهن… ڪيئن نه انهن منهنجي اندر ۾ گھر ڪيو آهي، ڇا مان انهن کي ڇڏي ڏيان…مان انهن لکن مائرن سان دوکو ڪيان.“
هن قسم جي ڪردارن ۾ سوچ، جذبو ۽ پنهنجي ديس ۽ قوم سان محبت ۽ انهن جي ڳڻتيءَ تي فڪر ڪندڙ ڪردار ته ڪو سوشلسٽ نظرئي جو ڪهاڻيڪار ئي چٽا ڪري سگھي ٿو. سوڀو گيانچنداڻي پنهنجي فڪري لائين، سماج جي بهتر تبديليءَ جا خواب، پنهنجي لکيل ڪالمن سان گڏ ڪهاڻي ۾ به ٻڌائي ويو آهي. هن جا ڪردار هن جيان ئي سوچين ٿا، هن جي خوابن جهڙا ئي خواب لهن ٿا. هي جملو ئي ڏسو ته”ڪاش مان مُرلي وڄائڻ ڄاڻان هان…وستي وستي وڃان هان، در در ڀٽڪان ها، انقلاب کي آلاپيندي… هڪ هٿ ۾ مانيءَ جو ڳڀو ساڻ ڪري…ليڙون ٿيل ڪپڙن سان…کيسن ۾ انقلابي پمفليٽ ۽ پنا وجھيو… هاري ۽ مزدور جاڳو…ڪاش سڄي دنيا منهنجي ڳوڙهن ۾ لڙهي وڃي“.
ڪامريڊ سوڀي سڄي زندگي جنهن سياسي نظريي جو پرچارڪ ڪيو،سندس ڪهاڻين جا ڪردار به ان ئي نظريي جا سفير رهيا آهن. ڪهاڻيءَ جو هي ننڍڙو ٽڪرو جتي ان وقت جي سنڌ جي بيهڪ، معاشي صورتحال، بک ۽ غم جي جنڊ ۾ پيڙهجندڙ هاري ۽ مزدور طبقوآهن. تن جي دل ۾ اجتماعي درد، سماجي لقاءَ جي ڪايا پلٽ لاءِ نه رڳو خواب آهن پر آدرش به آهن. سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ هونئن ته سندس ڪهاڻي ”رحيمان“ کي ئي گھڻي موٽ ملي آهي پر منهنجي راءِ آهي ته هيءَ ڪهاڻي ”خودڪشي“ سوڀي صاحب جي شاهڪار ڪهاڻي ۽ سندس آدرشن جو نچوڙ آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ٻي ڪهاڻي ”ڀاڄوڪڙ“ سنڌ جي 1940ع واري دور دوران ٿيندڙ معصوم ٻارڙن جي اغوا تي لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي ٻار جي احساسن کي چٽيو ويو آهي جيڪو پنهنجي وڏن جي سختين، فيصلن ۽ مرضين کان بغاوت ڪري ڀڄي وڃي ٿو ۽ اهو لاڏائو فقرن هٿان کنڀجي انهن جي برادري ۾ ڪجھه وقت گذاري ٿو. هن ڪهاڻي ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ ننڍي ٻار کان سنجيده ۽ ذميواراڻا جيڪي فيصلا ڪرايا آهن، اهي اصل ۾ ڪردار جي عمر ۽ سوچ کان وڌيڪ آهن. ان ننڍڙي ڪمزوريءَ باوجود هيءَ ڪهاڻي اهڙن معصوم ٻارڙن جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ اذيتناڪ حادثن جو دستاويز آهي. هن ڪهاڻي پڙهڻ دوران منهنجي ذهن تي سماج جا اهي سمورا ٻار تري اچن ٿا جيڪي گھر وارن، والدين، استادن ۽ مائٽن کان تنگ ٿي گھر ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا ۽ پوءِ سماج ۾ ناڪاري سوچ جي ڪوڙڪين ۾ ڦاسي پون ٿا. هونئن به انسان جي فطرت ۾ حالتن ۽ يڪسانيت کان فرار جو جذبو ڀريل آهي ۽ اهڙين ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاهه هڪ ننڍڙي ٻالڪ کان جيڪو بيزاري منجھان سخت قدم کڻائي ٿي ان جو نتيجو هن ڪهاڻيءَ جي سونهن ۽ سنيهو آهي.
