22/06/2015

آهيو منهنجي جان - ابو رافع (Abu Rafiu)

شبير هاليپوٽي جو شاعراڻو ڪتاب
آهيو منهنجي جان
ابو رافع
سنڌ شاعري جي اڱڻ کي واسڻ وارن مان هڪ نالو شبير هاليپوٽي جو به آهي، جيڪو پنهنجي سموري خوشبوءِ  ڏيڻ کان اڳ ئي اسان کان جدا ٿي ويو.
هو پنهنجي نوجواني واري موت سبب پنهنجي خاندان کي ته ڏکائي ويو، پر سنڌي شاعريءَ  کي پڻ هڪ ڏک ڏئي ويو آهي، سندس حياتي ۾ سندس  شاعريءَ جا ٽي ڪتاب شايع ٿيا، افسوس آهي ته تازو آيل ۽ سندس  شاعري جو چوٿون ڪتاب ”آهيو منهنجي جان“ سندس هلئي وڃڻ کان پوءِ  ڇپجي آيو آهي، جيتوڻيڪ هيءَ ڪتاب هن پاڻ ئي ترتيب ڏنو هئو ۽ جن کي ڏنو هئائين انهن لاءِ شايد هيءَ ڪتاب ڏسي نه سگهيو، هاڻ جڏهن تڪڙو آڻن اهم نه هئو جنهنڪري شبير پنهنجو هيءُ ڪتاب شايع ٿيو آهي ته پڪ سان هو سرڳ ۾ خوش ٿيو هوندو.

شبير هاليپوٽي جو هي ڪتاب پڻ سندس اڳئين ڪتاب گيت منهنجا  ميت“ وانگر گيتن جو آهي، جنهن ۾ طبرق طور ڪي ڏيڍ وڻا ڏنا ويا آهن، پر  شبير   گيت ۾ پاڻ کي مناسب اظهار ڏيئي سگهندڙ  شاعر آهي، سندس  گيتن ۾ شاعري آهي، صنفي تجربا آهن، ٻوليءَ جي سونهن آهي ۽  ٻيو به گهڻو ڪجهه.

سندس ورسيءَ  تي آندل هي ڪتاب، سنڌي شاعري ۾ اهم جڳهه والاريندو، خاص طور گيت جي شاعري ۾ هيءُ ذڪر جرڳو ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ٻولي کي وڌيڪ سونهن ڏيندڙ آهي، روشني پبليڪشن ڪنڊياري / حيدرآباد پاران  ڇپيل هن ڪتاب ۾ 231 صفحا آهن  ۽ ڪتاب جو ملهه اڍائي سئو رپيا آهي، ڪيئن  به هي ڪتاب اسان جي ٽهيءَ جي پڙهڻ جهڙو شاعراڻو ڪتاب آهي، ان ڳالهه ۾ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه آهي.

No comments:

Post a Comment