18/06/2019

عاشق منگي جو ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“ - وحيد محسن (Waheed Mohsin)


تبصرو : وحيد محسن
عاشق منگي جو ڪتاب نئون ديرو دل وارن جو ديرو


ڪتاب اسان جا دوست ھوندا آهن اڄ منهنجي تبصري ھيٺ عاشق منگي جو ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“ جنهن کي نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي مئي 2012 ۾ شايع ڪيو جيڪو ساروڻين تي مشتمل ھڪ بھترين ڪتاب آهي، ان جي اوھان سان آشنائي ڪرايان پيو.
عاشق منگي جو تعلق انهيءَ شھر نئين ديري سان آهي جنهن پنهنجي سڄي حياتي پڙهڻ ۽ پڙھائڻ ۾ گذاري آهي علم، ادب، ٻولي ۽ سياست سان ان جو سٻنڌ مضبوط قسم جو آهي انهيَ ٻل تي لکندو رھي ٿو. شروعاتي دؤر ۾ ڪجهه شاعري به تخليق ڪئي اٿائون ۽ شاعري سان ان جي تعلق ۽ پيار جو اندازو ھن ڪتاب پڙهڻ کان پوء مون کي ٿي ويو، ڇو ته ھن ڪتاب ۾ عاشق منگي سنڌ جي عظيم آفاقي شاعر شاھ لطيف جي شاعري مان ڪافي شعر ھن ڪتاب ۾ مضمون جي نوعيت سان ڏنا آهن ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جا چونڊ شعر به ڏنا آهن، پنهنجي شاعري مان به ڪجهه شعر شامل ڪيا آهن جيڪي ڪتاب جي سونهن کي وڌائڻ سان گڏ دلچسپي به پيدا ڪن ٿا.

”راھون؛ رستا ۽ دوستيون“ مضمون ۾ عاشق منگي پنهنجي يادگيرين جي ڳنڍڙين کي کولڻ جي ابتدا ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ مسو ديري کان زندگيَ جي انهن گھاريل حسين لمحن کي پنهنجي شعور جي آڌار تي اسان سان اھي خوبصورت ساروڻين جي صورت ۾ ونڊيون آهن جن ۾ تمام گهڻي معلومات ۽ تاريخ جا ورق به نظر اچن ٿا! ھڪ استاد جو قلم جڏهن لکڻ جي عمل ۾ رهي ٿو تڏهن ادب ۽ تاريخ جون ڪجهه حقيقتون به سامهون اچي وڃن ٿيون. ھن ۾ اسان کي نئين ديري شھر متعلق بنيادي معلومات ملي وڃي ٿي جنهن ۾ شھر جا رستا راھون چٽا نظر اچن ٿا ۽ ليکڪ پنهنجن دوستن کي به دم دم ياد ڪيو آهي جيڪا ڳالهه مون کي تمام گهڻي وڻي وئي. ان کان علاوه ھن ۾ تاريخ ساز شخصيتن؛ شاعرن؛ اديبن کي به ياد ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري اتان جي ماڻهن جي اٿڻي ويھڻي ۽ جاگرافي جي به خبر پوي ٿي. سندس لکڻ جو انداز ۽ ٻولي ۾ به ادبي رنگ موجود آهي ۽ ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته عاشق منگي سيبتو نثرنويس آهي جنهن جي لکڻي سحر آهي ۽ پڙھندڙ کي جڪڙي وٺي ٿو اھا ان جي وڏي خوبي آهي!
1942ع واري ٻوڏ جو ذڪر ۾ لکي ٿو ته : ڀٽي صاحب فوج ۽ محمد پڃل ايس پي کي حڪم ڪيو ھو ته نئين ديري ۽ لاڙڪاڻي کي بچائڻ لاءِ رائيس ڪئنال جي ساڄي ڪناري کي ڪٽ ڏئي؛ منهنجون زمينون ۽ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو کي ٻوڙايو؛ منهنجي اکين جي سامهون ڪٽ ڏنو ويو.“ اھا يادگيري به اھم ليکي ويندي ۽ عاشق منگي اڳتي لکي ٿو ته: 1973ع کان پوء ڀٽي صاحب باء پاس ڏنو بيدن جا وڻ لڳرائي؛ نئون ديري کي خوبصورت بڻايو ھو.“
ماھوٽن جي ريلوي اسٽيشن موجوده دؤر ۾ ويران لڳي پئي آهي. ان جو ذڪر به ڪيو اٿائين ۽ ھن علائقي ۾ تمام گھڻا زيتون ٿين ٿا جنهنڪري ھر سيزن ۾ ڪروڙين روپين جو ڪاروبار به ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏ مزدورن جو روزگار به ٿئي ٿو اھڙي معلومات به ملي ٿي!
دوستن جي سلوڪ متعلق به حال احوال اوري پنهنجي ڪيفيت سان ڳالهيون ذڪر ھيٺ آنديون آهن. ھر ماڻهو جي پنهنجي فطرت ھوندي آهي ڪي چڱائيون ڪندا آهن ته ڪي وري مندايون ڪندا آهن. انسان انهن مرحلن مان گذري ٿو ۽ دوستن جي پرک به ڪري ٿو.
ھن ڪتاب صفحي نمبر 54 تي ڀٽي صاحب جو بنگلو“ جي عنوان سان مضمون آهي جنهن ۾ ليکڪ 89-1978 جو ذڪر ڪري ٿو ته سندس دوست غلام حسين ڪٽپر ۽ اھو گڏجي شام جي وقت ۽ موڪل واري ڏينهن بنگلي جي ڇٻر تي ويھي پڙھندا ھئا اھو سندس شاگردي وارو دؤر ھو؛ ھن مضمون ۾ ڀٽي صاحب جي بنگلي ۽ سياست متعلق ڪارائتي معلومات ڏني وئي آهي.
صفحي نمبر 67 تي مرحوم پروفيسر نذير احمد سومرو اديب؛ نقاد ۽ دوستجي حوالي سان چڱو خاصو مضمون ڏنو ويو آهي جنهن ۾ عاشق منگي پنهنجي دوست نذير سومري جون تمام گھڻيون يادگيريون ساريون آهن ۽ ان سان گڏ پنهنجي حلقي ۾ رھندڙ دوستن کي به ياد ڪيو آهي جنهن مان رابيلن جو ڌيمو ھڳاء محسوس ٿئي ٿو ۽ سچن دوستن جي دوستيء جو ويساھ وڌي وڃي ٿو!
ان کان علاوه ھن ڪتاب ۾ ”وڻ راھون ۽ ڇانورا“؛ سارين جا ڀلوڙ فصل ۽ ڏڪار ؛ سڪل پلو ۽ سيٺ پريتم ؛ ڪچي جون زمينون ۽ روزگار جي عنوان سان مضمون شامل آهن.
مجموعي طور تي عاشق منگي جو ھي ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“ نئين ديري جي حوالي سان پنهنجي اھميت وارو ڪتاب آهي جنهن ۾ ھن پنهنجو نور نچوئي ادبي پورھيو ڪيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو ڪم آهي ۽ سندس محنت قابل داد آهي. ڪتاب ۾ پروف جون ڪجھ غلطيون موجود آهن ۽ ڪٿي ڪٿي صيغي جي تبديلي به ڪرڻي پوندي. اميد ته ٻئي ڇاپي ۾ انهيءَ طرف وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو؛ سٺي ڪتاب لکڻ تي عاشق منگي کي واڌايون ڏيان ٿو.

No comments:

Post a Comment