سڀ رنگ سانول
سولو ته ڳالهائڻ به ڪونهي، لکڻ اڃا به گهڻو ڏکيو آهي. جيڪڏهن
ائين نه هجي، ته هر ڪو، جڏهن به ڳالهائي ته وڻي ۽ جڏهن به لکي ته وڻي، پر ائين نه آهي،
نه ئي ممڪن آهي.
هاشم شورو جو پهريون ۽ آفتاب ادب پبليڪيشن
ڪوٽڙي جو ٽيون ڪتاب هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مختصر پر جامع اياز عالم ابڙو لکيو آهي. جنهن ۾ هاشم جي چٽي تصوير ڪشي
سان گڏوگڏ هاشم جو بهترين انداز ۾ مڪمل تعارف لکي، سندس لکڻين به بهترين راءِ شامل
آهي.
هاشم شورو سان منهنجي پهرين ملاقات پرپٺ به ته روبرو به
ٿي، پر ائين ته، نه اسان هڪ ٻئي کي ڏسي پئي سگهياسين، نه ئي هڪ ٻئي کي ٻڌي پئي سگهياسين!
اسان هڪ ٻئي لاءِ جيڪو لکيو پئي، اهو پڙهيو پئي، ۽ پڙهندي ئي پاڻ کي گڏ ويٺل محسوس
ڪيو پئي.
آئون ”مٺل“ هوندي به ”هاشم“ کي ڪيئن لڳس، سا ”هاشم“ کي خبر،
مون کي ”هاشم“، اسان جي پهرين ملاقات ۾ ئي ”مٺل“ لڳو، جنهنڪري رابطو ۽ واسطو وڌندو
ويو ۽ آخرڪار روبرو به ملڻ ٿيو.
اسين روبرو ملياسين ته، ساڳئين طرح ”هاشم“ کي ”مٺل“ ڪيئن
به لڳو، پر ”مٺل“ کي ”هاشم“ ”مٺل“ لڳو، جنهن ڪري ملڻ به جاري آهي ۽ ملڻ بنا به رابطو
هلندڙ آهي.
هاشم جون مختصر تحريرون مون پهرين عالمي اوطاق (فيس بوڪ)
تي پڙهيون، جتي گهڻو ڪري کيس داد ئي ڏيڻو پيو، پر ڪٿي ڪٿي ممڪن آهي، ته ڪا مون پنهنجي
راءِ به ڏني هوندي، جيڪا عالمي اوطاق تان پڙهي سگهجي ٿي.
اسان جي پهرين روبرو ملاقات حيدرآباد شهر ۾ ٿي. انتهائي
وڻندڙ ۽ انوکي انداز ۾ ٿي ۽ اها ملاقات به يادگار رهي، ته ان کان پوءِ واريون ملاقاتون
به نه وسرنديون.
واسطا وڌڻ ۽ رابطا روان رهڻ جي ڪري، سوچيو مون پئي ته هاشم
شورو کان انٽرويو وٺان، پر مون کان اڳ فهيم فدا شورو انٽرويو ورتو، جيڪو مون عالمي
اوطاق تي پڙهيو. اهو انٽرويو عالمي اوطاق تي پڙهي، مون کي ارمان ٿيو، ته اهڙو يادگار
۽ معلوماتي انٽرويو، صرف عالمي اوطاق تي هجڻ بدران، ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ به ڇپجڻ
گهرجي ها.
سڀ رنگ سانول جو پهريون رنگ ”خيال اڏارون“
۾ مختصر تاثر ۽ ٻئي رنگ ”انٽرويو“ ۾ ”يادگيرين جا حسين پل“ دراصل هاشم شورو جو اهو
انٽرويو آهي جيڪو فهيم فدا شورو ورتو، ٻئي ڪنهن هنڌ ڇپيو يا نه، سڀ رنگ سانول، جنهن
۾ هاشم شورو جا مختلف مضمون، مقالا، ڪهاڻيون، انٽرويو، شاعري ۽ شخصيتن تي مشتمل تاثر
موجود آهن، پنهنجي جاءِ تي گهڻن رنگن سان ڀرپور، هڪ رنگين ادبي مجموعو آهي. هن ئي مجموعي،
هن ئي ڪتاب جي ٻيءَ ڪڙي طور شامل ٿيل ڏسي، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اهو انٽرويو به ڄڻ
ته هاشم جي هن مجموعي جو مهاڳ آهي، پيش لفظ آهي، ليکڪ پاران آهي، انتساب آهي. پڙهندڙ
کي اهو انٽرويو پهرين ۽ ڪتاب جو مواد ان کان پوءِ پڙهڻ گهرجي. ان سان پڙهندڙ اڳيان
هاشم شورو جو ماضي ۽ حال، ۽ پڙهندڙ کي هاشم جو خيال سمجهڻ ۾ سولائي پيدا ڪندو ۽ ڪتاب
پڙهي پورو ڪرڻ ۾ دلچسپي جو باعث بڻجندو.
سڀ رنگ سانول ۾ شخصيتون جي سري هيٺ پهرين عبدالڪريم بلوچ،
پوءِ لڇمڻ ڪومل، ان کان پوءِ گل محمد کتري ۽ آخر ۾ اياز عالم ابڙو جي حوالي سان، هاشم
ڪجهه اهڙي نموني ويچار ونڊيا آهن، جن کي اوهان تاثر به چئي سگهو ٿا، مضمون به سمجهي
سگهو ٿا، آئون مقالو چوڻ ۾ به وڌاءَ نه سمجهندس. ڇاڪاڻ ته اهي نثر جون ٽي الڳ صنفون
آهن، پر هاشم شورو لکيو ئي اهڙي انداز ۾ آهي، جنهن سان هر صنف جي گهرج جو پورائو به
ٿئي پيو.
گهڻ پاسائين شخصيت عبدالڪريم بلوچ، هند ۽ سنڌ جي ناليواري
ليکڪ لڇمڻ ڪومل ۽ منهنجي خيال ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي سمجهي سگهندڙ مصور“ گل محمد
کتري تي، هاشم شورو صاحب تڏهن لکيو، جڏهن اهي املهه موتي، هن فاني جهان مان سدائين
لاءِ موڪلائي ويا، ۽ جڏهن هاشم ننڍو نيٽو، نوجوان ۽ نئون ليکڪ هو، تڏهن لکيو هئائين
اياز عالم ابڙو تي. سندس هر تاثر، هر مضمون، هر مقالو، هر شخص جي بهتر واقفيت به ڪرائي
ٿو، ته هر شخصيت کي بهترين ڀيٽا جو هڪ پنهنجو انداز به پيش ڪري پيو.
هن مجموعي جو هڪ ڀاڱو ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شروعاتي
چار ڪهاڻيون ”مسيحا“، ”پيلا گل پلاند ۾“، ”وحشي جذبن جو موت“ ۽ ”ڀرم ڀورا ڀورا“، هاشم
شورو جون لکيل ڪهاڻيون آهن، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ڪهاڻي ”ماسي ڌني“ امرتا پريتم جي
ڪهاڻي جو ترجمو آهي.
هاشم شورو جي ڪهاڻي ”مسيحا“، مون سڦلتا ميگزين جي نومبر
2014ع واري شماري ۾ پڙهي، ڏانهنس موبائيل نياپي ۾ لکي موڪليو هو ته ”واه واه سائين
هاشم شورو واه. واه جي ڪهاڻي آهي. مسيحا به اهڙا کپن ۽ ليکڪ به اهڙا. ڇا ته ڪهاڻي
۾ مسلسل دلچسپي، رواني، تجسس، سنجيدگي به ته مزاح به، پر انتهائي وڻندڙ انداز ۾. سچ
ته ڪهاڻي تمام گهڻي وڻي. صرف هڪ اعتراض: هاڻ بيروزگار نه ٿا وڻن“. منهنجو اهو اعتراض،
يعني بيروزگار ڇو نه ٿا وڻن؟ ان جي وضاحت ضروري به سمجهان پيو ته غير ضروري به. ضروري
ان ڪري، ته اڳي ڊاڪٽر يا انجنيئر ٻڌي رشتا طئه ڪري ڇڏبا هئا، هاڻي پهرين اهو پڇيو ويندو
آهي، ته ڇوڪرو، يعني ڪنوارو ڊاڪٽر يا ڪنوارو انجنيئر ڪندو ڇا آهي؟ سندس پگهار، آمدني
ڪيتري آهي؟
”نسيم تو کي ياد هوندو تو سان گڏ هوندي آئون ڪو به ڪم پنهنجي مرضيءَ
سان نه ڪندو هئس.“ اهو دراصل هاشم شورو جي ٻيءَ ڪهاڻي ”پيلا گل پلاند ۾“ جو هڪ ڊاءِ
لاگ آهي. بهترين ڊاءِ لاگس چئجي يا بهترين ملاقات تي مشتمل اها ڪهاڻي، پڙهندڙ پڙهندا
ته کين ٻه احساس ضرور ٿيندا. هڪ اهو ته ڪهاڻي ساهه کڻي پئي ۽ ٻيو اهو ته ڪهاڻي سبق
جو ڪم ڪري پئي. ڪهاڻي کي ساهه کڻائڻ ۽ سبق جو ڪم ڪرائڻ ۾ هاشم شورو به شامل آهي.
