ٻوليءَ جي بگاڙ روڪڻ لاءِ تجويزون ۽ وضاحتون
تاج جويو
روزاني ڪاوش
جي ۲۰ ڊسمبر
۲۰۱۲ع واري شماري ۾، محترمه سحر گل
جو مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ جو تدارُڪ ڪيئن ڪجي؟“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي.
هن مضمون ۾ محترمه سحر گُل، سماجي لسانيات جي حوالي سان ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ ايندڙ
تبديلين ۽ بگاڙ تي ڪجهه مثبت ۽ بهتر نموني سان رايا ۽ تجويزون ڏنيون آهن، گڏوگڏ هن
سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي ڪمن ۽ دائري تي بحث ڪندي، ڪجهه تنقيد به ڪئي آهي.
جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي ’بگاڙ وارو مسئلو‘، هڪ گهڻ رخو ۽ پيچيدو آهي،
ان ڪري ان مسئلي جي حل جي ذميواري ڪنهن هڪ فرد يا اداري بجاءِ، گڏيل طور سماج، مختلف
ادارن ۽ قوم جي سمورن ساڃهه وند فردن مٿان عائد ٿئي ٿي. سنڌي ٻولي اٿارٽي به هڪ ڌر
(Stake holder) آهي، جنهن جو، پنهنجي مقرر ٿيل متن ۽ مقصدن
جي دائري ڪار ۾ رهندي پنهنجا ڪم ۽ ذميداريون آهن. فاضل ليکڪا لکيو آهي ته، ”سنڌي ٻولي
اٿارٽي، ان ڳالهه جي جاچ ڪري ته اسڪولن ۾، ٻارن کي ڪهڙو مواد پڙهايو پيو وڃي.“ جيستائين
نصابي ۽ درسي مواد جي ڳالهه آهي ته اهو ڪم تعليم کاتي جو آهي ۽ ان ڪم لاءِ بيورو آف
ڪريڪيولم ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ نالي ٻه ادارا، تعليم کاتي جي هٿ هيٺ سالن کان ڪم ڪري
رهيا آهن ۽ اهو ڪم سندن حصي جو آهي ۽ اُهي ئي ڪري سگهن ٿا. البت سنڌي ٻولي اٿارٽي مواد
جي ٻوليءَ جو جائزو وٺي سگهي ٿي, جنهن ڏس ۾ اٿارٽيءَ وقت بوقت
ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سان گڏجي ڪم ڪيو به پئي آهي.
مضمون ۾ ليکڪا ”اخبارن، رسالن، ريڊيي ۽ ٽي. ويءَ جي ٻوليءَ“ تي بحث ڪندي،
اها راءِ قائم ڪئي آهي ته ”اخباري ٻولي لکت ۾ آهي، ان ڪري ان جو نج پڻو قائم آهي.“
ڪنهن حد تائين ته اها ڳالهه درست آهي، پر ٻوليءَ جو بگاڙ جيترو اخبارن ۽ ميڊيا جي ذريعن
۾ ٿي رهيو آهي، اوترو ڳالهائڻ يا ٻڌڻ وارن وسيلن/ميڊيا ۾ نه آهي. اسان اخبارن ۽ ريڊيو
جي ٻوليءَ تي نظر رکڻ لاءِ باقاعدي ”مانيٽرنگ سيل“ (نگراني ۽ چڪاس جو شعبو) قائم ڪيو
آهي، جيڪو ۱۲ مکيه
سنڌي اخبارن جي ٻوليءَ جي چڪاس ڪندو رهندو آهي ۽ گڏوگڏ ريڊيو جي ٻوليءَ تي به نظر رکندو
آهي ۽ اخبارن ۽ ريڊيو کي هفتيوار رپورٽون تيار ڪري موڪليندو رهندو آهي. نتيجي ۾ ٻوليءَ
جي بگاڙ جو تدارڪ خاص ڪري اخبارن ۾ ڪنهن حد تائين ممڪن ٿي سگهيو آهي ۽ ريڊيو تي به
ان جي ابتدا ٿي چڪي آهي. باقي رهي ڳالهه ’ٽي. وي چئنلن‘ جي، ته سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ
کي روڪڻ جي ڏس ۾ خود اليڪٽرانڪ ميڊيا به هڪ ڌر (Stake holder) وارو
ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان تي به ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اُها به اهڙا اُپاءَ وٺي.
ملڪ جي اردو ٽي وي چئنلن جو آهي، جيڪي اتي ڪم ڪندڙ نيوز ڪاسٽرن، اداڪارن، انائونسرن
وغيره کي ملازمت ڏيڻ کان اڳ ۾ ٻولي، لهجي، اُچارن ۽ آواز جي جهيلار جي باقاعدي تربيت
ڏياريندا آهن. ائين جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جا ٽي وي چئنل پهرئين مرحلي ۾ رڳو ميزبانن،
خبرون پڙهندڙن (نيوز ڪاسٽرن)، اداڪارن، ڊائريڪٽرن ۽ اسڪرپٽ رائيٽرن جي تربيت لاءِ راضي
ٿين ته سنڌي ٻولي اٿارٽي، سندن ڪارڪنن لاءِ اهڙا ورڪشاپ پاڻ وٽ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.
’جيتريقدر نون لفظن جي گهَڙَت ۽ جڙت (Coin) جو مسئلو آهي ته اُن لاءِ ٻوليءَ جي عالمن
۽ ماهرن کان خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.‘ اها تجويز ڪارائتي آهي ته ’اٿارٽي اهڙن لفظن
۽ اصطلاحن جي فهرست تيار ڪري ۽ انهن کي مناسب شڪل ڏئي، ان جو باقاعدي اعلان ڪري‘. هن
سلسلي ۾ هڪ ته اهڙا لفظ يا اصطلاح، جيڪي هڪ کان وڌيڪ صورتن ۾ لکيا وڃن ٿا، تن کي هڪ
معياري صورت ڏيڻ لاءِ هن کان اڳ اٿارٽي ڪجهه ورڪشاپ ڪرائي چڪي آهي. انگريزي ٻوليءَ
مان ايندڙ ’نون سائنسي اصطلاحن‘ کي جيتري قدر سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو مسئلو آهي، ته
ان ڏس ۾ اٿارٽيءَ مختلف ماهرن کان سماجيات، قانون، تعميرات، سنگيت، تجارت، بئنڪاري،
پرنٽ ٽيڪنالاجي، بين الاقوامي تعلقات، جاگرافي، لطيفيات ۽ دفتري ٻوليءَ جون لغتون
۽ ملازمت جي قاعدن جا ڪتابڙا تيار ڪرائي ڇپايا آهن. ميڊيڪل جون سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي
- سنڌي عام ۽ تشريحي لغتون، جديد شاعريءَ ۽ ادبي اصطلاحن جون لغتون پڻ تيار ڪرايون
آهن، جن مان ڪي ڪمپوزنگ ۾ ۽ ڪي ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾ آهن. سائنسي علم تمام وسيع آهن،
ان ڪري اسان جي اهڙن ماهرن کي عام آڇ آهي ته ان ڏس ۾ اڳيان اچن ۽ اسان کي سائنسي علمن
جون لغتون تيار ڪري ڏين ته اسان ڇپائڻ لاءِ تيار آهيون.
سنڌي ٻوليءَ جي ’رومن لپيءَ‘ وارو سوال هاڻي ايترو وزندار نه رهيو آهي،
ڇاڪاڻ موجوده سنڌي لپي (عربي- سنڌي اسڪرپٽ) يونيڪوڊ جي بنياد تي، انٽرنيٽ تي آسانيءَ
سان استعمال هيٺ آهي، جڏهن ته اٿارٽي اهڙا سافٽ ويئر پڻ تيار ڪرائي رهي آهي، جن ذريعي
ملڪ کان ٻاهر ويٺل سنڌي، آسانيءَ سان سنڌي لکي پڙهي سگهن ٿا ۽ کين انٽرنيٽ تي سنڌيءَ
جي استعمال ۾ آساني ٿي سگهي ٿي. جيستائين ’عربيءَ جي اهڙن حرفن، جن جو سنڌيءَ ۾ اُچار
۽ آواز ساڳيو آهي، تن کي بار سمجهي ڪڍڻ وارو موقف‘ آهي، ته اُهو وڏا مسئلا پيدا ڪري
سگهي ٿو، ڇاڪاڻ اسان جو صدين کان وٺي علمي ۽ ادبي ذخيرو، انهن حرفن ۽ لفظن تي آڌارت
آهي، جن کي هن وقت ڪڍڻ نهايت ڏکيو ٿيندو، ۽ ائين ڪرڻ سان سنڌي ٻوليءَ کي جيترو فائدو
ٿيندو، ان کان وڌيڪ نقصان ٿيندو. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا، جن مان معلوم ٿيندو ته انهن
اکرن کي ڪڍڻ سان لفظن جي صورت ڪيڏي نه کلڻ هاب ٿي پوندي. مثال طور:
صندوق: سندوڪ
ثواب: سواب
تصور: تسور
طور طريقو: تور تريڪو
طنز: تنز
صاحبلوڪ: ساهبلوڪ وغيره
سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال لاءِ هڪ ’دفتري لغت‘ تيار ڪري ڇپائي آهي. ان ۾ ڪوشش ڪري، خاص طور ’سنڌ سيڪٽريٽريٽ‘ سان واسطو
رکندڙ سمورن کاتن جا لفظ ۽ اصطلاح ۽ انهن جا سنڌي بدل ڏنا ويا آهن. گڏوگڏ ڪن وفاقي
کاتن مثلاً: ڪسٽم، نيوي، ايڪسائيز، خارجه ۽ داخلا امور وغيره کاتن جا اصطلاح، لفظ
۽ نالن جا سنڌي بدل به ڏنا ويا آهن. هن لغت مان دفترن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم فائدو وٺي سگهن
ٿا. فاضل ليکڪا جي ’اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب
۾ ”فڪري ادب“ کي شامل ڪرڻ واري ڳالهه ڪارائتي آهي ۽ نصاب ۾ سنڌ جي ڏاهن، عالمن ۽ مفڪرن
جو پيغام شامل پڻ ٿيڻ گهرجي،‘ ان لاءِ تعليم کاتي کي پاليسي وضع ڪرڻي پوندي ۽ اهو ڪم
رٿابنديءَ سان ڪرڻو پوندو. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي سان اسان جا عالم، اديب، صحافي ۽
خود سنڌي ٻولي اٿارٽي، هڪ اداري جي حيثيت سان، ان ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
جيتريقدر ’سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ۽ سرڪاري ٻولي‘ قرار ڏيڻ لاءِ، سنڌي
ٻولي اٿارٽيءَ جي ڪردار جي ڳالهه آهي ته جيترو ڪم، ثقافت کاتي سان گڏجي، هن ڏس ۾ سنڌي
ٻولي اٿارٽيءَ ڪيو آهي، ان جون شاهد اخبارون ۽ ميڊيا جا سڀ ادارا آهن. ته عالمن، اديبن
ٻوليءَ جي ماهرن ۽ صحافين جون گڏجاڻيون ڪوٺائي، ’ٻولي ڪميٽي‘ ٺاهي، باقاعدي هڪ ڊرافٽ
تيار ڪرائي، ان کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين پهچايو ويو آهي. وزيرن، مشيرن ۽ پارليامينٽرين
کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويو آهي ته اهي ايوان ۾، سنڌي ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين کي قومي
ٻوليون قرار ڏيڻ لاءِ اٿارٽيءَ جي پيش ڪيل ڊرافٽ، ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اڳ پيش ڪيل ڊرافٽ
۾ تجويز ڪيل تبديلين وارو بل پيش ڪن. ان ڏس ۾ اسان بنيادي ڪم ڪرايو آهي، ۽ اميد آهي
ته ان جا نتيجا مثبت نڪرندا. ليکڪا جي اها ڳالهه به درست آهي ته ’ٻوليون هڪ ٻئي کان
لفظ اڌارا وٺنديون آهن‘، پر انهن لفظن جي ’اوڌر‘ ۽ ’سخاوت‘ ٻوليون پنهنجي مزاج ۽ گرامر
موجب ڪنديون آهن، ان لاءِ ٻوليءَ جي ماهرن جا اڳي ئي قاعدا تيار ٿيل آهن، جن بابت اسان
وقت به وقت لکندا رهيا آهيون. اها حقيقت ضرور آهي ته ’انگريزيءَ يا اردوءَ جا لفظ
۽ اصطلاح‘ ٻوليءَ جي نج پڻي کي متاثر ڪن ٿا. ساڳيءَ طرح فارسي ۽ عربيءَ جا لفظ ۽ اصطلاح
به سنڌي ٻوليءَ جي اصليت کي متاثر ڪن ٿا، پر ان لاءِ هر ٻوليءَ جي گرامر/ وياڪرڻ جا
قاعدا موجود آهن، جيڪي جمع ۽ واحد، مذڪر ۽ مؤنث بابت رهبري ڪن ٿا. ان ڏس ۾ اٿارٽي
’درسي ڪتابن ۽ ميڊيا جي ٻولي‘ ڪتاب ڇپرايو آهي، جنهن ۾ ’بيهڪ جي نشانين‘ بابت به سمجهاڻي
ڏني وئي آهي، جيڪو نون لکندڙن، اخباري ڪارڪنن ۽ درسي سبقن لکڻ وارن لاءِ نهايت ڪارائتو
آهي.
اسان جي ساڃهه وند ليکڪا انگريزي لفظن جي سنڌيءَ ۾ استعمال جي مخالفت
ڪندي، پاڻ به پنهنجي مضمون ۾ ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح انگريزي ۽ ٻين ٻولين جا ڪم آڻي وئي
آهي، جڏهن ته سندس مضمون جا ڪيترا لفظ خود
ٻوليءَ جي بگاڙ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ان ڪري، هن معاملي کي نه رڳو کيس، پر اسان سڀني
سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.
No comments:
Post a Comment