26/03/2013

ڪتابَ: ”تصويرِ سنڌ“ ۽ ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


جناب ايم.ايڇ. پنهور جا ٻه اهم ڪتابَ:

”تصويرِ سنڌ“ ۽ ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“


رکيل مورائي
سنڌ جي تاريخ بابت مختلف حوالن ۾ الڳ الڳ ٻولين ۾ ڪيترو ئي مواد مسير آهي ۽ لڳاتار لکجي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو هڪ  حصو تاريخ بابت تحقيق جون گهرجون پوريون  ڪري ٿو ۽ هڪ حصو اهڙو آهي، جيڪو ورجاءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ بابت ٻن اهم ڪتابن جو ذڪر هت ڏجي ٿو، جيڪي ٻئي ڪتاب سنڌ جي هڪ ڏاهي ۽ سنڌ دوست محقق محترم ايم ايڇ پنهور صاحب جي سالن جي تحقيق جو نچوڙ آهن.
شايد جڏهن ايم ايڇ (محمد حسن) پنهور صاحب لکڻ شروع ڪيو هئو، تڏهن ئي محسوس ڪيو هئائين ته سنڌ ۽ ان جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ٻين موضوعن تي سنڌيءَ ۾ لکڻ وارا گهڻا ٿيندا، ان ڪري ئي هن سنڌ بابت لکڻ جي شروعات انگريزي ۾ ڪئي ۽ لڳاتار لکي هن سنڌ جي مختلف حوالن ۾ جيڪو ڪم ڪيو، ان نه  رڳو سنڌ کي ٻين پڙهندڙن جي اکين آڏو آندو پر خود سنڌ جي هن صدوري پٽ کي عالمي مڃتا به ڏئي ڇڏي.
گهڻي گهڻي احترام لائق ۽ ياد ڪرڻ لائق هي عالم ۽ محقق شايد پهريون غير سنڌي لکندڙ سنڌي آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ بابت جيڪو به لکيو اهو نج سائنسي بنيادن تي آهي. ائين هن تاريخ کي سائنس جو علم ثابت ڪيو ۽ ان کي ڏند ڪٿائي ڄار مان ٻاهر ڪڍي آيو. ساڳئي وقت هن پنهنجي علم کي ننڍين سرحدن کان ڪڍي هڪ ويڪرو ميدان عطا ڪيو. ائين هن هڪ عالمي اسڪالر وانگر سنڌ کي عالم ۾ متعارف ڪرايو، جنهن جو هڪ اهم مثال اهو ڪتاب آهي، جيڪو ”ائن السٽريٽيڊ هسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌ“ جي نالي آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي جل اعليٰ ۽ سڪار واري سومرا دور بابت لکيل آهي، جنهن ۾ پنهور صاحب جو رخ هڪ عالم وارو آهي، جنهن ۾ سنڌي يا غير سنڌي هجڻ جو ڪو به ويچار نه آهي. هن علم کي علم ۽ تاريخ کي تاريخ ڪري ڄاتو آهي، پوءِ اها ڀلي ڪهڙي به خطي يا ملڪ جي هجي. ائين هيءُ اهم ترين ڪتاب به اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جو دائرو ته سنڌ آهي، پر ان ۾ پنهور صاحب جو نظريو ۽ تحقيق سموري عالم کي ڪم اچڻ واري آهي. هيءُ ڪتاب 2003ع ۾ نه رڳو انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو پر سنڌيءَ ۾ ”تصويرِ سنڌ“ جي نالي سان 2006ع به شايع ٿيو، هن املهه ڪتاب کي سنڌي ويس ۾ اسان جي دوست عمر سومري آندو.
عمر سومرو بنيادي طور هڪ بينڪار هوندي، هن ڏکئي ڪم ۾ ڇو آيو، جو هن نه رڳو ان ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو پر رات ڏينهن محنت ڪري هن دستاويز کي سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪيو، جنهن جو نالو رکيائين، ”تصويرِ سنڌ“ ۽ سچ پچ هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي هڪ دور جي تصوير بڻجي پيو. پياري عمر سومري هن ڪتاب جي ترجمي تي جيڪا محنت ڪئي آهي، اها ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ ئي سمجهي سگهجي ٿي. هي ڪتاب اڻ ڳڻين تصويرن، نقشن ۽ ٻين اهم حوالن سان نهايت خوبصورت ترجمو پڻ آهي. ڪتاب جي غير معمولي اهميت کي محسوس ڪندي اسان سنڌين جي آبرودار نجي اداري سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڪراچي ان جو ٻيو ڇاپو آندو آهي ۽ اهو به ڪتاب جي مانَ مرتبي آهر نهايت سهڻي پني پڪي جلد ۽ ڏسڻ جهڙي ٽائيٽل هن ڪتاب جي اهميت ۽ سونهن ۾ وڌيڪ اضافو آندو ويو آهي. ڊبل ڊيمي سائيز جي هن املهه ڪتاب جو ملهه 600 رپيا آهي. خريد ڪرڻ، پڙهڻ ۽ پوءِ سانڍڻ جهڙو ڪتاب ليکڪ، مترجم ۽ پبلشر لاءِ هڪ آبرودار سڃاڻپ آهي. ساڳئي وقت سنڌ جي تاريخ جي هڪ شانائتي سڃاڻپ به آهي.
سائين ايم ايڇ پنهور جو گهڻي تعريف لائق هڪ ٻيو ڪتاب به آهي جيڪو پڻ سنڌ جي تاريخ سان واسطو رکي ٿو ۽ هيءُ ڪتاب وري سنڌ جي صدين جي تاريخ کي پاند ۾ سموهي بيٺو آهي. سنڌ جي سڃاڻپ لاءِ هي بيحد اهم ڪتاب 1982ع سنڌالاجي جهڙي علمي اداري ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ جي نالي سان انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو هئو، جيڪو ان دور ۾ اداري جو اهم ڪارنامو لکيو ويو هئو. هيءُ اهم ڪتاب به سنڌي پڙهندڙن لاءِ اوپرو هئو ۽ ان غير معمولي ۽ انتهائي ڏکئي ڪتاب کي به اسان جي دوست عمر سومري سنڌي ويس ڍڪايو آهي، پر منهنجي راءِ ۾ هن ڪتاب کي نه صرف سڌي ويس ڍڪايو آهي، پر ان کي سنڌين لاءِ هڪ اهڙو دستاويز بڻايو آهي، جنهن جي عيوض هن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ ليکي ويندي.
پيرائتي سنڌ ڪٿا نالي سنڌي ۾ آيل هيءُ ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ شدت سان محسوس ٿيندو ته هڪ بينڪار جو هيءُ ڪم هڪ جنون ٿي سگهي ٿو. هڪ عشق ٿي، جيڪو هن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان آهي، پنهنجي تاريخ سان آهي  ۽ واڌو سائين ايم ايڇ پنهور سان آهي، هيءُ ڪتاب سنڌ جي سلسلي وار مختصر تاريخ آهي، جنهن ۾ ترتيب سان سائنسي انداز ۾ هڪ تاريخ ترتيب ڏنل آهي، هڪ اهڙي تاريخ جنهن جو مثال هن ڪتاب کان اڳ نٿو ڏسڻ ۾ اچي ۽ ممڪن آهي. هن ڪتاب کان پوءَ به ڪو اهڙو اسڪالر سنڌ کي نصيب ٿئي، جيڪو هن ترتيب سان سنڌ جي صدين جي تاريخ کي محفوظ ڪري سگهي.
پيرائتي سنڌ ڪٿا“، هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ پنهنجي سموري تاريخ ۽ ان جي سمورن پهلوئن سميت موجود آهي، سنڌي ٻولي هن ڪتاب لاءِ صدين کان اوسيئڙي ۾ هئي، جنهن جو پوراءُ ۽ اسان جي سدا حيات محقق ايم ايڇ پنهور صاحب ڪيو ۽ سنڌي پڙهندڙن تي هڪ وڌيڪ احسان اسان جي دوست ۽ هن ڪتاب کي سنڌي ۾ آڻيندڙ عمر سومري ڪيو. هيءُ ڪتاب اهڙو احسان آهي جنهن کي سنڌي فقط ڳائي سگهن ٿا. مان ته عمر سومري جي لاءِ ڀٽائي جي هيءَ سٽ لکڻ چاهيان ٿو.
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙ ڪيا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌ جي تاريخ بابت هيءُ باترتيب ۽ پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ شايد آخري ڪتاب اسان کي عمر سومري جي معرفت مليو آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اهم ميراث جي برابر آهي، هونئن عمر سومري مولوي عبدالحق مهر صاحب جو لکيل ڪتاب ”سومرا دور“ پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جنهن کي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران شايع ڪيو ويو آهي.
هيءُ املهه ڪتاب عمر سومرو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ٿيو آهي. ڊبل  ڊيمي سائيز جو هيءُ اڻ ڳڻين نقشن ۽ تصويرن وارو لاجواب ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان پتو پوندو ته هن ڪتاب جي ترجمي تي اسان جي پياري عمر سومري ڪيتري محنت ڪئي. سچ ته هن محنت جو ڪو به ملهه نه آهي، پر ڪتاب تي ان جي ڇپائيءَ تي جيڪو خرچ آيو آهي، ان حساب سان هن ڪتاب جو ملهه 1000 رپيا رکيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment