04/04/2013

ماهين هيسباڻيءَ جو ڪتاب ”تون“ - چندر ڪيسواڻي (Chander Keswani)


تون ۽ مان جا کنڊڙيل ميڙاڪا....
ماهين هيسباڻيءَ جو ڪتاب ”تون“
چندر ڪيسواڻي
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حيرتناڪ اوسر ۽ بنيادي ڦيرن اسان جي دنيا جي تصوراتي مٿاڇري کي ئي مٽائي ڇڏيو آهي. سائبر ايج جي نئين سائنسي هنر محسوس ڪرڻ جي سگهه ۽ اسانجي اندروني جذباتي سرشتي کي ايڏو ته ڌڪيو آهي جو، رشتن ۽ ناتن جي دنيا، لڳ لاڳاپا، ماڻهوءَ جي اندر ۽ ٻاهر جو ڀاڳُ، هڪ نئين چوواٽي تي اچي بيٺا آهن. ڏسجي ته هر سچائي پنهنجي ليکي نئين سر نواڻ جي گهر جائو ٿئي ٿي. انسان پنهنجي ذات جي آٿت لاءِ مذهب، سائنس ۽ فلسفي جهڙين ڏکين آزمائشن کي ته برداشت ڪيو، پر پوءِ به ان جي جذبن جو سرشتو (دل جي دنيا) اڃا ٿانيڪي ناهي ٿي سگهي. اها ڇڳل ۽ اڻجڙيل حالت ۾ ئي هنڊي رهي آهي.

30/03/2013

سنڌي ٻولي جي صحت - عبدالعزيز چنڊ (Abdul Aziz Chand)


سنڌي ٻولي جي صحت
عبدالعزيز چنڊ
سنڌي ٻولي جي صحت تي شديد اثرات پئجي رهيا آهن. انگريزي ۽ اردو ٻولين جي شديد حملي جي ڪري، سنڌي ٻولي پنهنجي اصليت وڃائي رهي آهي.
گهڻي ڀاڱي سنڌي جو نج لفظ استعمال نه ڪرڻ ڪري، نج سنڌي لفظ ختم ٿيندا پيا وڃن. ائين ضرور آهي ته ٻوليون ٻين زبانن ۽ ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ جذب ڪنديون آهن، پر سنڌي ڳالهائڻ وارا پنهنجن اصل لفظن کي پراڻو يا اولڊ فيشن سمجهي، ترڪ ڪندا وڃن. هنن کي ”ماسي“ چوڻ ۾ لڄ ٿي اچي. اردو وارن ماسي لفظ کي ”نوڪرياڻي“ واري معنيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اسان به ماڊرن ۽ مهذب بڻجڻ جي شوق ۾ ماسي کي ”خاله“ ڪري ڇڏيو. خاله لفظ عربي جو آهي، بهترين آهي، اسان وٽ عربي، فارسي لفظ گهڻا آهن، پر وقتي شوق ۽ اردو جي داٻي هيٺ اچي، ائين ڪرڻ، مناسب محسوس ڪونه ٿو ٿئي.

26/03/2013

ڪتابَ: ”تصويرِ سنڌ“ ۽ ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


جناب ايم.ايڇ. پنهور جا ٻه اهم ڪتابَ:

”تصويرِ سنڌ“ ۽ ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“


رکيل مورائي
سنڌ جي تاريخ بابت مختلف حوالن ۾ الڳ الڳ ٻولين ۾ ڪيترو ئي مواد مسير آهي ۽ لڳاتار لکجي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو هڪ  حصو تاريخ بابت تحقيق جون گهرجون پوريون  ڪري ٿو ۽ هڪ حصو اهڙو آهي، جيڪو ورجاءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ بابت ٻن اهم ڪتابن جو ذڪر هت ڏجي ٿو، جيڪي ٻئي ڪتاب سنڌ جي هڪ ڏاهي ۽ سنڌ دوست محقق محترم ايم ايڇ پنهور صاحب جي سالن جي تحقيق جو نچوڙ آهن.

23/03/2013

ٻوڏ ڊائري ــــــ درد ۽ تاريخ جو سفر - همسفر گاڏهي (Hamsafar Gadhi)


ٻوڏ ڊائري ــــــ درد ۽ تاريخ جو سفر
همسفر گاڏهي
پاڪستان ۾ ٻوڏون ۽ قدرتي آفتون ماضيءَ ۾ به اينديون رهيون آهن، تڏهن نه ته ٽيڪنالاجيءَ ايڏي ترقي ڪئي هئي نه وري ايترا وسيلا هئا باوجود ان جي نقصان ۽ تباهي ايتري نه ايندي هئي جيتري اڄڪلهه ايندڙ ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن ۾ نظر اچي رهي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب نيتن ۾ فتور ۽ بي ايماني جو اچي وڃڻ آهي. اڳ ۾ عام خلق کان ويندي ڪامورن ڪڙن ۽ سياستدانن جون نيتون ڪنهن حد تائين ٺيڪ هونديون هيون ۽ اهي مصيبت ۾ ڦاٿل خلق خدا جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجهندا هئا، پر هاڻي ايئن ناهي. هاڻي وارا آفتن کي ڪمائيءَ جي موسم سمجهن ٿا، ان ڪري ڪير ٻڏي ٿو يا ڪير بچي ٿو، ان سان کين ڪا گهڻي غرض ڪانهي. اهي هڪٻئي سان رڳو اهي احوال ڪندي ٻڌبا آهن ته ڪنهن ڪيتري سيزن ڪمائي؟ ڇو ته اهي درد ۽ پيڙا جي مارڪيٽنگ جا گُر ته ڄاڻن ٿا پر اُن درد جو دارون ٿيڻ نٿا چاهين.

ٻوليءَ جي بگاڙ روڪڻ لاءِ تجويزون ۽ وضاحتون - تاج جويو (Taj Joyo)


ٻوليءَ جي بگاڙ روڪڻ لاءِ تجويزون ۽ وضاحتون
تاج جويو
 روزاني ڪاوش جي ۲۰ ڊسمبر ۲۰۱۲ع واري شماري ۾، محترمه سحر گل جو مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ جو تدارُڪ ڪيئن ڪجي؟“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. هن مضمون ۾ محترمه سحر گُل، سماجي لسانيات جي حوالي سان ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ ايندڙ تبديلين ۽ بگاڙ تي ڪجهه مثبت ۽ بهتر نموني سان رايا ۽ تجويزون ڏنيون آهن، گڏوگڏ هن سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي ڪمن ۽ دائري تي بحث ڪندي، ڪجهه تنقيد به ڪئي آهي.

ٿر جا شاعر - دولت رام کتري (Dolat Ram Khatri)


ٿر جا شاعر
دولت رام کتري
ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم ”تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءَ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي. پنهنجي دل جي آواز کي، سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروئڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو. تنهنڪري فطري طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا، جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا. پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبي مورچن کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سنڌي ٻولي ۾ شيخ اياز جي شاعري جديد سنڌي شاعري جو بڻ بنياد آهي. شيخ اياز کان پوءِ استاد بخاري، اياز گل، بردو سنڌي، تنوير عباسي، ادل سومرو، وفا ناٿن شاهي، سائينداد ساند، حليم باغي، امداد حسيني، ابراهيم منشي ۽ ٻيا جديد سنڌي شاعرن ۾ اهڙا نالا آهن جن جديد سنڌي شاعري جي تخيل ۽ جدت کي نوان رنگ ڏنا. ويجهڙي ماضي ۾ جديد سنڌي شاعري جي حوالي سان ته ڪيترا ئي نالا اهڙا آهن جن جي شاعري ۾ تمام گهٽ ڪتاب شايع ٿيا، پر اهي شاعر نئين ٽهي ۾ نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا. ايوب کوسو، مير حسن آريسر، بخشل باغي، حاجي ساند، وسيم سومرو، سعيد ميمڻ، امر ساهڙ، اقبال رند، خليل ڪنڀار، اشرف پلي، فراق هاليپوٽو، حاجي ساند ۽ ٻين نوجوانن شاعرن جا ڪتاب مختلف وقتن تي مارڪيٽ ۾ ايندا رهيا ۽ انهن شاعرن کي سنڌ جا نوجوان پڻ دلچسپي سان پڙهندا رهيا آهن. اشرف پلي ۽ فراق هاليپوٽو جي نثري نظمن توڙي غزلن ۾ ايتري سگهه آهي جو انهن نئين ٽهي جي نوجوانن ۾ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي. اهڙي ريت حسن درس جي شاعري پڻ نئين ٽهي جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻي، جڏهن ٿر جي نوجوان شاعر خليل ڪنڀار ”هانسو ريٻارڻ“ ۽ ”ٻليا تو ۾ ٻل ئي ناهي“، جهڙا نظم لکي منظرعام تي آندا ته ادبي لڏي جا ماڻهو دنگ رهجي ويا. سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ٿر جي اديبن شاعرن پڻ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي. محمد هڱورجو، سائينداد ساند، ڀارو مل امراڻي، خليل ڪنڀار، بلاول اوٺو، نصرالله سمون، نور احمد جنجهي، ڪرشن شرما، شنڪر ساگر، رحيم علي موسيپوٽو، عباس کوسو، امر ساهڙ، چمن ٿري، ڊاڪٽر شنڪر، ممتاز نهڙيو، علي اڪبر راهمون، پيارو شيواڻي، ٿر جا اهي نالا آهن، جن سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پنهنجو لايو سجايو آهي. سنڌي شاعر کيتر جي جتي سائينداد ساند، خليل ڪنڀار ۽ ڀارو مل امراڻي، پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي، اتي ٿر جي شاعر شنڪر ساگر پڻ سنڌي شاعري جي کيتر ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي. پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ سادگي رکندڙ هي شاعر پنهنجو نرالو سڀاءُ ۽ مقام رکي ٿو. اتساهه پبليڪيشن طرفان جڏهن هن جي شاعري جو پهريون مجموعو سوچون ساگر سپنا ساحل ڇپجي منظرعام تي آيو، ته مون کي هن جي شاعريءَ پختگي جو احساس ڏياريو. هو جيتوڻيڪ اخبارن ۽ رسالن ۾ تمام گهٽ ڇپيو آهي، پر گم سم ۽ گمنام رهڻ جي باوجود هن وسيع مطالعي جي آڌار تي سنڌ ۾ پنهنجو هڪ نرالو مقام جوڙيو آهي.
هن جي شهر ۾ شام رهياسين،
گم سم ۽ گمنام رهياسين.
ساگر هن جي من مندر ۾
ٿورو رهي به جام رهياسين.
شنڪر ساگر پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي. ٿر جي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ هو هميشه اڳڀرو رهيو آهي. مٺي ۾ اسٽيج ڊراما ڪرائڻ کان وٺي سنڌي ادبي سنگت مٺي کي متحرڪ ڪرڻ ۾ هن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو پنهنجي عام زندگي ۾ سادو ۽ ماٺيڻي طبيعت رکندڙ، باصلاحيت انسان آهي. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هو سگهارو تخليقڪار آهي. هن جي شاعري ۾ سونهن، سچائي، پيار، پيڙا، امنگن ۽ اڌمن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ نظر اچن ٿا. هو سٺو شاعر به آهي ته سٺو دوست به آهي. هو جڏهن ڪچهري ۾ ويهندو آهي ته هو محبت ۽ پيار جا ڪيئي رنگ پکيڙي ڇڏيندو آهي. هن جو جيون پيار، پيڙا، اُمنگن ۽ اڌمن جي دامن صحرا ۾ هڪ کليل ڪتاب آهي. سندس زندگي پيڙا ۽ ڏکن ۾ گذرندي وري به هو جيئڻ جي تمنا رکي ٿو.
نه جيون ۾ ڪائي رنگيني رهي آ،
تمنا تڏهن ڀي، جيئڻ جي رهي آ.
شنڪر ساگر وٽ خيالن جي بي پناهه سگهه آهي. شنڪر ساگر وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ٿر آهي جيڪو سراپا صدائون آهن. ٿر جي مورن جي صدائن تي هن جو روح رڙي ٿو. ٿر جي مورن جو شڪار ڪندڙ شڪارين کي پاراتا ڏيندي هن هي سٽون تخليق ڪيون ته:
ڪارونجهر جي ڪور تي، جهيڻو ٻولي مور،
شنڪر ساگر ٿر جو رومانوي شاعر آهي، جيڪو پنهنجي شاعري ۾ محبتن جي رنگن کي نکاري ٿو. هڪ رومانوي شاعر جي حيثيت ۾ هن جي شاعري، پيار، محبت ۽ دردن جو سنگم آهي. هو پنهنجي غزلن جي ننڍي بحر وزن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جي سگهه به رکي ٿو. ننڍي بحر وزن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جو فن ڪنهن سگهاري شاعر وٽ ئي هوندو آهي.
مون کي ڀلائي ڇڏ تون،
ميندي لڳائي ڇڏ تون،
تو وٽ منهنجي هستي ناهي
هون ته دلڙي سستي ناهي،
جهڙي تنهنجي نيڻن ۾ آ
مڌ ۾ اهڙي مستي ناهي،
سمونڊ جيڏي دل آ منهنجي
تنهن ۾ ڪا سرمستي ناهي.
شنڪر ساگر جي شاعري ۾ خوبصورتي جا سمورا رنگ سمايل آهن، جيڪي هڪ پختي شاعر ۾ هجن ٿا. شنڪر جي شاعري ۾ سادگي سلوئي ٻولي ۾ رواني به آهي. هن معاشري جي ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو ۽ انهيءَ تي نثري نظم پڻ لکيا آهن هراسيل هارياڻي ۽ ٿر جي ڏڪار تي لکيل هن جا نظم پختا ۽ سگهارا آهن.
شنڪر ساگر پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ جيترو سادو سٻاجهڙو ماڻهو آهي اوترو ئي هو حساس دل ماڻهو آهي. هو پنهنجي عام رواجي زندگي ۾ منافقت ۽ مغروري ڪرڻ سکيو ناهي نه ئي هن کي ڊائيلاگ بازي يا خوبصورت لفظن سان منڊڻ اچي ٿو.