”وحشي جذبن جو موت“ هاشم شورو جي هن مجموعي ۾ ٽئين نمبر تي شايع ٿيل
هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا هاشم جي هم عمر نوجوان واري وهيءَ جي به آهي، ته هاشم جي اولاد
۽ ان کان به ننڍي ٽهيءَ وارن جي به ڪهاڻي آهي.
”ڀرم ڀورا ڀورا“ هاشم جي لکيل اها ڪهاڻي آهي، جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ
کان ڪجهه مهينا اڳ، هن مون ڏانهن اي ميل ڪئي هئي. مون هي ڪهاڻي پڙهي کيس جيئن چيو،
تيئن هتي نه ٿو لکان. پڙهندڙ پاڻ پڙهن. سچ ته هي ڪهاڻي به مختلف دورن جي هڪ اهڙي سچي
ڪهاڻي آهي، جنهن کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي.
جيتوڻيڪ مون امرتا پريتم جي ڪهاڻي ”ماسي ڌني“ اردو ۾ نه
پڙهي آهي، پر هاشم شورو پاران ڪيل سنڌي ۾ ترجمو پڙهيم، ته مون کي ڪٿي به ائين محسوس
نه ٿيو، ته ڪو هاشم اها ڪهاڻي اردو مان سنڌي جي صورت ۾ پڙهائي آهي. هاشم ترجمي سان
ته نڀايو ئي آهي، پر ترجمو ڪرڻ لاءِ سندس انتخاب به ساراهڻ جهڙو آهي.
ڪهاڻيون ختم ٿيڻ کان پوءِ واري حصي ۾، پهرين بنا عنوان جي
هڪ اهڙو مختصر تاثر شايع ٿيل آهي، جيڪو پڙهندي ٿڌو ساهه کڄي ٿو ۽ پڙهندڙ سوچڻ تي مجبور
ٿئي ٿو. ان کان پوءِ آهي سنڌو شورو جي تحرير ”منهنجو بابا جاني“، جيڪا به هن مجموعي
جي سونهن ۽ پڙهڻ جهڙي تحرير آهي.
ٻين جي مرضي، آئون هاشم کي ”ساڃاهه وندن کان مليل آٽوگراف
(يادگيريون)“ سنڀالي رکڻ ۽ هن مجموعي ۾ شامل ڪري، انهن جي حياتي ۽ ڪارج واڌائڻ واري
فيصلي تي شاباس ٿو ڏيان. بظاهر ۽ گهڻن جي نظر ۾ هي مواد ڀلي ته گهٽ اهميت جو هجي، پر
منهنجي نظر ۾، منهنجي خيال موجب، اهڙيون شيون به شايع ٿيڻ کپن، ضايع نه ٿيڻ گهرجن.
سڀ رنگ سانول جو آخري ڀاڱو هاشم شورو جي شاعري تي مشتمل
آهي، جنهن ۾ بيت، غزل، قطعه ۽ ٽيڙو ته آهن، پر سنڌي شاعري ۾ متعارف ٿيل نئين صنف ”هڪيٽو“
به هن مجموعي جي سونهن جو سبب بنيو آهي. مجموعي جي پڄاڻي هڪ مقصد ڀرئي آزاد نظم سان
ٿئي ٿي، پر ان کان اڳ ”ڪافر“ به پڙهڻ جهڙو، احساساتي ۽ جزباتي آزاد نظم آهي.
سڀ رنگ سانول، منهنجي نظر ۾، پنهنجي نوعيت جو هي پهريون
اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪو به هڪ رنگ يعني صرف نثر يا صرف نظم نه، صرف مضمون يا صرف
ڪهاڻيون ئي نه، شاعري به، انٽرويو به، تاثر به، ۽ هڪ سيبتي شخص (هاشم شورو) لاءِ ساڃاهه
وندن جا لکيل آٽوگراف ۽ ٻيون يادگيريون به، هن مجموعي ۾ شامل آهن. سڀ رنگ سانول ڪتاب
جي اها انفراديت، در اصل هاشم شورو جي انفراديت جو به اهڃاڻ آهي.
سڀ رنگ سانول ۾ مون سميت نور حسن ڪلهوڙو، بهزاد سنڌي، سنڌو
شورو، راحيل قاضي، اصغر علي کونهارو، محبوب سنڌي ۽ غلام رسول غرق جون ڪتاب ۽ صاحب ڪتاب
تي پڙهڻ جهڙيون لکڻيون به شامل آهن. چئن رنگن تي مشتمل خوبصورت ٽائيٽل، جيڪو به پڙهي
سگهندو، ان کي وڻندو، جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل تي هاشم شورو جي تصوير سان گڏ تعارف ڏنل آهي، جيڪو ايڊووڪيٽ آفتاب
حسين کونهارو لکيو آهي. پڪي جلد سان 144 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت
160 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment