18/06/2019

ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ جو اڀياس - علي ڏنو جروار (Ali Dino Jarwar)


علي ڏنو جروار
ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ جو اڀياس

هونئن ته سنڌي ٻولي ۾ روزانو ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پر ڪي ڪتاب اهڙا به آهن جن جي تمام گهڻي اهميت آهي. زير نظر ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ لطيفيات بابت آهي، جيڪو فقير حاجن نظاماڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ لطيف بابت تمام گهڻي تحقيق ۽ ڄاڻ شامل آهي. هي ڪتاب سمبارا پبليڪشن حيدرآباد پاران مئي 2019ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 256 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون شامل آهن سي روزاني عبرت جي ايڊيٽوريل پيج تي ۽ عبرت مئگزين ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

عبرت اخبار جو سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏو ڪردار رهيو آهي، خاص طور تي علم، ادب ۽ لطيف شناسي کي هن اخبار ۾ تمام گهڻي اهميت ملندي رهي آهي. هيءُ ڪتاب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪَڙي آهي. ڇو ته هن ڪتاب جا سڀئي مضمون عبرت جا پڙهندڙ اڳ ئي پڙهي چڪا آهن ۽ هاڻي جڏهن انهن هڪ ڪتاب يا مجموعي جي شڪل اختيار ڪئي آهي ته انهن مضمونن جي اهميت اڃا به وڌيڪ اجاگر ٿيندي.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ فقير حاجن نظاماڻي پڙهندڙن کي لطيف بابت تمام گهڻي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. لطيفي فڪر ۽ لطيف شناسي کان سواءِ فقير حاجن نظاماڻي لطيفي ساز دنبوري، لطيفي ماڳن، لطيفي راڳ، وڏي اوطاق، درگاهه ۽ ٻين شين متعلق به ڄاڻ مهيا ڪئي آهي. جڏهن ته لطيفي وائين، سازن ۽ راڳ جي اصولن متعلق به ٻڌايو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته لطيفي ساز دنبورو ڪيتري محنت سان تيار ڪيو ويندو آهي ۽ راڳ ڳائڻ وقت ڪهڙا ڪهڙا اصول اختيار ڪيا ويندا آهن. راڳ جي شروعات ڪٿان ۽ ڪهڙيءَ ريت ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته اهو ڪٿي ۽ ڪيئن ختم ٿيندو آهي، اها سموري معلومات هن کان اڳي پڙهندڙن وٽ موجود نه هئي، پر هن وقت هڪ ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ شايع ٿيڻ کان پوءِ لطيف سائينءَ بابت سموري معلومات پڙهندڙن تائين پهچي چڪي آهي.
ڪتاب جي شروعات ۾ ساجد سنڌي پاران ڪجهه سٽون شامل آهن جن ۾ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته ”ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ لطيف جي آڳنڌ تي دنبوري جي تار سان اڻٽٽ سٻنڌ ڳنڍيندڙ فقير حاجن نظاماڻي جو لطيفي موسيقيت سان بي پناهه چاهه توڙي جو ننڍپڻ کان بابا سائينءَ جي آڱر پڪڙي سندس نقشِ قدم تي هلڻ جو سبب به چئي سگهجي ٿو پر اصل ۾ سندس سڀاوَ ۾ شامل نياز ۽ نوڙت سميت لطيفي راڳ سان اُنس ۽ قربت کي عين عبادت تصور ڪرڻ“.
ان کان سواءِ پنهنجي پاران ۾ ليکڪ پاڻ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”بابا سائين جي ورثي مان راڳ منهنجي ڀاڱي ۾ آيو ۽ حڪمت ادا علي ڏنو جي ڀاڱي ۾ آئي، جڏهن ته بابا سائين جي سُگهڙ ساٿين جي سنڀال پڻ سندس حوالي آهي.
کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين جي عنوان هيٺ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پاران ڪتاب جو مهاڳ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته ”شاهه صاحب جو پيغام آهي ته سڄي انسان ذات لاءِ پر سنڌين لاءِ ان جي خصوصي حيثيت آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، سنڌي ڳالهائيندڙ ئي شاهه سائينءَ کي صحيح طريقي سان پڙهي، سمجهي ۽ پروڙي سگهي ٿو.
فقير علي ڏنو نظاماڻيءَ جون به ڪجهه سٽون هن ڪتاب بابت شايع ٿيل آهن، جن ۾ هو لکي ٿو ته شاهه سائين جو علم فڪر اتي جو اتي هوندو ۽ شاهه سائينءَ جي ڏنل فڪر جي قيامت تائين پيئي تحقيقات هلندي، پر هن علم جو ڪوبه ڇيڙو نه آهي.
”لطيف جو عاشق حاجن نظاماڻي“ جي عنوان تحت حميد ابڙي ڪجهه سٽون لکيون آهن، جن ۾ هو لکي ٿو ته ”آئون کين خوش نصيب ٿو سمجهان جو وٽن مرشد جي محبت جي اها مالها آهي جيڪا تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي، شال اها مالها سندن ايندڙ نسلن تائين به منتقل ٿيندي رهي.
ڪتاب بابت پنهنجي راءِ ڏيندي علي ڏنو جروار هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”مون کي اميد آهي ته فقير حاجن نظاماڻي جو هي زير نظر ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن جي عنوان تحت نظر حسين ملاح پنهنجي راءِ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”حاجن فقير جي هڪ مضمون لطيفي ساز دنبورو ۾ دنبوري متعلق جيڪا ڄاڻ ڏنل آهي، سو هڪ تحقيق وارو ڪم آهي.
پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 400 رپيا رکي وئي آهي، جڏهن ته ان جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير سان گڏوگڏ قلندڙ شاهه لڪياري جون ڪجهه سٽون شامل آهن، جن ۾ هو لکي ٿو ته ”فقير حاجن نظاماڻي هڪ مڃيل ليکڪ پڻ آهي، جيڪو عبرت اخبار ۾ لطيف شناسي تي باقائده لکندو رهي ٿو.
هونئن ته لطيف سائين متعلق تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ تحقيق به ڪئي وئي آهي پر مجموعي طور تي جيڪي شيون هن کان اڳ لکجي نه سگهيون آهن ۽ پڙهندڙن جي نظرن کان ۽ ڄاڻ کان اوجهل رهيون آهن، سي سڀئي شيون هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جنهن لاءِ اسان جو محسن ۽ نوجوان دوست فقير حاجن نظاماڻي جس لهڻي، جنهن تمام وڏي محنت ۽ جاکوڙ بعد هي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي. هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ عبرت سٿ جو وڏو اهم ڪردار آهي، جيڪا سدائين پڙهندڙن کي بهترين مضمون ۽ ليک مهيا ڪندي رهي آهي. انهن مان ڪيترائي مضمون اڳتي هلي ڪتابي صورت اختيار ڪندا آهن، حاجن فقير جو هي ڪتاب پڻ انهن مان هڪ آهي، جيڪو اڳتي هلي لطيفيات متعلق تحقيق ڪندڙن ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن جي رهنمائي ڪندو.
مون کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ هن ڪتاب مان تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪندا، ۽ هي ڪتاب سنڌ جي ڪتب خانن ۽ علمي ادبي حلقن ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل ڪندو.

No comments:

Post a Comment