21/03/2013

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ضميري پڇاڙي: ’م‘ ۽ ’س‘ جو مختصر اڀياس - الطاف حسين جوکيو (Altaf H. Jokhyo)


شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ضميري پڇاڙي: ’م‘ ۽ ’س‘ جو مختصر اڀياس
الطاف حسين جوکيو
شيخ اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو اثاثو آهي؛ ليڪن ساڳئي وقت پنـﮬـنجي دؤر جي هڪ اڻ- مِٽ تاريخ پڻ آهي. هن حالت سنڌي ٻوليِءَ جي عالمن ۽ اديبن تي لازم ٿئي ٿو ته ان جي مڙني رخن تي علمي انداز ۾ ڪم ڪن!
مان لسانيات جو طالب علم آهيان، ليڪن جڏهن لسانيات کي ڏسجي ٿو ته ان جا به ڪافي رخ ٿين ٿا. وياڪرڻ، صوتيات، صرفيات، سماجي لسانيات، لـﮬـجاتي اڀياس، صورتخطي وغيره. مون لسانيات جي هڪ ننڍڙي نڪتي تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي.

20/03/2013

ڪتاب: ”محمد عثمان ڏيپلائي هڪ مطالعو“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب: ”محمد عثمان ڏيپلائي هڪ مطالعو“

رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
هيءُ ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ لکندڙ، نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جو لکيل آهي ۽ نالي وانگر ڏيپلائيءَ صاحب بابت هڪ مطالعو محسوس ٿئي ٿو. باترتيب لکيل هن ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب بابت سموري نصابي معلومات ڏنل آهي. ساڳئي وقت سندس باري ۾ ليکڪ پاران ڪن اديبن جا رايا به شامل ڪيا ويا آهن ۽ آخر ۾ ڏيپلائي صاحب جي سموري پورهئي جو وچور ڏنو ويو آهي، جنهن کي ڏسي ڏيپلائي صاحب لاءِ گهڻي گهڻي عقيدت وڌي وڃي ٿي، ساڳي وقت جوڻيجي صاحب جي محنت لاءِ به! پنهنجي عالمن ۽ بزرگن کي ڀيٽا ڏيڻ جو ۽ کين محفوظ ڪرڻ جو هيءُ نهايت ئي پهترين طريقو آهي. هڪ سئو ڇٽيهن صفحن جي هن ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب کي گهڻي حد تائين ڏسي پسي سگهجي ٿو. اعليٰ پني، پڪي جلد ۽ ڏيپلائي صاحب جي تصوير واري هن ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي ۽ پيڪاڪ پرنٽرز ڪتاب ڇاپيو آهي ۽ ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي.

ڪتاب: ”ڀنڀور ۽ ديبل“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب: ”ڀنڀور ۽ ديبل“

رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب انهن مضمونن، مقالن ۽ ليکن تي ٻڌل آهي جيڪي ڀنڀور نيشنل سيمينار ۾ 1983ع ۾ پڙهيا ويا هئا، جيڪو سيمينار اسان جي وطن دوست ۽ علم، ادب دوست واڌو دوستن جي دوست عبدالقادر منگي صاحب ان دور ۾ ڀنڀور تي ڪوٺايو هئو, جنهن دور ۾ سنڌ هڪ دوزخ جهڙي دور مان گذري رهي هئي ۽ هي ڀنڀور سيمينار هڪ بهشت جي هوا جي  جهوٽي جهڙو ثابت ٿيو هئو، جنهن کان پوءِ انهن ليکن کي منگي صاحب سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ ڪتاب کي نالو ڏنو ويو ”ڀنڀور ۽ ديبل. هن ڪتاب جي  اهميت کي سمجهندي ان جو ٽيون ڇاپو گذريل سال ڏهه مارچ 2012 تي ثقافت کاتي پاران ڪوٺايل ”ڀنڀور انٽرنيشنل سيمينار 2012“ جي موقعي تي آندو ويو آهي هن ڪتاب بابت گهڻو ئي لکي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ ليکن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرئين حصي ۾ اهي ليک آهن، جيڪي تاريخ ۽ قديم آثارن بابت آهن ۽ ٻئي باب ۾ اهي ليک آهن جيڪي ادب ۽ ثقافت بابت آهن. ڪتاب ۾ سيمينار جون ڪي تصويرون پڻ ڏنل آهن. ٻه سئو چاليهن صفحن جي هن سانڍڻ جهڙي پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل واري ڪتاب جو ملهه 300 رپيا آهي. ڪتاب ايليگينٽ پريس ڇاپيو آهي ۽ سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي.

19/03/2013

سڏڪي ۾ تبديل ٿيل عورت جو آواز: روبينه ابڙو - غوث پيرزادو (Ghous Pirzado)


سڏڪي ۾ تبديل ٿيل عورت جو آواز: روبينه ابڙو
غوث پيرزادو
روبينه ابڙو جي شاعري هڪ اهڙي مسافر جو ٽهڪ آهي، جنهن هڪ خواب جي پويان ڊوڙندي ڪي لڪ لتاڙيا هجن، ويرانن جي اکٽ خاموشين جو زهر پيتو هجي، تيرن جي بارشن کي روح جي گهرائين تائين سٺو هجي، ۽ پوءِ وڃي ان خواب کي پاتو هجي. هن جي شاعريءَ مان رقاصه جي پيرن ۾ ٻڌل گهنگهرن جي اداسي ليئاڪا پائيندي نظر اچي ٿي.
تهمتن جي راهه تي آهيان هلي
هر ملامت جهول ۾ آهي جهلي
عمر ساريءَ جا ثواب آهين ڪٿي
اي ازل جا هم رڪاب آهين ڪٿي