31/05/2013

جوش ٻرڙو ۽ سندس شاعري - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


نامور شاعر ’جوش‘ ٻرڙو ۽ سندس شاعري
رياضت ٻرڙو

نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو 3 جنوري 1940ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ”سنڌي فائينل“ ۽ ”اردو اديب“ جو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هُن مختلف اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون نڀائيندي 30 اپريل 1996ع تي، هيڊ ماستر طور پرائمري اسڪول گھٽهڙ مان رٽائرمينٽ ورتي.
’جوش‘ ٻرڙو 1956ع ۾ شاعري شروع ڪئي. کيس ادبي ماحول گھر ۾ ئي مليو. مشهور شاعر غلام نبي ’گل‘ سندس وڏو ڀاءُ آهي، جنهن جو سندس ادبي اوسر ۾ اهم ڪردار آهي. ’جوش‘ ٻرڙي جو هڪ شعري مجموعو ”عشق اُلا اُڇلايا“ مئي 2002ع ۾ ڇپيل آهي ۽ سندس غزلن جي هڪ آڊيو ڪئسيٽ پڻ جاري ٿيل آهي.
سائين نذير احمد ’جوش‘ ٻرڙو غزليه شاعري سرجيندڙ پيار ۽ محبت جو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ انڊلٺي رنگ سندر لفظن جي صورت ۾ چِٽيل آهن:
چوڏهينءَ جو ته چنڊ پورو آ،
چاندني تو بنا اڌوري آ.
’جوش‘ ٻرڙو به، پنهنجي شاعر ڀاءُ غلام نبي گل وانگر، غزل جو شاعر آهي. سندس غزلن جي ٻوليءَ ۾ سمايل سادگي احساسن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪندڙ ۽ وڻندڙ آهي:
نه جنهن کي ’جوش‘ مون سمجھيو،
ســـا مـنــهـنـــجـــي ئـي حـيــاتـــي آ.

*
اڄ اچڻ جو آ تو ڪيو اقرار،
اڄ اکين کي آ انتظار وري.
’جوش‘ وٽ پيار جي روايتي اظهار جا ٻول ته آهن، پر وٽس محبوب جي اڻ مَئي سونهن لاءِ سجدا، لفظن جو سهڻو لباس اوڍي اچن ٿا:
حق عبادت جو ٿي ادا ويو ’جوش‘!
هن جي چائنٺ ۽ هيءَ جبين هئي.

سندس شاعريءَ ۾ اصلاحي انداز پڻ نظر اچي ٿو، جنهن وسيلي هُو سماج ۾ چڱائين جي پرچار ڪري ٿو:
چڙهندڙ سج جي پوڄاريءَ کان پاسو ڪر،
ڪينسر جهڙي بيماريءَ کان پاسو ڪر.
’جوش‘ جي شاعري جيتوڻيڪ روايتي شاعريءَ جو تسلسل آهي، پر ان ۾ ڪجھ ڪرڻا نئين شاعريءَ جا به اظهاريل آهن:
دک ڇڙهڻ جي مشين سيني ۾،
جنهن وڌايو آ دل جي ڌڙڪن کي.
’جوش‘ ٻرڙي کي ٻه دل جا دَورا 1992ع ۽ 1995ع ۾ پيا، پر هُو باهمت ٿِي، زندگيءَ ۽ شاعريءَ سان نڀائيندو رهيو. کيس ڪجهه ڏينهن اڳ بُڪين ۾ تڪليف ٿي ۽ سندس بڪين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته کيس ڪراچيءَ نِيو ويو جتي هن ڊائلاسز (Dialysis) ڪرايو. علاج دوران کيس 28 مئي 2013ع تي، اڱاري ڏينهن، دل جو دورو (هرٽ اٽئڪ) پيو جنهن ۾ سندس وفات منجهند جو 12 وڳي ڌاري ٿي. کيس ساڳئي تاريخ تي رات جو 11 وڳي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
هتي سندس ڪجھ شاعري پيش ڪجي ٿي:
غزل
 ڪـــرشــــمــــــو ڪــــائــــنــــــاتـــــــــــي آ،
نه ڪنهن شيءِ کي ثباتي آ.

جَهڪِي ٿي جوت نيڻن جي،
نه مـــوٽــيــــــو اڌ راتـــــــي آ.

ٻين کي ڇو آ دلچسپي،
مـسـئـــلــــو مـنــهـنــجـــو ذاتــــي آ.

لڳو ايئن ڪنهن ڪنواري اک،
وِڌي جيءَ منــجھ جھــاتــي آ.

اکـــيـــن تــصــويـــــر مـــان ڀــاسـيــــو،
ته ڪنهن لئه هيءَ به آتي آ.

هـــو دل ۾ درد حــــد کان وَڌ،
نه ڦـــاٽـــي پــوءِ به ڇــاتـــي آ.

نه جنهن کي ’جوش‘ مون سمجھيو،
ســـا مـنــهـنـــجـــي ئـي حـيــاتـــي آ.

غزل
تنهنجي آنچل کان ڀي رنگين هئي،
ڇا ته سپنن جي سر زمين هئي!
رنگ جوڀن جا ها سڀئي هن ۾،
تنهنجي وارن ۾ جا رِبينَ هئي.
سوز ۽ ساز جي هئي سنگم،
سارنگي، بانسري يا بينَ هئي.
منهنجي دل ۾ ڪٿي هئي مهمان،
پاڻ مالڪ هئي، مَڪين هئي.
وسوسي، وهم، شڪ کان آجي،
پيار جي پڪ هئي، يقين هئي.
حسن هن جي جِي ’جوش‘ ڳالهه نه پُڇ،
حور جنت جي کان حسين هئي.
حق عبادت جو ٿي ادا ويو ’جوش‘!
هن جي چائنٺ ۽ هيءَ جبين هئي.


غزل
زندگي تو بنا اڌوري آ،
هر خوشي تو بنا اڌوري آ.
جام تنهنجو نه جام سان ٽڪريو،
مَيڪشي تو بنا اڌوري آ.
گيت، سُر، ساز، ساز ۽ سرگم،
راڳڻي تو بنا اڌوري آ.
سونهن، سرهاڻ، رنگ روپن ۾،
دلڪشي تو بنا اڌوري آ.
چوڏهين جو ته چنڊ پورو آ،
چاندني تو بنا اڌوري آ.
سُر ۽ آلاپ سڀ ويا گھٽجي،
بانسري تو بنا اڌوري آ.
ڄڻ ته بي روح ٿا ٿين سجدا،
بندگي تو بنا اڌوري آ.
حسن هر جاءِ ’جوش‘ ڪئي آجيان،
عاشقي تو بنا اڌوري آ.


غزل
منهنجي نيڻن ۾ اڄ نهار وري،
پيار پنهنجو پرين جيار وري.
سِر کي نيزي اَڻيءَ تي سينگاري،
عشق پنهنجو ائين اُجار وري.
ٻول ٻاڙا نه ڪر تون ٻيجل جا،
سَينَ سِر جي کي اڄ سنوار وري.
اڄ اچڻ جو آ تو ڪيو اقرار،
اڄ اکين کي آ انتظار وري.
پياس پوري نه ٿي ٿئي ڪنهن پَـرِ،
پيار ساقي، اڃا پيار وري.
ڪنهن کي چاهڻ ٿا چئو گناهه اگر،
هي گناهه ٿيندو بار بار، وري.
غم نه ڪر جي خزان جو دَور آ ’جوش‘!
ڄاڻ ايندو، اِجھو بهار وري.


غزل
زندگيءَ کي اداس، ڪيئن مان چوان!
چاندنيءَ کي اماس، ڪيئن مان چوان!
ڪيئي سُرٻاٽ، ڪيئي سَرگوشيون،
خاموشي آس پاس، ڪيئن مان چوان!
مون کي لبريز آ مليو ساقي!
مَي کان خالي گلاس، ڪيئن مان چوان!
وچ ۾ ديوار هئي حجابن جي،
ويجھڙائيءَ جو واس، ڪيئن مان چوان!
پيار پُرباش آ ڪيو يارو!
پياس ناهي ته پياس ڪيئن مان چوان!
’جوش‘ جيوَن سنوارجي آ ويو،
نينهن پنهنجو نراس، ڪيئن مان چوان!


