30/07/2015

ڪتاب ”بلوچستان ۾ مهدوي حريڪ“ خواجا ذوالفقار (Khuwaja Zulifqar)

 مير رحيم داد خان مولائي شيدائي جو ڪتاب
”بلوچستان ۾ مهدوي حريڪ“
خواجا ذوالفقار
مير رحيم داد خان مولائي  شيدائي جو نڪور ڪتاب ”بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. رحيم داد خان مولائي شيدائي سنه 1952ع ۾ اهو ناياب ننڍڙو ڪتابڙو لکيو ۽ شايع ڪرايو.جيڪو ساڳئي سال ئي مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو هو. هن سال ان ناياب ڪتاب کي ٻيهر مولائي  شيدائي اڪيڊمي پاران شايع ڪرايو ويو آهي. ان ناياب ڪتاب لاءِ سڀني کان وڌيڪ بلوچستان جي اديبن عالمن ۽ محققن مولائي شيدائي هائوس جا ڪيترائي چڪر ڪاٽيا ته ”بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ“ بابت کين ڪتاب ڏنو وڃي، جنهنڪري مولائي شيدائي اڪيڊمي طرفان 62 سالن کان پوءِ هي ڪتاب ٻيهر شايع ڪرايو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ پاڻ کي امام مهدي سڏائڻ جي دعويٰ ڪندڙ سيد ميران محمد جونپوري  جي ڀارت کان سنڌ آمد، نصرپور ۾ رهائش ۽ پوءِ درياءُ ٽپي ٺٽي شهر پهچڻ ۽ سائين جي ايم سيد جي پڙڏاڏي سيد حيِدر شاھ سنائيءَ پاران سندس رستا روڪ ڪرڻ کان ويندي ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نظام الدين جي روزيراعظم دولهه درياءَ خان جي وچ ۾ پئي کيس سنڌ نيڪالي ڏيڻ ۽ 18 مهينا ٺٽي ۾ رهي افغانستان ڏانهن واپسي ۽ افغانستان ۾ ميران محمد جونپوريءَ جي وفات تائين هن ڪتاب ۾ وڏي تاريخي ڄاڻ موجود آهي.
ان کان سواءِ مهدوي تحريڪ بلوچستان ۾ ڪيئن زور ورتو ۽ سسئي جي جبلن جا پنڌ ڪرائيندڙ هوت بلوچن جي ڪيچ مڪران مان بليدين ڪيئن حڪومت ختم ڪئي ۽ هوت قبيلي جي آخري حڪمران شمي الدين هوت بلوچ کي 1613 ۾ قتل ڪيو ۽ بليدي هڪ صديءَ تائين مڪران تي حڪومت ڪندا رهيا. اهي سموريون تاريخي حقيقتون مير رحيم داد خان مولائي شيدائي جي ڪتاب ”بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ“ پڙهڻ کان پوءِ پروڙي سگهجن ٿيون.

ان موضوع تي سنڌ توڙي بلوچستان ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي  مير رحيم داد خان مولائي شيدائي جو هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سيد ميران محمد جونپوري بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب ۽ محقق پروفيسر سرور سيف لکيو آهي ۽ مهدوي تحريڪ جي حوالي سان چند سٽون راقم العروف لکيون آهن. مناسب قيمت، خوبصورت ڇپائي، سهڻي ٽائيٽل ۽ مختصر صفحن تي مشتمل هي ڪتابڙو هر ساڃاھ وند ۽ تاريخ سان چاھ رکندڙن جي لائبريري جي سونهن وڌائي سگهي ٿو.

No comments:

Post a Comment