ڊاڪٽر شير مهراڻي
سچل سرمست وٽ جلال جو
تصور
فطرت
جي سونهن جا ٻه وڏا مظهر آهن، هڪ جمال ٻيو جلال! جمال تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي،
بحث مباحثا به ٿيا آهن. پر جلال تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. پهريون ڀيرو مشهور ڏاهي
لائنجائس (۲۷۳_۲۱۳ع) ”آن دي سبلائيم“ يعني ”جلال بابت“ ڪتاب
لکي جلال کي جمال جو حصو سڏيو. هن چيو هو، سبليميشن (جلال) روح جي عظمت جو پاڇولو
آهي ۽ جلال کي ئي سونهن جو اصل محور ۽ مرڪزآهي.
ڊاڪٽر
نصير احمد ناصر لائنجائس لاءِ لکي ٿو، ”لائنجائس پهريون فلسفي هو جنهن
جلال جو تصور پيش ڪيو.“
بعد ۾
مختلف مذهبن ۾ پڻ جلال جون توجيهون ۽ تشريحون آيون. خود خدا جي ۹۹ نالن
مان ڪيترن ئي نالن جو مفهوم جلالي آهي، جيئن جبار، قهار، قادر، جليل، جابر، ذوالجلال والاڪرام وغيره، جڏهن
ته هندو مت ۾ شيو جي رقص کي جلال ۽
جمال ٻنهي جو گڏيل سرچشمو سمجھيو وڃي ٿو. ”پنڊ پهڻ ٿيڻ وارن لمحن ۾ پنهنجي وجود جي امالڪ (Spontaneous) اظهار لاءِ شيو رقص ڪري ٿو، جيڪو جيوت لاءِ نيون امنگون، اشارا ۽ سونهن جا جلوا، موسيقي جون لهرون، راڳ ۽ راڳڻين جا ٺاٺ ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ پيدا ڪري ٿو.“ جنهن ۾ جمال سان گڏ جلال آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ وجد آهي، ۽ وجد جلال جو وڏو
اهڃاڻ آهي.
ان کان
پوءِ اولهه ۾ ڪانٽ اسان کي هڪ اهڙي ڏاهي طور ملي ٿو جيڪو جماليات جي سڀني رخن کي
سهڻي نموني سان نبيري ٿو. جيئن مشهور ڏاهي پال ڪروٿر لکيو آهي ته
“Kantian
Aesthetic is not merely one among other; it is a philosophy that allows us to
solve some of the most fundamental problems in aesthetics.”
مون اڳ
به لکيو هو ته ”ڪانٽ جمال سان گڏ جلال تي پڻ ذڪر
جوڳو بحث ڪيو آهي. هن جو خيال آهي ته جلال وسيلي انسان اهو ڄاڻڻ جي اهل ٿئي ٿو ته
انسان عقل جي لحاظ کان لا محدود ۽ تخيل جي لحاظ کان محدود رهي ٿو. ڪانٽ جلال ۽
جمال ۾ فرق واضح ڪري ٿو.
هن جو خيال آهي ته نفيس ۽ جميل شين کي ڏسڻ سان انسان ۾ هم آهنگي ۽ لطافت پيدا ٿئي ٿي.
جڏهن ته جليل ۽ رعبدار شيون انسان ۾ هيجان ۽ بي چيني پيدا ڪن ٿيون. ڪانٽ جلال کي ٻن
حصن ۾ ورهائي ٿو. ”Analysis of sublime“ ۾ ڪانٽ چوي ٿو ته جلال ٻن طرحن
جو هوندو آهي، هڪ جو واسطو فطرت جي وسعت ۽ ٻيءَ جو فطرت جي سگھ سان آهي. انسان سان جلال جو ڳانڍاپو ظاهر ڪندي ڪانٽ لکي ٿو
” The mind listens the
voice of reason“ يعني
دماغ عقل جو آواز ٻڌي ٿو. فطري جاھ و جلال کي ڪانٽ هن طرح بيان ڪيو آهي.
“Bold
over hanging, and as it were threatening rocks piled up in the sky: moving with
lightning flashes: and thunder peals: volcanoes in all their violence of
destruction, Hurricanes with their track of devastation, The bound less ocean
in a state of turnalt،
the lofty water fall of a might river and such like.”
