22/06/2015

ميراث خير - ابو رافع (Abu Rafiu)

ذوالفقار علي قادري صاحب جو مرتب ڪيل

ميراث خير

ابو رافع
هيءُ ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو آهي، انهن فارسي جي ستاونوي رباعين جو جيڪي فارسي جي جڳ مشهور شاعر حضرت شيخ ابو سعيد ابوالخير خراساني جون لکيل آهن جن جو اردو ۾ ترجمو ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا صاحبه ڪيو آهي ۽ ان کي مرتب ڪيو اهي. افضل قادري خاندان جي ادبي ميراث سهيريندڙ سائين ذوالفقار علي قادريءَ. حضرت شِخ ابو سعيد ابوالخير خراساني، چوٿين ۽ پنجين صدي هجري جو فارسي شاعر آهي. هيءُ ڪتاب سندس رباعين تي ٻڌل آهي.


وحدت الوجود جي هن پيروڪار فارسي شاعر ۽ عالم جي هنن رباعين کي وقت جي دز کان بچائي اڄ اردوءَ ۾ عام پڙهندڙن اڳيان آڻڻ ۾ ذوالفقار قادري صاحب جي ڪوشش کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. ساڳئي وقت فارسي مان اردو ۾ هنن رباعين کي ترجمي ڪرڻ جو شرف ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا کي آهي، جنهن فارسيءَ ۾ ئي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. ياد رکيو وڃي ته ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا سنڌي نياڻي آهي. هن ايران مان فارسي جي ڊگري ورتي آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ فارسيءَ جي استاد آهي. بهرحال هيءُ ڪتاب شاعري جو ڪتاب آهي. عمر خيام کان پوءِ هيءُ فارسي جو شاعر آهي، جنهن جو رباعيون سنڌي پڙهندڙن توڻي اردو پڙهندڙن جي اکين اڳيان اچي رهيون آهن. ڪتاب ۾ ستانوي رباعيون آهن. هن ڪتاب جي شاعريءَ سان گڏ لکيل مقدمو پڻ پنهنجي خاص اهميت لهڻي ٿو، جنهن ۾ ابو سعيد خراساني جي سوانح توڻي رباعين جي باري ۾ تفصيل لکيل آهن. 140 صفحن جي هن خوبصورت پڪي جلد سان ڇپيل ڪتاب جو ملهه 300 رپيا آهي ۽ ڪتاب ڇپايو آهي پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرس ڪراچي.

No comments:

Post a Comment