غزل
عشق جي اَوکي آ آتش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
آ تکي ۽ تيز تابش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
ٽور تنهنجي تي سوين مورن مچايو شور آ،
واه! جا وک وک آ دلڪش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
سونهن تنهنجي جو نه ثاني ساري جڳ ۾ ڪو ٻيو،
مهه لقا، مهتاب، مَهِوِش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
منهنجي مارڻ لئه هَـلايو آ ٻنهي پنهنجو هنر،
اک ڪئي اَبرُو سان سازش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
مرڻ ويلي آخري خواهش ته پڇبي آ مگر،
ڪنهن
پڇي مون کان نه خواهش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
مَي جي سُرڪي لئه او ساقي! تنهنجي مَيخاني اندر،
مارجي ويو مفت مَيڪش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
صبح سان جنهن جنهن ڏٺو اکيون لڳيون آليون انهن،
رات ڀر برسِي آ بارش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
پنهنجي ڪشتي ڀي ڪناري سان لڳي پر ڪيئن لڳي،
سامهون ساگر آ سرڪش، ڇا چئي مان ڇا چوان!
ساري جڳ کي تو ڇڏي آ ’جوش‘ سان ناتو رکيو،
مهربان تنهنجي نوازش، ڇا چئي مان ڇا چوان!


غزل
 ايڏو لهجو نه مون سان رک کهُرو،
گھاءُ دل جو نه ٿي پوي گهِرو.
تون هلين ٿو يا نرتڪي ٿي نچي،
ڇا ته آ چال، لوڏ ۽ لهرو!
در ٽپي ڪيئن اچن خوشيون دل ۾،
دل جي در تي آ درد جو پهرو.
غير جي چرچ تي نه چهنڊي وجھ،
ڇو ٿو شطرنج جو ٿئين مهرو!
اصلي نقلي جي ڄاڻ ڪير ڪري،
هڪڙي چهري مٿان آ ٻيو چهرو.
تون اڪيلو رڳو ته ناهين پر،
’جوش‘ پنهنجو به دوست آ گهِرو.



غزل
قيد ڪر تون ڀلي جان جسمن کي،
پر ڪندين قيد ڪيئن تون جذبن کي!
ڪيئن جلڻ کان ڀلا جسم ڀڄندو!
آڳ دل جي لڳي آ دامن کي.
دک ڇڙهڻ جي مشين سيني ۾،
جنهن وڌايو آ دل جي ڌڙڪن کي.
دل ۾ جذبن جي هئي جمعه بازار،
پوءِ به سستو وڪيم نه تن من کي.
چانڊوڪي کان پئي ٿي شرمائين،
چنڊ شايد چميو ٿي چپڙن کي.
توکي منهنجي اڱڻ وٺي آيا،
پير تنهنجا چمان يا رستن کي.
موڪلائڻ جي تو ڇا ڳالهه ڪئي!
ساهه پئجي ويو آ سڏڪن کي.
هير ٿڌڙي اَسُر جو جيئن آ گھلي،
’جوش‘ ڄڻ جاڳ ٿي آ زخمن کي.


غزل
 ٽهڪ ڏاڍا ڏين ٿا ظاهر ۾،
سور سانڍي رکن ٿا اندر ۾.
عاشقيءَ جو به ڇا ته آ انداز!
لڙڪ اندر ۾، مرڪ ٻاهر ۾.
هيئن ته هر چيز آ ملي ويندي،
دل نه ملندي ڪڏهن آ بازر ۾.
ڪوئي معيار پيار جو ته هجي،
جيڪو آيو نه ڀر تون ڀاڪر ۾.
يا ته بي پِير آ، مڃي ئي نه ٿو،
يا وري موهه ناهي منتر ۾.
توڻي ڇولين ۾ ڇوهه ناهي ڪو،
پوءِ به ٻيڙي آ پنهنجي ٻڏتر ۾.
ڏاڍ جيڪو ڪرين، ڪري وٺ ’جوش‘!
ليکو هت ٿيو يا ٿيندو محشر ۾.


غزل
ڇا ٿئي ها جيڪڏهن مون وٽ اچي ها،
ڪوئي سپنو ائين به ساڀيا ٿي پوي ها!
آيلن کي هن کِلي کيڪاريو پئي،
ڪاش! مون ڏي ڀي ائين مرڪي ڏسي ها.
سونهن ۽ سرهاڻ هن ۾ ايتري هئي،
ٽهڪ ڏئي ها هلڪڙو ڇُلڪي پوي ها.
آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي کليائين،
ڪاش! مون ڏي ڀي ائين ڏسندي کلي ها.
چاهه چنڊ ۾ جيئن چڪور ٿيو آ چريو،
چهرو ڏسندي من به چريو ٿي پوي ها.
واءُ ساڄو ڪو نه گھليو ورنه ’جوش‘!
پنهنجي
ڪشتي ڀي ڪناري سان لڳي ها.

غزل
ڪيو رُسوا خوشامد آ وفا کي،
حڪيمن جيئن ڪيو آهي شفا کي.
سَرِ - بازار آ جلوَن جي دعوت،
ڏسو اڄڪلهه جي فيشن جي فضا کي.
اندر ڪارو، چپن تي مرڪ مٺڙي،
ملي ٿو مانُ اهڙي آشنا کي.
وڌي وئي آهي اڄڪلهه جِي حضوري،
مفادن لئه ملائن ها ۾ ها کي.
سفارش جي هجي ڪا زور واري،
نه ٿو ڪوئي ڏسي پوءِ ڇو ۽ ڇا کي.
اقربا پروري جو ڪرشمو ڏِس!
هيو نا
اهل پهتو نارَسا کي.
ڪيئي معصوم ٿا ڪسجن ڏهاڙي،
وري دهرائجي ڪرب و بلا کي.
وري منصور ڪو چڙهيو آ سُوري،
وري ڪاوڙ چڙهي آ ڪنهن مُلا کي.
صبر ڪر ’جوش‘ ايندو نيٺ وارو،
ڇڏي تون ابتدا، وٺ انتها کي.


غزل
چڙهندڙ سج جي پوڄاريءَ کان پاسو ڪر،
ڪينسر جهڙي بيماريءَ کان پاسو ڪر.
دل جي اندر هڪڙي، ٻاهر ٻي ٻولي،
اهڙي منافق جي ياريءَ کان پاسو ڪر.
دلداري جي آڙ ۾ جو آزار ڏئي،
اهڙي دوست جِي دلداريءَ کان پاسو ڪر.
پيار گناهه جي حد ٽپي بد راهه ٿئي،
بيشڪ اهڙي بدڪاريءَ کان پاسو ڪر.
ارڪو ترڪو جيڪا جلائي خاڪ ڪري،
اهڙي چاهه جي چنگاريءَ کان پاسو ڪر.
ڪنهن جي دل آزارڻ جهڙو ڏوهه نه ٻيو،
دوست! سدا دل آزاريءَ کان پاسو ڪر.
مُورَ ڏيڻ کان پوءِ به وڌندو وياج وڃي،
وياج جي اهڙي واپاريءَ کان پاسو ڪر.
مختاريءَ تي ڇڙواڳي جي ڇاپ لڳي،
تون اهڙي خودمختاريءَ کان پاسو ڪر.
چال نه جنهن جي توکي سمجھ ۾ ’جوش‘ اچي،
شطرنج جي ان کيڏاريءَ کان پاسو ڪر.


نظم
آ ساڳيو عڪس اکين ۾ بَرن جو،¨
سفر سَولو ڪٿي هو سافرن جو.
ستارن ساٿ سان گڏجي هليا ها،
ٺڪاڻو ڪو نه هو ڪو بي گھرن جو.
هئي صحرا ئي صحرا سڃ ساري،
نه هو ڪوئي نشان پنڌ پيچرن جو.
نه وڻ ٽڻ هو، نه ڪو ديوار سايو،
تصور ڀي نه هو ڪو ڇانورن جو.
پري کان ڄڻ هيون دريا جون ڇوليون،
جي وڃ ويجھو ته نظارو برن جو.
اکين کي رُڃ ڏاڍو ورغلايو،
هتي هو امتحان کوٽن، کرن جو.
جبل ۽ دشت جهاڳي پار پياسون،
اچي ويو انت ڏکين ڏونگرن جو.
جي منزل کي رَسڻ ٿو ’جوش‘ چاهين،
نه ڪر ويساهه ڪُوڙن آسرن جو.



¨  1957ع ۾ پيادل حج تي ويندي سفر جي وارتا جو عڪس بيان ڪيل.

No comments:

Post a Comment