ڪانٽ
موجب اسان هڪ ڀيرو ٻيهر قدرت جي جلال اڳيان پاڻ کي هيڻو محسوس ڪيون ٿا. پر ان سان
گڏوگڏ اسان جي
اندر ۾ خوف جي پاتال مان هڪ اهڙي سگھ ڦٽي ٿي جيڪا قدرت جي انهن ڊيڄاريندڙ منظرن کي
سر ڪرڻ ۽ پرکڻ لاءِ اتساهي ٿي. اها جلالي سگھ آهي، جيڪا اسان فطرت جي ئي جلال مان اخذ
ڪيون ٿا ۽ ان سگھ وسيلي اسان قوي نظارن، پهاڙن، ستارن، سيارن، سمنڊن، طوفانن، ڌٻڻ،
زلزلن ۽ واچوڙن مان لنگھي انهن جو انت ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. توڙي جي بظاهر اهي
منظر اسان جي جسماني توڙي احساساتي سگھ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ سگھارا نظر اچن ٿا، پر
اسان پنهنجي اندر ۾ موجود جلالي سگھ وسيلي انهن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيون ٿا ۽ نتيجي
طور ڪڏهن زلزلن جو مدار مٽائي ٿا ڇڏيون ته ڪڏهن طوفانن ۽ ٻوڏن جو رخ تبديل ٿا ڪري ڇڏيون،
ڪڏهن هٿرادو مينهن ٿا وسايون ته ڪڏهن آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پهاڙ سر ڪيون ٿا ته ڪڏهن چنڊ تي پهچون ٿا. اهو سڀ ڪجھ فطرت جي سگھ جي
اضافي مقدار وسيلي ممڪن آهي، جيڪا انسان کي ملي ٿي، جنهن لاءِ ڪانٽ چوي ٿو.
“This
sublimity in the mind rise from of human self-awareness, through felling of a
transcendental power of the human mind.”
يعني
انسان جڏهن دماغ جي ماورائي
سگھ وسيلي پاڻ سڃاڻي ٿو ته ان ۾ اهڙو جلال پيدا ٿئي ٿو. ذهن جي ماروائي سگھ جو مرڪز فطرت آهي ڪانٽ موجب
انسان کي فطري جلال کان ڊڄڻ نه کپي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انسان فطري جلال کان ڊڄندو ته
هو ان جي ڇيد ڪرڻ ۾ اهڙي طرح ناڪام ويندو، جھڙي ريت ڪو ماڻهو ڪنهن خواهش يا لالچ
هيٺ سونهن جو ادراڪ ڪرڻ گھرندو آهي؛ جيڪو ممڪن ئي نه آهي.
ايڊمنڊ
برڪي جلال کي فطري جلال سان جوڙي رومانوي جلال جو استعارو متعارف ڪرايو. هن جو چوڻ
هو ته جلال بنيادي طور تي خوف، ڊپ ۽ ڀئو پيدا ڪندو آهي، پر اهو ڪڏهن ڪڏهن وڻندڙ به ٿي سگهي ٿو، جيئن فطرت جو رومانوي
جلال فرد جي حواسن تي خوشگوار احساس پيدا ڪري
ٿو ۽ منجهس بهادريءَ جهڙو ڳڻ پيدا ڪري
ٿو. سچل سرمست سرداري واري ڳالهه ان ئي زمري ۾ ڪئي آهي.
آھيان
آءٌ اِسرارُ،
جيڏيون
مون کي ڪير ڀانيو ٿيون!
ڪَنُ
نه ڏيان ڪيچَ ڏي، ڀَنڀورؤن بيزارُ.
ڇَڏي
بادشاھِي پانھِنجي، ڪِيَڙُمِ ھِتِ شِڪار.
آيُسِ
ھِنَ عالَمَ ۾، باري چاڙھي بارُ.
آڻيو
صِدقَ يقين سان، اديون ڙي اعتبارُ.
نوري
ناري ناھيان، آھيان ربُ جبارُ.
مُرشِدَ
ٻانھو نه چَيو، تون ”سچو“ آھين سَردارُ.
بِرھ
جي بازار، جيڪا ڏسَڻ اِيندي.
جيڪا
جو ڏسَندي تجلو تُنھنجو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
سودو
جا ڪندي سِرَ جو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
چَوسُولَ
اَندر، سُرخِيءَ مائِل، تيز گُھمي تلوار؛
جي ڪَنھن
چَمڪو ڏٺو تُنھنجو، سا سِرُ ڏيندي سَردار؛
”سچو“ اِنھيءَ سيرَ ۾، آھي ڪُسَڻَ جي
ڪَار.
سونهن
جي بنيادي قدرن ۾ جلال، جمال، رنگ ۽ نور شامل آهن. اهي چار ئي عنصر ڌار ڌار يا هم آهنگ ٿي سونهن جي لافانيت کي تخليق ڪن ٿا.
جمال ۽ جلال ٻئي سونهن جا هڪ جيترا اهم مظهر ۽ منظر آهن،
ڇو ته فطرتي جمال
(Natural Aesthetic) ۾ جتي صبح جي ٿڌڙي هير، گلن جي خوشبو، مينهن جي سنهڙي بوندار، رات جي پهر
۾ ڳوٺاڻي ماحول ۾ نظر ايندڙ تارن
جون بي جوڙ قطارون ۽ کير ڌارا (شهر جي ميري روشني ۾ فطرت جا ڪيترا ئي نظارا گم ٿي
وڃن ٿا، فطرت جي سونهن جو اصل مظهر ۽ معراج ڳوٺاڻو ماحول هوندو آهي) شامل آهي، اتي فطرتي جلال
(Natural Sublime) ۾ ڪڪرن جون ڊوڙندڙ قطارون، بادلن جي گجگوڙ، کنوڻ جا چمڪاٽ، وڄ جا ڪڙڪاٽ،
آبشارن مان پاڻي جو ڪرڻ، سمنڊ جون ڇوليون وغيره شامل آهن. اهي ٻئي يعني جمال ۽
جلال سونهن جا مظهر آهن. گھڻي وقت تائين جلال کي سونهن جو حصو تسليم نه پئي ڪيو
ويو پر تحقيق مان اها ڳالھ ثابت ٿي آهي ته جلال پڻ جمال وانگر سونهن جو حصو آهي. ٻئي
طرف سونهن جي بنيادي قدرن ۾ رنگ ۽ نور شامل آهن. رنگ ۽ نور جماليات جا اهڙا حسياتي
ميلان آهن، جن ۾ سونهن نکري نروار ٿئي ٿي، انسان کي جتي شام جو سرخ رنگ وڻي ٿو،
اتي صبح جي وهنتل روشني به لڀائي ٿي، جتي گلن جا ڳاڙها، نيرا، پِيلا ۽ گلابي رنگ وڻن ٿا، اتي انهن ئي رنگن ۽ خوشبوئن جي اثر هيٺ من ۾ جيڪا
تازگي پيدا ٿئي ٿي اها ان نور جو جلوو هوندي آهي، جيڪو سونهن جي اثر هيٺ پيدا ٿئي ٿو. نتيجي طور عشق جو آڙاهه
تيار ٿئي ٿو، ۽ هو جلوه گر ٿئي ٿو، سچل سائين چيو هو،
ڀَلي ڪَري
آئين، ھِت تون گُھرجين يار!
ھِت
تُنھنجِي گُھرَ گَھڻِي ھُئِي، دوست مِٺا دلدارَ!
جاڏي
تاڏي جَلوو تُنھنجو، عَجب تُنھنجا چَمڪارَ.
ھِي ڀي
ھو ڀِي ھِڪُ، ديسُ تُنھنجو چَئِين ڪُنڊين چوڌار.
اَچِي ٿئين
ھِڪُ ”سَچوءَ“ سان، لاھي ٻيائِيءَ بارُ.
سنڌي ڪلاسيڪي
شاعري کان ويندي جديد شاعري تائين جلال جو عنصر جنهن شاعر وٽ سڀ کان اتم ۽ اعليٰ
درجي تي ملي ٿو اهو سچل سرمست آهي. هن جلال بابت يا ته ڪيترا ئي نوان استعارا
متعارف ڪرايا آهن يا وري موجود يا مروج استعارن کي نئين معنيٰ ڏني آهي، جن کي اسان
جلاليات جا استعارا يعني ’ميٽافورس
آف سبلمٽي‘ سڏي سگهون ٿا، انهن خاص
استعارن ۾ هي استعارا شامل آهن:
سردار ٿيڻ،
سلطان ٿيڻ، شاهاڻو شملو ٻڌڻ، گهوٽ ٿيڻ، هنگامو ڪرڻ، هُل ڪرڻ، رب جبار سڏائڻ، اهڙو ڪم
ڪرڻ جنهن ۾ سڀ اختيار پاڻ وٽ رکڻ، تلوار کڻڻ، تجلي ڏيڻ، تجلو اچڻ، ڪاتي سان ڪسجڻ، ڪسڻ،
ڪهڻ ۽ ڪسي قربان ٿيڻ، چشمن جي چمڪار، کِنوڻين جي کيڪارَ، گوڙ يا گجگوڙ جي گجڪارَ؛
اَبَر ۾ آفتاب جو نمودار ٿيڻ ۽ ستارن جو تاب نه سهڻ، سوريءَ جو سينگارجڻ، سوريءَ
جي هسواري ڪرڻ، سورهيه جو اسهڻ، معرڪو مارڻ، شاھ سڏئڻ، ڏنگر ڏورڻ، مرد ٿي ميدان
مارڻ، شوق ۾ شڪار ٿيڻ، پروانو بڻجي باهه ۾ پچڻ، حڪم هلائڻ، محبت جو مچ ٻرڻ، عشق ڪمال ڪمائڻ، موت کان اڳ مرڻ،
ڇاتي ڇاتي ڇير ٻڌي نچڻ يا اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي استعارا آهن، جيڪي سچل سرمست جي
جلالي رنگ جي شاهدي ڏين ٿا.
محبت
مست مجنون ڪيا، ڪَئين خاصا خماري، او
اصل
کَون عاشقن آهي، مٿي سُوريءَ سواري، او....
هِتَئون
مُنهن سا نه موڙيندي، هوندي جا وره وارِي، او..
سڻو جا
مير محبت جِي، ڪُٺَن کي ڪوٺَ ڪاري، او
جنين
کي جوشَ جاڳايو، تنين ڪهڙي تياري، او
مجنون
جو جنون هجي يا منصور جي سرمستي، سچل سرمست ٻنهي کي ٻِٽ کڻي هلي ٿو. سچل سنڌ جو مجنون به آهي ڇاڪاڻ ته هو چوي ٿو، ”سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڻي ٿيوي چٽڙي ڏاڙهي“ يا وري هو چوي ٿو،
مون
ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي،
مَستِيءَ
مَئُون مَنصورَ جو، ٿِئين جي جَماعِتي؛
سورھيه
باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جي ڪَاتِي؛
غيرُ
نَه آڻجِ وچَ ۾، آھِين ظاھِر تون ذاتِي؛
مَتان ڀائِين
پاڻ کي، تون ”سَچَو“ صفاتِي.
ڪلياڻ
آڏواڻي سچل سائين بابت لکيو آهي ته: ”هن
صاحب جي تصور ۾ هڪ اهڙو غير
فرقيوار سماج هئو، جنهن کي هينئر classless society
چيو ٿو وڃي.“ يعني هُو -
ٽوڙ
رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو،
وهم
سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.
جهڙي
روش جو قائل هو، شاعر جڏهن مروج سماجي قدرن کي ٽوڙي نئون گس ۽ رستو وٺي ٿو ته هو
انقلابي ۽ ترقي پسند سڏجي ٿو. سچل جو جلال انقلابي به آهي ته ترقي پسند به آهي.
ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ صاحب پڻ پنهنجي ڪتاب ”سچل جون واديون“ ۾ ڪيو آهي.
يعني
هُو هڪ انقلابي، انسان دوست ۽ بي تعصب شخص هو. عشق سندس سوچ جو محور هو. اُن بابت
چوي ٿو:
عشق
عطا الاهي ملدا،
نيهن ڪوئي
ڪسب ڪماون دا
پر جلال
جي حوالي سان سڀنيءَ کان اهم سچل جو منصوري نعرو ۽ منصوري جلال آهي، جنهن جو مثال ٻي
ڪنهن به شاعر وٽ نٿو ملي.
منصور
سوريءَ تي چڙهيو، هر ڪنهن چيو ٿي واه واه،
عاشق
اتي ئي سر ڏنو، اناالحق ٿيو سڀ ساه ساه.
عشق
اچي نعرو هنيو، ٿيس سڀائي باه باه.
نظر
مون کي هادي آيو، ٿيو سوئي الا الله.
عاشقن
سُرڪي جا پيتي، ٿي سڀائي هو هوا،
منصور،
شمس تبريز پارن، هٿ ڪياؤن جاه جاه.
ويا
سمنڊ ۾ ڏيئي ٽٻي، سارو لڌائون سُڌ سماءُ،
الف
سان جي گم هئا ٿيا، ڪُل شيءِ هرجاءِ جاءِ،
سچو ڏسڻ
سان سُرخ ٿيو ۽ تخت تي هو شاه شاه،
رچي
اُتاهون لعل ٿيو، سارو اهو هو خود خداءِ.
حوالا:
The
Kantian Aesthetic: from knowledge to Avant-garde. Paul crowther oxford
university press،page:199.
The
Rutledge companion to Aesthetics. Berys Gant and Dominic ML Rutledge London 2001 page:59
The
Routledge companion to Aesthetics. Berys Gant and Dominic ML Rutledge London 2001 page.60
مٽلاڻي،
ٻلديو، سچل جون واديون، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد، ۱۹۹۴ع، ص ص۱۱-۱۲ ۽ ۱۵-۱۶.
تمام زبردست ۽ تحقيقي انداز ۾ جلال تي لکيل نرالو مضمون سچل جي جلال سان گڏ ڪانٽ ۽ باقين فلسفين جا تمام شاندار تجزيا
ReplyDelete