اڪبر لغاري
اسٽيٽس ڪو ادب يا جمودي ادب
يورپ، آمريڪا، ڪئناڊا وغيره جي ڪتابن جي دوڪانن تي وڃبو ته سنجيده ادب سان گڏ وڏي تعداد ۾ اهڙا ادبي ڪتاب ملندا، جنھن ادب کي جمودي ادب چيو وڃي ٿو. اهو جمودي ادب، اردو ادب ۾ به وڏي مقدار ۾ موجود رهندو آيو آهي. سسپينس، جاسوسي ۽ سب رنگ جھڙا ڊائجيسٽ هن ادب جا مثال آهن، پر ان کان علاوه اردو ۾ بيشمار ڪتاب اهڙا به ملندا جيڪي بظاهر ته سنجيده ادبي ڪتاب لڳندا ليڪن پڙهڻ کان پوءِ خبر پوندي ته اهي به جمودي ادب جو ئي حصو آهن. سنڌي ادب گهڻو ڪري ترقي پسند ۽ سنجيده رهيو آهي پر ڪافي جمودي ادب پڻ لکيو ويوآهي. ليڪن ايڪيھين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان، سنڌي ادب وڏي تبديليءَ مان گذريو ۽ اڃا به مسلسل گذري رهيو آهي. ان جو هڪ مظھر اهو به آهي ته هاڻي سنجيده ادب خاص ڪري سنڌي ناولن ۾ جمودي ادب جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنھن ۾ ”سوشل ميڊيائي شھرت جي بک“ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
جمودي ادب جي ڪا باقاعده وصف ڏيڻ جي بجاءِ ، ادب جا نقاد، ان جا
هيٺيان اهم نقطا ٻڌائين ٿا:
1.
هي ادب دراصل طاقتور طبقن جي اڻ سڌي ونگار آهي.
جمودي ادب، سياست سماج، ريتن رسمن ۽ فرسوده روايتن کي جيئن جو تيئن رکڻ جو حامي
هوندو آهي ۽ انهن جا ئي ڳڻ ڳائيندو آهي. گهڻو ڪري سوپ سيريل قسم جا ڊراما يا ناول،
اسٽيٽس ڪو جا حامي هوندا آهن. وڏن ماڻهن جي عيش ۽ آرام تي لکيل ادب، پڙهندڙ ۽
ڏسندڙ ۾ احساسِ محرومي پيدا ڪري، ان کي لاشعوري طور انهن جھڙو ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو
آهي. مشھور ناول ۽ ان تي ٺھندڙ فلم، ”ففٽي شيڊز آف گري“ ان جو اهم مثال آهي.
2.
گهڻن اديبن کي فخريه انداز ۾ اهو چوندي ٻڌو آهي
ته انهن سماج جي عڪاسي ڪئي آهي. عڪاسي ادب جو صرف هڪ رخ آهي جنھن جي پنھنجي اهميت
آهي ليڪن صرف عڪاسي ڪندڙ ادب جيڪو ڪنھن به تبديليءَ لاءِ اتساهه پيدا نه ڪري، سوچڻ
سمجهڻ تي مجبور نه ڪري، يا ڪنھن مروج فرسوده قدر يا رواج تي ڪا تنقيد نه ڪري ۽ نه
ئي ذاتي ڪئٿارسس جو سبب بنجي ۽ صرف تفريح جو ذريعو هجي، ته اهو به جمودي ادب آهي.
اڄڪلهه ورسٽي ناولن جي اڪثريت اهڙي ئي آهي.
3.
ادب خاص ڪري شاعري، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي جذبن کي
جلدي متاثر ڪري ٿي، پر جيڪڏهن نثر يا نظم، مثبت جذبن بجاءِ سفلي جذبن، لالچ، حرص،
تمنا کي اڀاري يا سستي ۽ سطحي جذباتيت پيدا ڪري ته اهو به جمودي ادب آهي.
4.
جمودي ادب ڪنھن سماجي برائيءَ، غير برابريءَ ۽
ناانصافيءَ کي نه للڪاريندو آهي بلڪ اڻ سڌي طرح انهن جي مدد ڪندو آهي ۽ ماڻهن جو
انهن تان ڌيان هٽائيندو آهي. سستي ۽ سطحي قسم جي مزاح، ناولن ۾ غير ضروري جنسي
منظر يا فحش نگاري وغيره هن قسم جي ادب ۾ شمار ٿين ٿا، جن جو تعداد سنڌي ادب ۾ به
وڌڻ شروع ٿي ويو آهي.
5.
سماج ۾ موجود ڪئي اهڙا بيانيه هوندا آهن جن تي
غور ڪرڻ سان خبر پوندي آهي ته انهن ۾ ڪيئي انسانيت دشمن، عورت مخالف، ٻار مخالف،
جانور مخالف ۽ ماحول مخالف رويا موجود هوندا آهن، انهن کي للڪارڻ ته ٺھيو پر جمودي
ادب انهن جي پاسداري ڪندو آهي. مثلن اهو چوڻ ته ”ٻاراڻيون ڳالهيون نه ڪر“، هي ٻار مخالف جملو آهي. ٻار سچا هوندا آهن ۽ اهڙا جملا ٻڌي منجهن
احساسِ ڪمتري پيدا ٿيندو آهي. عورت مخالف رويا ته اسان جي ادب ۾ ڀريا پيا آهن. کوڙ
ناولن ۾ عورت کي صرف ”جنسي وکر“ جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
6.
جمودي ادب تسلسل جو حامي هوندو آهي پوءِ حالتون
ڪھڙيون به هجن. اهو امن به هاڃيڪار، اهو استحڪام به مردود، اهو سڪون به مذموم جنھن
جي تسلسل سان ظلم، نا انصافي، وحشت ۽ دهشت کي نمو ملي.
7.
جمودي اديب ”اڪثريتي طاقت“ جي بجاءِ ”اقليتي
ڪمزوري“ کي نشانو بنائيندو آهي. اسان وٽ اقليتون جبر ۽ نابرابريءَ جو شڪار آهن جن
کي خود اهي به ڌڪارين ٿا جيڪي ڪنھن ٻي حوالي سان ڌڪار جو شڪار آهن، انهن جي ذات،
پات، عورتن ۽ رسمن کي نشانو بنائڻ به جمود ۽ پاور ڊائنامڪس جو شڪار ٿيڻ آهي.
8.
جڏهن هٽلر اقتدار ۾ هو ته اهڙو ادب لکيو ويو
جيڪو نازي ازم کي سپورٽ ڪري ۽ جڏهن اسٽالن اقتدر ۾ هو ته اهڙو ادب تخليق ڪيو ويو
جيڪو اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏي. انهيءَ لاءِ اسٽالن ادارا پڻ ٺاهيا. اڪثر
غير جمھوري حڪومتون اهڙا ادارا ٺاهينديون آهن جيڪي ادب ۾ جمود کي هٿي ڏين. اسان وٽ
به سرڪار رائٽرس گلڊ ٺھرائي هئي. گهڻو ڪري سرڪاري ادارا انعام اڪرام به اهڙن ڪتابن
تي ڏيندا آهن جن کي جمودي ادب ۾ ئي ليکي سگهجي ٿو.
9.
جمودي ادب فراريت پسند ٿئي ٿو. سماجي خارجي حالتن
يا نفسياتي ۽ داخلي پيڙائن کان فرار ٿي ڪنھن تخيلاتي ۽ غير حقيقي جھان ۾ پناهه وٺڻ
۽ لطف ماڻڻ جي سعي ڪندو آهي. اهڙي ادب جي پنھنجي ٿوري گهڻي نفسياتي اهميت ضرور آهي
پر آهي بھرحال جمودي ادب. اهڙي ادب جي وقتي طور ننڊ جي گوريءَ سان ڀيٽ ڪري سگهجي
ٿي جيڪا ڪنھن به مرض جو علاج ته نٿي ڪري پر وقتي طور آرام اچي ٿو وڃي. خالص
رومانوي ناول هن ادب جي ذمري ۾ اچن ٿا.
10.
جمودي ادب پڙهندڙ کي ”خوش“ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي
۽ انهن کي بي چين ڪرڻ کان پرهيز ڪندو آهي، جڏهن ته سنجيده ادب پڙهندڙن کي سوچڻ تي
مجبور ڪري سندن سک ڦٽائيندو آهي، سندس اندر ۾ مانڌاڻ مچائيندو آهي. کيس آئينو
ڏيکاري پاڻ کي سنوارڻ، پنھنجي گريبان ۾ ڏسڻ ۽ خود آگھي تي آماده ڪندو آهي. سنجيده
ادب پڙهندڙ ۾ تنقيدي ۽ تفھيمي سوچ پيدا ڪري، انهن کي خارجي توڙي داخلي لقائن جي
تفسير ڪرڻ واري واٽ تي وٺي ويندو آهي. سنجيده ادب ۾ معنيٰ ڪاري ۾ ليکڪ ۽ ليک سان
گڏ، پڙهندڙ پڻ ڀاڱي ڀائيوار هوندو آهي، جڏهن ته جمودي ادب ۾ پڙهندڙ کي معنويت ائين
پياري وڃي ٿي جيئن ننڍڙي ٻار کي فيڊر پياريو ويندو آهي.
11.
جمودي ادب، پڙهندڙ جي ذوق کي بلند ڪرڻ جي ڪا
ڪوشش نٿو ڪري، بلڪ سندس ذوق مطابق، کيس ادب مھيا ڪري ڏي ٿو پوءِ ڀلي هو ذوق جي ڪھڙي
به پست سطح تي بيٺل هجي، ڇو ته جمودي ادب، مارڪيٽ جي رجحان کي ڏسي لکيو ويندو آهي،
سندس مقصد، پئسو ڪمائڻ يا شھرت حاصل ڪرڻ هوندو آهي. جڏهن ته سنجيده ادب پڙهندڙ جي
ذوق، شوق ۽ سوچ کي ارفع بڻائي ٿو.
12.
جمودي ادب ماضي جي بادشاهن، حمله آورن ۽ غاصبن
کي هيرو بنائي پيش ڪندو آهي، ڏند ڪٿائي ڪردار ۽ قصا گهڙي ڪنھن طاقتور ليڪن فرسوده
بيانيي يا طبقي کي مضبوط ڪندو آهي. منطق جو غلط استعمال ڪري، عام پڙهندڙ کي گمراه
ڪندو آهي بلڪ ڪن حالتن ۾ ته عوام جو برين واش به ڪندو آهي. نسيم حجازي کان علاوه،
اڄڪلهه اردو ادب ۾ ڪافي ضخيم ناول اهڙي جمودي ادب کي هٿي ڏئي رهي آهن.
13.
ڪجهه ناسمجهه ماڻهو وجودي ادب کي پڻ جمودي ادب
قرار ڏيندا آهن جيڪو درست ناهي. وجودي ادب، سماجي فرسوده رسمن ۽ بيانين کي گهڻو
للڪاريو آهي. انهن روايتي عقيده پرستي، طاقت جي بيجا استعمال،
فرسوده اخلاقي قدرن ۽ ”معنيٰ تي اجاره داري رکندڙ“ قوتن تي پڻ سوال اٿاريا آهن. ” پنھنجي
زندگيءَ کي پاڻ معنيٰ ڏيو“، منھنجي خيال ۾ هي تمام وڏو انقلابي مقولو آهي.
14.
جمودي ناولن ۾ پلاٽ جو خاڪو ٺاهي، ان ۾ ڪردارن
کي ٽوڙي مروڙي استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن ته سنجيده ادب ۾ ڪردار جي اهميت وڌيڪ
هوندي آهي ۽ ڪردار ئي پلاٽ کي اڳتي وٺي هلندا آهن. اهي جامد ۽ مجھول نه پر متحرڪ
ڪردار هوندا آهن.
سنڌي ادب ۾ به جمودي ادب ۾ ڪافي برڪت نظر پئي اچي جنھن جي گڻائي
ادب جي صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
بھترين
ReplyDelete