31/05/2013

شهيد راڻيءَ بابت ٽي اهم ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



منهنجي لاءِ مارو رنا ڪيئن نه هوندا!
شهيد راڻيءَ بابت ٽي اهم ڪتاب
  رکيل مورائي
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي وڏي يونيورسٽيءَ ۾ گذريل سال جوڙيل شهيد محترم بينظير ڀٽو چيئر پاران الڳ الڳ موقف تي ڪي پروگرام ته رکيا ويا آهن، پر چيئر جو بنيادي ڪم آهي، محترمه جي باري ۾ مختلف رخن کان تحقيق ڪرائڻ، جنهن سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙو ڪم تيزيءَ سان ملڪ اندر توڻي ملڪ کان ٻاهر تيزيءَ سان هلندڙ آهي، جنهن تحت ڏيهي توڻي پرڏيهي ڪجهه اسڪالر محترمه بابت ريسرچ ۾ رڌل آهن. هن چيئر جو ڊائريڪٽر پروفيسر اعجاز قريشي صاحب آهي، جيڪو ڀانيان ٿو ته چيئر لاءِ هڪ سڀاڳ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته پروفيسر اعجاز قريشي، تعليم سان لاڳاپو رکندي به هو سنڌ ۽ سنڌي ادب کي هڪ ليکڪ، هڪ مرتب ۽ هڪ مترجم طور نهايت گهڻو ڏيئي چڪو آهي. هو هڪ عالم ۽ اديب آهي، ان ڪري چيئر پاران جيڪو به هن ملڪ کي جيڪو ڪجهه ڪتابي صورت ۾ ڏيندو، ان جو معيار يقينن مٿاهون هوندو، ڇاڪاڻ ته منجهائي اهڙي ئي اميد ڪري سگهجي ٿي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران جيڪو پهريون اشاعتي ڪم سامهون آيو آهي اهو انهن ٽن ڪتابن جي صورت ۾ آهي، جيڪي ڪتاب شهيد محترمه بابت آهن. ان مان ٻن جو لکندڙ پروفيسر اعجاز قريشي آهي ۽ هڪ ڪتاب جو لکندڙ پ پ جو پراڻو ڪارڪن، ڊاڪٽر مسرت خواجا آهي. هنن ڪتابن مان هڪ ڪتاب اردوءَ ۾ آهي، جنهن جو عنوان آهي ”جينا مرنا عوام ڪي سنگ“ ۽ ٻه ڪتاب سنڌيءَ ۾ آهن، جن مان هڪ جو نالو ”ستارن جهڙي آئيڊيل رهنما“ ۽ ٻئي جو نالو ”جيئن مرڻ عوام سان“ آهي.
ڊاڪٽر مسرت خواجا جو لکيل اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ هن محترمه سان گهاريل وقت جو ذڪر به ڪيو آهي. محترمه جي نظرياتي ۽ شخصي طور ڏنا آهن. ايئن هيءُ ڪتاب هڪ سونهن ڀريو ٿي پيو آهي، جيڪو شهيد محترمه بابت ڪي عڪس دل ۽ دماغ ۾ ڇڏي وڃي ٿو. ڊاڪٽر مسرت خواجه شروعاتي پ پ جي ڪارڪنن مان آهي، جنهن لاءِ شاهه سائين جي لفظن ۾ ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته هن اڪثر ڪارڪنن وانگر ”سرن تي سيڻ نه مٽايا آهن.“ هو اڄ شهيد محترمه ۽ پارٽيءَ سان ساڳيو ئي پيار ڪري ٿو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر جو ٻيو ڪتاب به نهايت خوبصورت آهي. هيءَ ڪتاب اردوءَ ۾ آهي، جنهن جو نالو آهي ”جينا مرنا عوام ڪي سنگ“ هن ڪتاب جو مرتب چيئر جو ڊائريڪٽر پروفيسر اعجاز قريشي صاحب آهي. هن ڪتاب ۾ شهيد محترمه بابت اهي رپورٽون، پريس احوال ۽ صحافين ۽ ٻين ويچاريندڙن جا جائزا آهن، جيڪي 1977ع کان مختلف لڳاتار الڳ الڳ اخبارين ۾ شايع ٿيندا رهيا، جن مان ته اڳ محترمه جي سياسي مستقبل لاءِ رٿائتي جدوجهد جو ڏس ملي ٿو پر محترمه جي پنهنجي عملي جدوجهد جو سفر به پسي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ شهيد راڻيءَ جي سياسي جدوجهد جو سفر به پسي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ شهيد راڻيءَ جي سياسي جدوجهد سندس شهادت تائين جڏهن مڪمل صورت ۾ محسوس ٿي وئي ته ڪيئي ڪتاب جڙي پوندا، پر هن ڪتاب مان مختصر ئي سهي، انهيءَ دور جي سياسي حالتن ۽ انهن حالتن ۾ محترمه جي اڻ ٿڪ جدوجهد جو پتو پوي ٿو، هي سڀ اخباري رپورٽون پنهنجي اصلي حالت ۾ محفوظ ڪري انهن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي، چيئر بنيادي ڪم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ فقط محترمه جون سڀ لکڻيون هٿ ڪرڻ جو مرحلو آهي. هن تي لکڻ جو مرحلو اڃا اڳتي آهي، جڏهن لکيل ۽ ڳالهايل سڀ محفوظ ٿي ويندو ته پوءِ مٿس لکڻ آسان ٿي پوندو. ان ڪري چيئر کي في الحال محترمه کي سهيڙڻ جو ئي ڪم ڪرڻ جڳائي، جنهن سلسلي ۾ شروعاتي ڪم هيءُ ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ شهيد راڻيءَ بابت 37 ليکڪ آهن، جيڪي سندس لازوال جدوجهد جا عڪس ڏيکارين ٿا، اڄ تاريخ اهو سچ ڪري ڏيکاريو آهي ته شهيد راڻيءَ جو جيئڻ به ماڻهن سان، عوام سان هو ۽ هن جو مرڻ به ماڻهن سان/عوام سان گڏ ٿيو، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ پنهنجي شهيد والد وانگر اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي.
پروفيسر اعجاز قريشيءَ صاحب جو هي پورهيو، سندس ذميوارين ۾ ته شامل آهي ئي، پر ان ۾ هن جون محبتون به شامل آهن. شهيد محترمه جي نالي سان جڙيل هن چيئر ۽ ان جي عالم، اديب ۽ وطن دوست ليکڪ ڊائريڪٽر سان اڃا وڌيڪ اميدون لاڳاپيل آهن. هن پڪي جلد واري سهڻي ڪتاب ۾ ٻه سئو ڇهه صفحا آهن ۽ ڪتاب جو مُلهه ٻه سئو رپيا آهي.
چيئر جو ٽيون ڪتاب آهي، ”جيئن مرڻ عوام سان“ هن ڪتاب کي پروفيسر اعجاز قريشي صاحب ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ محترمه جا ڪي خاص انٽرويو آهن. ڪي مضمون آهن ۽ ڪي الڳ الڳ وقتن تي ڪيل تقريرون آهن ۽ ڪي جائزا آهن، جن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني وئي ۽ اهڙو ڪم محترمه جي نالي سان جڙيل چيئر کي ئي ڪرڻ کپندو هو.
هن ڪتاب ۾ جيڪي تقريرون ۽ مضمون ڏنا ويا آهن انهن جو وقت 1984ع کان 1999ع تائين آهي. انهيءَ عرصي ۾ محترمه ٻيون به اڻ ڳڻيون تقريرون ڪيون هونديون. وقت آهي ۽ محترمه جي نالي چيئر به ٺهيل آهي ته ان پاران اهي سڀ ليکڪ ۽ انٽرويو، پريس ڪانفرنسون ۽ تقريرون گڏ ڪيون وڃن، جيئن محترمه جون سڀ لکڻيون گڏ ڪري هڪ سيريز ۾ شاندار ڪتاب شايع ڪرڻ جو ڪم سرانجام ٿي سگهي، جنهن جي شروعات بهرحال محترم اعجاز قريشي صاحب جو هي سهيڙيل ڪتاب آهي جنهن ۾ چڱيون خاصيون لکڻيون گڏ ٿيل آهن، جن کي پڙهي، شهيد محترمه ويچارن جو ته پتو پوي ٿو سندس جدوجهد جو به پتو پوي ٿو پر جيڪا اهم ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي اها آهي سندس سياسي ڏاهپ جي ارتقا! هن ڪتاب ۾ پهرئين تقرير کان پوءِ جيڪا تقرير ڪتاب جي آخر ۾ شامل آهي، اها 1999ع جي آهي، هنن تقريرن مان سلسليوار سندس وڌندڙ سياسي ڏاهپ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هنن ڪتابن مان ٻيو فائدو اهو ٿيندو ته ڪتاب کي پڙهڻ بعد جيڪو به اسڪالر محترمه جي بايوگرافي لکڻ چاهيندو ان کي مستند بايوگرافي لکڻ ۾ هيءُ ڪتاب گهڻي مدد ڪندو. هن ڪتاب ۾ 20 ليک شامل ڪيا ويا آهن. پڪي جلد ۽ محترمه جي سهڻي تصوير واري ٽائيٽل سان هن ڪتاب ۾ هڪ سئو پنجاهه صفحا آهن ۽ ڪتاب جو مُلهه به ڪل پنجاهه رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment