رايو: ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
ڪتاب ”گلابي اڳتي ويندڙ راهه“
تحقيق ۽ ترجمو: علي آڪاش
سنڌي ادب جي پڙهندڙن ۽ شاگردن، خاص ڪري سنڌي شاعرن کي، 2019ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران شايع ٿيل هيءُ بھترين ڪتاب ”گلابي اڳتي ويندڙ راهه“ ضرور ۽ ڌيان سان پڙهڻ گهرجي. هِيءُ ڪو رواجي طريقي سان ترتيب، تدوين ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب نه آهي، پر منجهس دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين، خاص ڪري انگريزيءَ جي جَڳ مشھور ۽ مکيه شاعرن جي حياتين ۽ تخليقن جا تعارفي ۽ تجزياتي جائزا، انگريزيءَ ۾ لکيل يا ترجمو ڪيل سندن چونڊ تخليقن ۽ انهن جي سنڌي ترجمي سان ڏنل آهن. انهن شاعرن ۾ ترتيبوار هِي اهم شاعر شامل آهن: وليم ورڊس ورٿ، چارلس بودليئر، پابلو نرودا، ماياڪووسڪي ولاديمير، ائنا اخمتووا، ٽِي ايس اِليَٽ، محمود درويش، لارڊ بائرن، پرسي بش شيلي، جان ڪيٽس، املي ڊڪنسن، والٽ وٽمئن، فروغ فرخزاد، احمد شاملُو، رابندر ناٿ ٽئگور، گوئٽي، پُشڪن اليڪساندر، جان ڊن، خليل جبران، ڪولرج، ايڊگر ايلن پو، وليم بليڪ، والس اسٽيونز، رابرٽ فراسٽ، وليم بٽلر ييٽس، مايا اينجلو، چارلس بُڪووسڪي، جان ڪليئر، ڪونراڊ ايڪن، لينگسٽن هيوجز ۽ بلي ڪولنس.