18/06/2019

تبصرو ”سَلا سچائيءَ جا!“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
تبصرو سَلا سچائيءَ جا!“
اوھان ڇا ٿا سمجھو ته ”سَلا سچائيءَ جا!“، ڪھڙي ٻوٽي يا وڻ جا سلا ھوندا؟ اُھي ڪنھن پوکيا، ڪيئن پوکيا، ڪيئن پرورش ڪري، نپايا، اُپايا؟
”سلا سچائيءَ جا!“ دراصل ڪتاب جو نالو آھي. اوھان ڇا ٿا سمجھو ته اھو ڪتاب ڪھڙي معروف ۽ مقبول ليکڪ جو ۽ ڪھڙي صنف ۾ ڪتاب آھي؟
”سلا سچائيءَ جا!“ ڪتاب، مون کي فقير محمد ڍول سوکڙيءَ طور، مطالعي لاءِ عنايت ڪيو.
ان کان اڳ منھنجي وڏي پٽ اظھار جي دوست زحيب اسلم جروار مون کان پڇيو ھو، ته ”اوھان کي منھنجي مامي جو ڪتاب مليو؟“
نه ملڻ سبب مون ”نه“ ۾ جواب ڏنو، ته ھن چيو ”مون سمجھو اوھان کي فقير محمد ڍول ڪتاب ڏنو ھوندو، پر خير آھي، آئون اوھان کي ڪتاب ڏئي ويندس، پڙھجو.

”سلا سچائيءَ جا!“ مليو، ته اٿلائيندو، پٿلائيندو، آئون حيران ٿي ويس، ته ھي ڪتاب ڪھاڻين جو مجموعو به ناھي، شاعريءَ جو مجموعو به ڪونھي، ناول به نه آھي، مضمونن، يادگيرين، شخصيتن، تاريخ، سماجيات، معاشيات، اھڙي ڪنھن به هڪ موضوع تي نه آھي، جنھن کي ڄاڻائي، ڪتاب جو تعارف ڪرائي سگھان! ڪتاب ملڻ کان وٺي آئون ڪي ٽي چار ڪلاڪ فقير محمد ڍول سان گڏ ھئس، ان دوران ڪچھري، ڪا ٻيءَ ڪرت به جاري ھئي، ڪتاب جي اٿل پٿل به ھلي پئي. آئون فقير ڍول کي صرف ايترو چئي سگھيس ته ”ماڻھو ڪيئن لکن ٿا، ايترو گھڻو ڪيئن لکن ٿا، ڇپرائين ڪيئن ٿا؟“
”سلا سچائيءَ جا!“، خواب پبليڪيشن ٽنڊو الھه يار جو ڪتاب نمبر ۰۶، ڊيمي سائيز ۾، چئن رنگن جي ھارڊ ڪور سان، ۴۳۶ صفحن تي مشتمل آھي. ھن جي قيمت ۵۰۰ روپيا آھي.
”سلا سچائيءَ جا!“ جي شروعات ۾ ”اداري پاران“ خادم حسين جروار، ”مھاڳ“ فقير محمد ڍول، ”ليکڪ پاران“ حنيف جروار، ”دُعا“ نجيب احمد قمبراڻي جي لکيل آھي. ان کان پوءِ ھن ڪتاب جو مواد ۱۲ مختلف حصن، ڀاڱن ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
پھرئين ڀاڱي ”تاريخ جا ورق“ جي شروعات ۾ ”نامور اديب خورشيد قائمخاني جو ليکڪ ڏانھن لکيل خط“ جيئن جو تيئن، سندس ھٿ اکر جو عڪس ڏنو ويو آھي. ان کان پوءِ ليکڪ جي ڳوٺ مبارڪ جروار جو ماضي ۽ حال، نقشو ۽ ڪجھه ٻيو مواد به ڏنو ويو آھي، ته پاڙيسري ڳوٺن جو به احوال آھي. اھي سڀ ڳوٺ تعلقه ۽ ضلع ٽنڊو الھه يار جا مشھور ۽ تاريخي ڳوٺ آھن.
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ”شخصيتون: ڳوٺ جون“ ۾ ۲۱ مختلف تحريرون آھن. ٽئين حصي ”ڳالھيون نه وسارڻ جھڙيون“ ۾ سنڌ جي آدمشماري، ٽنڊي الھه يار جي آبادي، سنڌ جا وزير اعليٰ، ٽنڊي الھه يار جون ديھون، پوليس ٿاڻو ۽ ڍڪ، يوسي مسڻ ۽ يوسي بيگن جروار، چيئرمين عشر و زڪوات، ڳوٺ مبارڪ جروار جا سرڪاري ملازم، ڳوٺ ۽ ڪوٽ جا استاد صاحبان، ڳوٺ سڌار پروگرام، سنڌ جون ڊويزنون ۽ ضلعا، سنڌ بابت ڄاڻ، سنڌ جا گورنر، چيف آف آرمي اسٽاف، اسيمبلي سيٽون، سينيٽ، زمين جي ماپ، جدولون ۽ پوک عنوان سان معلومات ڏنل آھي.
”سلا سچائيءَ جا!“ جي چوٿين حصي ۾ ست (۰۷) ”فخر سنڌ شخصيتون“ متعارف ڪرايل آھن، پنجين حصي ۾ اوڻيھه (۱۹) ”سنڌ ڌرتيءَ جا ولي“ ايترن ئي عنوانن ۾ ڌار ڌار لکيل آھن. ڇھون حصو ”تصوف“ لاءِ مختص آھي، جنھن ۾ يارنھن (۱۱) مختلف تحريرون شامل آھن. ستين حصي ۾ ست (۰۷) مختلف ماڻھن سان ”ڳالھه ٻولھه / ملاقات“ واري حصي ۾ شامل آھن. جڏھن ته ڪتاب جو اٺون حصو ”سفر ساڻيھه اندر“ ٽن مختصر سفرنامن تي مشتمل آھي. بقايا چئن ڀاڱن ۾ ”دلپسند نصيحتون“، شجرا، مددي مواد (حوالا) ۽ تصويري البم ڏنل آھي.
ڪتاب ”سَلا سچائيءَ جا!“ جي مٿئين مختصر تعارف کان پوءِ، جيڪڏھن ڪير به ڪتاب جي صنف طيءِ ڪري، ته منھنجي معلومات ۾ اضافو ٿيندو. ھتي آئون اھو لکڻ به ضروري ٿو سمجھان، ته جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ گھڻو مواد حنيف جروار جو ئي قلمبند ٿيل آھي، پر اھو به ھر ان تحرير سان ظاھر لکيل آھي، ته جيڪا تحرير حنيف جروار جي نه آھي، ته ان جو ليکڪ ڪير آھي؟ يعني ڪتاب ۾ شامل ڪجھه تحريرون ٻين جون قلمبند ڪيل آھن، حنيف اھي پنھنجي ڪتاب ۾ سهڻي ترتيب سان شامل ڪيون آھن.
حنيف جروار جو ھي ڪتاب، منھنجي نظر ۾، پنھنجي نوعيت جو اھڙو پھريون ئي ڪتاب آھي، جنھن جي مطالعي سان، پڙھندڙن کي تاريخ، سماجي اڀياس، ثقافت، زراعت، ھنر سميت ٻين به گھڻن مختلف حوالن سان مفيد معلومات پلئه پوندي.

No comments:

Post a Comment