ڪهاڻي ”آکيري جو ٽٽڻ“ 1944ع ۾ لکيل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اسان کي ان دور واري سنڌ، ان جا ڳوٺ ۽ ان جا شهر ذهن آڏو تري اچن ٿا ان وقت به سنڌ اندر مذهب جي نانءَ تي هندو ڀائرن کي بنياد پرستن هٿان اذيتون مليون هيون ۽ افسوس سان چئڻو ٿو پوي ته اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ان ساڳي روايت سان هتي جي اصلوڪن سنڌي هندو ڀائرن کي ذاتي رنجشن ۽ اختلافن سبب مذهبي مسئلن جي مچ ۾ ساڙيو ٿو وڃي، اڄ جي دور جيان ان وقت به سنڌ جا صوفي ۽ سيڪيولر فرد، سندن محافظ ٿي جان، مال ۽ عزت تي پهرو ڏين ٿا. پر هڪ ڳالهه جيڪا سوڀي گيانچنداڻيءَ هن ڪهاڻيءَ ۾ لکي آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڳوٺن ۾ نرم دل مسلمان هندو ڀائرن ڏانهن لڙي ايندا هئا ته اوهين نه لڏيو ۽ اڄ اهو ئي مثبت ڪردار هتان جا باشعور فرد، سياسي تنظيمون ۽ خود رياست به بهتر انداز سان نڀائيندي هندو برادريءَ کي اڪيلو ناهي ڇڏيو، پر ان جو تحفظ ڪيو آهي.
1944ع واري ان ڪربناڪ منظر کي سوڀي صاحب هڪ نئين احساساتي انداز سان محفوظ ڪيو آهي ته ”بيل گاڏيون تيار ٿي رهيون آهن، سڀني جون دليون وهنديون پيون وڃن. ڪاڪو جيوت راءِ سٺ ورهين جي زال جي مرڻ تي جنهن هڪ ڳوڙهو نه هاريو سو چلم جو نڙ نرڙ تي هڻي زار زار ڳوڙها پيو ڳاڙي، ورهين جو ڀائو نيوند رام جنهن گذريل سال ماءُ جي مرڻ تي نه هڪڙو ٽيپو اک مان نه هاريو سو ڌوتيءَ سان اکيون پيو اگھي. سانت ۾ ويٺل مسلمانن مان به ڪيترن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا آهن“.
سچ ته اهو آهي ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪهاڻين جا ڪردار ان دور جي سڄاڻ فرد، سماج جي بهتريءَ جا فڪرمند، انسان دوست، ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ آهن، سوڀي جي ڪهاڻين ۾ توڙي جو رومانوي تشبيهون، ڪو فلسفو، لفظن جي جادوگري يا تصوراتي دنيا جو اپٽار ڪونهي، پر هن وٽ آس پاس موجود جيئر جاڳندا ڪردار آهن، جيڪي سادي زندگي گذارين ٿا، جيڪي سادو ڳالهائين ٿا، ها البته اهي سوچ جي اڻ تڻ ۽ بهتر روين جا پاسدار آهن، اهي غيرمعمولي فردن جيان ذميواريءَ سان پنهنجي زندگي گذارين ٿا.
اڄ جڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ کي سئو سال پورا ٿي چڪا آهن ته تڏهن ڪامريڊ جون ڪهاڻيون به مُني صديءَ ۾ داخل ٿي چيڪون آهن. ائين کڻي چئجي ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ گڏ سنڌ ۾ اکيون کوليون ۽ گڏ سفر ڪيو. جيئن سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ارتقا جا سفر طئي ڪري اڄ ايشيا جي ادب ۾ پنهنجي هڪ مڃتا ۽ سڃاڻپ جوڙي آهي. ائين ئي سوڀي گيانچنداڻيءَ به مستقل مزاجي، ڏاهپ، عملي جدوجهد ۽ اڄ تائين سماج اندر ٿيندڙ هر اٿل پٿل ۾ وک سان وک وڌائي گڏ هليو آهي.

سوڀي گيانچنداڻيءَ جون ساديون پر بامقصد ڪهاڻيون، ڀلي اوهان کان وسري وڃن ۽ ڪهاڻيءَ جو ڪو حوالو نه بڻجن پر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو نالو يا ان جي نالي سان سنڌ ۽ هر سنڌيءَ جو نالو وٺڻ ڪنهن اعزاز کان گھٽ ڪونه آهي. اڄ هن گھڙي جڏهن اسين پيار منجھان سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ياد ڪري رهيا آهيون،ٺيڪ ان گھڙيءَ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي فطرت جي تيز طوفان آڏو ڏيئي جي لاٽ جيان پنهنجي جوت جلايون بيٺو آهي. شال هُو لاڙڪاڻي مرڪندو موٽي اچي.

No comments:

Post a Comment